تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

جنريشن X ۽ جنريشن Y

جنريشن يا وهي عام طور ٽيهن سالن جي اندر ڄمندڙن جي گروپ کي چئبو آهي. جيئن ته هر وهي مختلف زمانن ۽ حالتن ۾ پلبي، مشاهدا ۽ تجربا ڪندي آهي، ان ڪري ان جي سوچن، عملن، اوليتن ۽ نفسيات وچ ۾ فرق هوندو آهي جنهن کي اسان Generation Gap (پيڙهي وڇوٽي) سڏيندا آهيون ۽ اها سماج جي اوسر لاءِ ضروري آهي.
اڄڪلهه جنريشن X ۽ جنريشن Y جو وڏو شور آهي، جنهن کي Gen. X ۽ Gen. Y پڻ سڏين ٿا. اڃان ان تي لکڻ جي تياري مس ڪئي ته خبر پئي ته Gen. Z به Gen. Y جي شاخ طور سامهون اچي وئي آهي. اچو ته انهن ٽنهي پيڙهين وچ ۾ فرقن کي سمجهون، جنهن سان اسان کي پنهنجو پاڻ کي يا پنهنجي والدين، پنهنجي ٻارن ۽ انهن جي ٻارن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي. ضروري ناهي ته اهي فرق هوبهو اوهان کي هر وهي ۾ ايئن ئي نظر اچن، ٿي سگهي ٿو هڪ وهيءَ جون ڪي خاصيتون توهان کي ٻين پيڙهين ۾ به نظر اچن، تنهنڪري اسان ٿلهي ليکي انهن جو جائزو وٺنداسين.
Gen. X پاڪستاني آباديءَ جو 15 سيڪڙو آهي.
هي ماڻهو 1960ع ۽ 1979ع وچ ۾ پيدا ٿيا آهن. هن وقت سندن عمر 40 کان 60 سال آهي. اسان جي هم عمرن جو تعلق پڻ ان وهيءَ سان آهي. انهن جي ذهنن تي ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ ملڪن، سرد جنگ ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ عوامي انقلابن ۽ آمريتن جو پاڇو اڄ به ڇانيل آهي. هو نظرياتي بحث مباحثن توڙي اخبارون پڙهڻ ۽ ٽي وي تي خبرن ٻڌڻ ۾ رڌل نظر ايندا. پوءِ اهي سرمائيداري نظام جا وڪيل هجن يا سوشلزم جا، اسلامي انقلاب جا داعي هجن يا قومپرستيءَ جا! هنن کي نظرياتي ideological جنريشن پڻ سڏين ٿا. هنن جو ڌيان ڪتابن ۽ ماڻهن ڏانهن آهي.
سندن سوچ جو محور اجتماعي آهي پوءِ اهو خانداني هجي يا شهري، قومي، ملڪي يا عالمي. انهن جي لاءِ عزت، ڀرم، رک رکاءُ مادي شين کان وڌيڪ اهم آهي. هو ڪچهرين جا ڪوڏيا ۽ مائٽن توڙي دوستن سان ملندي خوشي محسوس ڪندا آهن.
جيئن ته انهن جي زندگي جو گهڻو عرصو گذري چڪو آهي ۽ ڪي ته رٽائرمينٽ جي ويجهو آهن ان ڪري انهن جو محور ماضي آهي. هو توهانکي ماضي جي ڪڙين ڳالهين کي اهڙي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندي نظر ايندا ڄڻ ته اها ماکي جي مانارن سان ٽمٽار هجي. ڪنهن سياڻي چيو آهي ته ماضي گذري وڃڻ کانپوءِ هميشه مٺو لڳندو آهي ۽ ماڻهو ان جي ڪڙاڻ کي وساري ڇڏيندا آهن نه ته سندن زندگي گذارڻ محال ٿي وڃي. هو هر مسئلي جو حل ماضي جي روشني ۾ تلاش ڪندا آهن حالانڪه مسئلا ۽ انهن جي حل جي نوعيت بدلجي چڪي آهي. توهان کي هو ٽيليفون جي لينڊ لائين يا موبائيل تي وڏي آواز ۾ اڄ به ايئن ڳالهائيندي نظر ايندا ڄڻ ته لائين خراب هجي حالانڪه اهڙي ڪا ڳالهه نه هوندي آهي. هو مستقبل بابت غيريقيني ۽ خوف جو شڪار هوندا آهن.
عام طور هو ميرٽ، مقابلي، اسٽيٽس سمبل ۾ يقين رکندا آهن. هنن کي شيون پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي عادت هوندي آهي. هو دڪانن تي وڃي شيون پاڻ پسند ڪري ٺڪي ٺوڪي خريد ڪندا آهن ۽ ٻڪري جي گوشت جي ڪٻي ڪنڊي chest ۽ ران وچ ۾ فرق تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائيندا آهن. هو گهڻو ڪري پيسا ڪڍائڻ يا رکائڻ لاءِ پاڻ بينڪ ويندا آهن ۽ نوٽن کي بار بار ڳڻيندا آهن.
‏Gen. Y پاڪستاني آباديءَ جو 18 سيڪڙو آهي.
جيڪي 1980ع ۽ 1994ع جي وچ ۾ پيدا ٿيا ۽ هن وقت سندن عمر 25 کان 39 سالن جي وچ ۾ آهي، انهن مان جيڪي 2000ع ۾ 18 سالن جا ٿيا آهن تن کي Millennials به سڏبو آهي.
هو Globalization ۽ انٽرنيٽ جي زماني ۾ پيدا يا جوان ٿيا آهن، ان ڪري هنن کي floppy يا entitled generation پڻ سڏين ٿا ڇو ته هنن سندن وڏڙن جي ڪشالن کي نه پر انهن جي محنت سان مليل حاصلات کي ڏٺو آهي. کين شين تي قبضو رکڻ کان وڌيڪ انهن کي استعمال ڪرڻ جو شوق هوندو آهي. هو ڪنهن منزل جي پويان ڊوڙڻ بجاءِ سفر کي ئي پنهنجي منزل سمجهندا آهن. هنن جي دوستي گليل بجاءِ Google سان آهي جيڪو سندن لاءِ حرفِ آخر آهي.
هنن کي ماڻهن کان وڌيڪ مشينن سان دلچسپي هوندي آهي. هو انفراديت ۾ يقين رکن ٿا، ان ڪري انهن کي .me me Gen به سڏجي ٿو. هنن کي گهمڻ ڦرڻ، مختلف ملڪ ڏسڻ ۽ app هلائڻ ۽ ٺاهڻ جو شوق هوندو آهي. هو اخبارون ڪتاب پڙهڻ، ٽي وي تي خبرون ڏسڻ يا ڊگهيون ڪچهريون ڪرڻ جا شوقين هرگز نه هوندا آهن. سندن وڏا کين سست، ننڊاکڙا پڻ سڏيندا آهن پر هنن جو محور هميشه پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ هوندو آهي. هو ڪنهن به شيءِ مان جلدي مطمئن نه ٿيندا آهن. سندن ڪنهن به شيءِ يا ڳالهه تي ڌيان فقط 12 سيڪنڊن تائين ٽڪندو آهي.
هنن جو محور ماضي بجاءِ حال هوندو آهي، ان ڪري هو خرچائو هوندا آهن ۽ بچت جي عادت کان وئون ويندا آهن. جيئن ته سندن عمر جو گهڻو حصو اڃان گذرڻو آهي ان ڪري هو پر اميد هوندا آهن. هو بينڪاري توڙي خريد ۽ فروخت انٽرنيٽ جي ذريعي ۽ فلمون سينيما تي وڃڻ بجاءِ Netflix تي ڏسندا آهن. هو ماضي ۽ مستقبل کان بي فڪر هوندا آهن.
Gen. Z پاڪستاني آباديءَ جو 62 سيڪڙو آهي.
هي اهي ماڻهو آهن جيڪي 1995ع کانپوءِ پيدا ٿيا ۽ هن وقت سندن عمر 24 سالن تائين آهي. هنن کي iGeneration پڻ سڏبو آهي. هو انٽرنيٽ ۽ YouTube جا شيدائي هوندا آهن. کين سراسري طور 10.5 سالن جي عمر ۾ سمارٽ فون ملندي آهي ۽ روزانو 3.5 ڪلاڪ سندن نظر ان تي ئي ٽڪيل رهندي آهي، ان ڪري هنن کي اسمارٽ فون يا Tablet Generation به چوندا آهن. هو حقيقت پسند، بي حجاب، آزاد، آدرشي، خوش اخلاق، خوش گفتار، جاکوڙي، خوددار، اخلاقيات ۽ curious يعني سچ جي ڳولا ۾ هوندا آهن. هو بي انتها متحرڪ ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪنگ ۾ ماهر هوندا آهن. هو هڪٻئي سان لکت ۾ گفتگو texting ذريعي معاملن کي حل ڪرڻ کي پسند ڪندا آهن ۽ کليل دماغ جا هوندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي نظرين ۾ قيد ڪرڻ کان پري ڀڄندا آهن. هن پيڙهي کي تصوراتي idealist پيڙهي به سڏين ٿا. هو ليڊر بڻجڻ چاهيندا آهن، diversity ۾ يقين رکندا آهن ۽ ذميوار هوندا آهن.هو پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيهندا آهن. هنن جي تيزي ڪري کين اسٽيرائڊ تي هلندڙ ملينيلز به چيو ويندو آهي، سندن ڪنهن شيءِ تي ڌيان فقط 8 سيڪنڊن تائين ٽڪيل رهندو آهي.
هو جنسي مت ڀيد تي يقين ڪونه رکن، سندن خيال ۾ ٻنهي جنسن جي لباس ۽ اٿڻي ويهڻي ۾ فرق نه هجڻ گهرجي. هو قرض کڻڻ کان وئون ويندا آهن. هنن جو محور هو خود پاڻ هوندا آهن. هو خريداري يا ڪنهن به فيصلي کان پهريائين انٽرنيٽ تي مختلف آپشنز کي چڪاسيندا آهن. هو نوڪري بجاءِ پنهنجي ڌنڌي کي اوليت ڏيندا آهن. هو خوش ۽ مطمئن هوندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن بي صبرائي سبب مايوسي جو شڪار به ٿي ويندا آهن. هن وهي جي معلومات جا بي پناهه وسيلا آهن ۽ معلومات جي ان سمنڊ ۾ ترڻ لاءِ کين رهنمائي جي ضرورت پڻ پوندي آهي.
جيئن ته پاڪستان ۾ tele density وڌندي پئي وڃي، ان ڪري مٿيان فرق اوهان کي هوبهو ايئن نظر نه ايندا. Gen. X وارا به سمارٽ فون تي ٻارن وانگر رڌل ۽ اوطاق بجاءِ فيس بوڪ تي توهان کي دوستيون ٺاهيندي، خريداري ۽ بينڪنگ انٽرنيٽ ذريعي ڪندي نظر ايندا. ٻيو ته ٺهيو جي “تو دلڙي يار ڌتاري پر ڪانه ڪيئي پوئواري” YouTube تي هلندي ٻڌندا ته ايئن جهومندا ڄڻ ته چاٻي واري پراڻي فوني تي رڪارڊ چڙهيل هجي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته Gen. X پنهنجي نئين نسل جي نه فقط کليل دل سان ڳالهه ٻڌي ۽ سمجهي پر کانئن سکڻ جي به ڪوشش ڪري، جيئن Alwin Tofler چيو آهي ته، “ايڪويهين صديءَ ۾ اڻپڙهيل اهو آهي، جيڪو پراڻي ڄاڻ کي وساري ان جي جاءِ تي نئون سکڻ کان انڪار ڪري ٿو.” دنيا جي وڏين ڪمپنين ۾ به اڄڪلهه يونيورسٽين مان تعليم مڪمل ڪندڙن کي جڏهن کنيو ويندو آهي تڏهن سينيئر مينيجرن کي چيو ويندو آهي ته اهي انهن نون سيکڙاٽن کان سکن يعني reverse mentoring ڪن. اچو ته اسان به ڪجهه پراڻا سبق وساري پنهنجين نئين پيڙهين کان سکون ۽ 21هين صدي ۾ پڙهيل سڏرائڻ جي قابل ٿيون.

Bookmark the permalink.

2 Responses to جنريشن X ۽ جنريشن Y

  1. Dr Ayoub Shaikh says:

    Wonderful . new. enriching. way forward

  2. imtiaz tunio says:

    A brief insight into gen gap… And guidance to understand different age groups.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *