تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

جمهوريت تي راتاهي جو ڏينهن

پاڪستان 73 سالن جو سفر طئي ڪندي ڪيترين ئي مصيبتن ۽ مشڪلاتن مان گذريو آھي.جھموريت جي نالي تي ٺڳيون ۽ دولاب ڪري ماڻھن جي ووٽن ۽ مرضي کي ڪجهه طاقتور سدائين استعمال ڪندا رهيا.قائد جي فلاحي رياست کي لڳ ڀڳ پنجٽيھن سالن تائين آمريتن جي ساھه منجھائيندڙ ۽ تاريڪ دور مان گذرڻو پيو آھي.دنيا ۾ مختلف قسم جون حڪومتون ڪم رھيون آھن ڪٿي جھموريت آھي ته ڪٿي صدارتي نظام ته وري ڪافي ملڪن ۾ بادشاھي نظام مروج ٿيل آھي.اسان جڏھن پنھنجي ملڪ جي تاريخ کي ورجايون ٿا ته ورھاڱي کان پھريان ھتان جي مسلمانن ھڪ آزاد جھموري ملڪ جي لاءِ پتوڙڻ شروع ڪيو ته جيئن فرد پنھنجي سياسي، سماجي، مذھبي زندگي آزاداڻي نموني گذاري ملڪي ڪاروھنوار ۾ عملي ڪردار ادا ڪري سگھن. جھموري نظام سڀ کان پھريان يونان ۾ شروع ٿيو جتان وڌندو ويجھندو دنيا جي ٻين ملڪن تائين پھتو.جھموري نظام ۾ اڪثريتي ڌر سياسي ميدان ماري ملڪ جون واڳون سنڀاليندي آھي.اھا جڙيل حڪومت شھرين جي بنيادي حقن ۽ قدرن جو احترام ڪرڻ سان گڏ کين ھر قسم جي آزادي فراھم ڪندي آھي ته جيئن  شھري پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگھن.اسان جي ملڪ ۾ جھموري نظام ڪيترو مضبوط آھي ان جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڪستان جي آزادي  جي نون سالن بعد آئين جڙيو.يارنھن سالن بعد پھرين مارشل لا لڳي.ايڪيھن سالن بعد ماڻھن کي ووٽ جو حق مليو.1947ع کان 1956ع تائين مختصر نون سالن ۾ ڇھه کان ست حڪومتون بدليون.ملڪ جي پھرين وزيراعظم کي شھيد ڪيو ويو.انھي سموري صورتحال ۾ جھموريت وڌي ويجھي نه سگھي.پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھن وقت تائين ملڪ ۾ چار مارشل لائون مڙھيون ويون آھن.پھرين مارشل لا جنرل ايوب خان 7 آڪٽومبر 1958ع تي لڳائي، ٻي مارشل لا 25 مارچ 1969ع تي جنرل يحييٰ خان طرفان مڙھي وئي، ٽين مارشل لا جنرل ضياءُ الحق 5 جولاء 1969ع تي لڳائي. جڏھن ته چوٿين مارشل لا جنرل پرويز مشرف 12 آڪٽومبر 1999ع تي لڳائي .اھي سموريون ماشل لائون ڪمزور سياسي نظام، سياسي ماڻھن جي پاڻ ۾ ڄنڊاپٽ انفرادي فائدن جي حاصلات ۽ بيوروڪريسي جي حڪومتن ۾ مداخلت جو جواز ڄاڻائي مڙھيون ويون.1970ع جي اليڪشن ۾ اولھه پاڪستان مان ذوالفقار علي ڀٽي 83 سيٽون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏھن ته اوڀر پاڪستان مان عوامي ليگ جي سربراھ شيخ مجيب الرحمان 167 سيٽون حاصل ڪري شاندار ڪاميابي ماڻي.
1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ لڳي جنھنڪري اوڀر پاڪستان 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش جي نالي سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو.ملڪ جي ٻه اڌ ٿيڻ بعد ذوالفقار علي ڀٽو پھريان پاڪستان جو سولين چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ملڪ جو چوٿون  صدر بڻيو.14 آگسٽ 1973ع تي ملڪ ۾ ٽيون آئين لاڳو ٿيو ته ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي نائين چونڊيل وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو.ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي دور ۾ ادارن کي نيشلائيز ڪيو.ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو .دنيا جي ملڪن خاص طور پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪيا ويا.1974ع ۾ لاھور ۾ ٻي اسلامي سربراھي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.ھارين ۽ مزدورن جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ مختلف پروگرام متعارف ڪرايا ويا.نوجوانن کي ملڪي معاملن ۾ شامل ڪيو ويو.انھن سمورن انقلابي قدمن سبب ذوالفقار علي ڀٽي جي شھرت ۾ بيپناھه اضافو ٿيو.ذوالفقار علي ڀٽي پنھنجي اقتدار جو مدو پورو ڪيو.
1977ع ۾ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو.پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ نو مختلف سياسي پارٽين پي اين اي (پاڪستان نيشنل الائنس) جي نالي سان اتحاد قائم ڪري چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو.انتخابي مھم کي ڏسي تجزيانگارن جو خيال ھو ته پي اين اي اليڪشن آساني سان کٽي ويندي پر جڏھن اليڪشن جا نتيجا ظاھر ٿيا ته پاڪستان پيپلزپارٽي 155 سيٽون حاصل ڪري ھڪ وڏي ڪاميابي پنھنجي نالي ڪري ورتي. جڏھن ته پي اين اي صرف 36 سيٽون حاصل ڪري سگھي.نتيجن اچڻ بعد پي اين اي پاڪستان پيپلزپارٽي تي ڌانڌلين جو الزام لڳائي چونڊون ھڪ دفعو ٻيھر ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.جڏھن ته ڀٽي صاحب چونڊن کي صاف شفاف قرار ڏيندي حڪومت ٺاھڻ جو اعلان ڪيو.ان معاملي تان پاڪستان ۾ ھنگامي حالتون اڀري آيون .پي اين اي ملڪ ۾ جلسا جلوس ۽ ريليون ڪڍڻ شروع ڪيون.روڊ رستا بلاڪ ڪيا ويا.شھرن کي بند ڪيو ويو.ماڻھن کي ٽيڪسن ڏيڻ کان روڪيو ويو.ايئن ڏسندي ڏسندي حالتون قابو مان نڪري ويون.ڀٽو صاحب ڳالھين تي راضي ٿيو.ڳالھيون ھلندڙ ئي ھيون ته ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ضياءُ الحق 5 جولاء 1977ع تي  ملڪ ۾ ٽين مارشلا مڙھي تقرير تحرير تي پابندي ھڻي ڇڏي ۽ ملڪ ۾ نوي ڏينھن بعد اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو .ان اعلان تي يارنھن سالن تائين عمل نه ٿي سگھيو.مارشل لا سرڪار ذوالفقار علي ڀٽي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ورڪرن کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.جڏھن ته 29 جولاءِ تي ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو.ڀٽي صاحب آزادي بعد ملڪ جو طوفاني دورو شروع ڪري وڏن ميڙاڪن کي خطاب ڪيو.حڪومت مٿس ناراض ٿي ٻيھر 3 سيپٽمبر تي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.مٿس محمد احمد خان  قصوري جو قتل ڪيس مڙھيو ويو.جسٽس مولوي مشتاق احمد جي سربراھي ۾ ڪيس ھليو.ڪيس جو فيصلو ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاھي جي صورت ۾ ظاھر ٿيو.پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاھي تي لٽڪايو ويو.ھي سڄو منظرنامو سوچيل سمجھيل سازش طور ٿيندو رھيو.عوامي راءِ کي پاسي تي رکي هڪطرفا فيصلا مڙھيا ويا جنھن ڪري احساس محرومي جو عنصر وڌيو.ماڻھو سياسي سماجي ڌارا ۾ شامل نه ٿي سگھيا.مُني صدي گذرڻ جي باوجود به اسين  اڳتي وڌڻ بدران پستي ڏانهن وڌي رهيا آھيون.جنھن ڪري ترقي جي ڊوڙ ۾ اسان دنيا جي ملڪن کان ڪوھين ڏور بيٺا آھيون.اڄ به جيڪڏھن ادارن کي مضبوط ڪري عوامي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ۽ عام ماڻھن کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جھموريت وڌڻ ويجھڻ شروع ڪندي.جنھن جو نتيجو ملڪ جي ترقي جي صورت ۾ ظاھر ٿيڻ شروع ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *