تازا ترين
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

جديد دور ۾ غلامي جا نوان ڍنگ

جڏھن هن ديس جا غريب ۽  بي سهارا  ماڻھو  مقتولن  جا لاش روڊن تي رکي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻا  هڻندا هجن،  جڏھن  هن ديس جي گلين ۾  گمنام محبت جون اوڇنگارون گونگيون رهنديون  هجن ،جڏھن چيٽ جون چانڊوڪيون وسامندڙ ڏيئي جيان ڌنڌليون ٿي وڃن ،جڏھن انسانيت جو درد  دلين مان موڪلائي ويو هجي، جڏھن قومي ڪارڪنن جون مائرون سندن پيارن جا فوٽو کڻي  سندن اچڻ جي اوسيئڙي ۾ ڊگهي اوجاڳي ۾ گذارينديون هجن ۽ جڏھن سماج ننڊ وڏاين ۾ گهڻو بدلجي چڪو هجي  ته ان وقت ان ساري پيڙا واري منظر کي ڏسي  ذھن تي ڪجھه سٽون تري اينديون آھن ،
سٺي مٽي ،خراب مٽي ،
پر مٽي ته مٽي  آھي ،
جا ڪڏھن به نه ڦٽي آھي
جا وڻ ڦٽائي ،گل مهڪائي ،
۽ خوشبو ڦھلائي ٿي،
ڇنن ڇنن ڇن ،
رقص رچائي ،
دليون نچائي ٿي ،
جا گهوڙيسوار ڊوڙائي ،
رڻ گجائي، جنگ مچائي
پاڻ جيئي ۽ پاڻ مري 
پاڻ ٻڏي ۽ پاڻ تري
پر مٽي ته مٽي آھي
آئون اهو ٻڌي  ۽ ڏسي ڏڪي ٿو وڃان ته وارياسي علائقي جي هڪ گمنام پورهيت کي هڪ طاقتور شخص زمين تان لڏائڻ جي معاملي تان قتل ڪري ان کي خودڪشي جو رنگ ڏيئي ڇڏيو ۽ مقتول جا وارث انصاف لاءِ دانهيندي دانهيندي آخر اتان لڏو کڻي ڪنهن ڏورانهين هنڌ ھليا ٿا وڃن. اهو مقتول دراوڙ نسل مان هو شايد ۽ هن جوڏوهه اهو هو ته هن جو ڌرتي سان صدين جو  ناتو هو جيڪو هن ڇنڻ نه ٿي چاهيو ۽ هو هن ڪٺور سماج جا ڏنل سارا زخم کائيندو  نسل در نسل زندگي جو سفر ڪندو ٿي آيو. هو جيئڻ جا جتن ڪندي ڪندي نيٺ ھن طاقتور سماج اڳيان زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. جنهن مرڻ کانپوءِ سنگ لحد تائين جو سفر به هڪ ڇنل کٽ تي چند چهرا لٿل گهٻرايل ماڻهن جي ٿڪل ڪلهن تي ڪيو. اهو شايد ان ڪري جو هن سماج  جي خيال ۾  هن جي مٽي ڪاري هئي ، هن جنهن ڪٽنب ۾ اکيون کوليون ان ڪٽنب ٽي ويلا پيٽ ڀري به نه ٿي کاڌو ، هن وٽ ڪو به سٺو گهر نه هو. هو هن سماج جو  هڪ جيتامڙو انسان هو ، جنهن کي قاتل قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏنو.
ڪجھه سال اڳ ڀورو ڀيل نالي هڪ شخص جو به لاش دفنائڻ بعد قبر مان کوٽي ٻاهر زمين تي  ان ڪري ڦٽو ڪيو ويو هو جو هو به انتهائي غريب ۽ قديم دراوڙ نسل سان تعلق رکندڙ ھو ، اها انساني لاش جي نه پر انسانيت جي تذليل هئي.
انساني سماجن ۾  ڪيڏيون ن ننڍ وڏايون پيدا ڪيون ويون آھن انسان جي پيدائش به هڪ جهڙي ۽ موت به ساڳيو  پوءِ مزدور ۽ پورهيت انسانن سان سماج ۾  اهڙو سلوڪ ڇو ؟
مون کي اوچتو هڪ  ياد ڪتڪتائون ٿي ڪري. هڪ ڏينهن پاڙي ۾   پوڙهي هاشو جي گهر چڪ تي ٺھندڙ مٽي جا ٿانو ڏسي رهيو هوس، ڪکائين  گهر ۾  ننڍڙي ورانڊي جي هڪ پاسي ان جي گهر واري ته ٻئي پاسي کان  پوڙھو هاشو  مٽي جا ٿانو ٺاهي رهيو هو ، ٺھيل ٿانو به مختلف هنڌن تي رکيل هئا ، پوڙهو چڪ به هلائي رهيو هو ته سخت گرمي سبب نرڙ تان مٽي هاڻن هٿن سان پگهر به اگهي رهيو هو. پڇڻ تي ٻڌايائين ته مٽي جي سٺن ۽ خراب ورقن سبب ٿانو به  سٺا ۽ وچولا ٿين ٿا. مٽ ، دلا ، گهڙوليون ، پاٽيون ،  ۽ ٻيا ٿانو  ٺاهيندي هاڻي  ٿڪي پيو آھيان ،
پوڙهو هاشو  ڪنڀر هاڻي ته هن دنيا ۾ نه رهيو آھي ۽ نه ئي مٽي جا پنوڙا ۽ دکندڙ آوي ان ساڳئي هنڌ تي موجود آھي. هاڻي ته ڇٽڙي نالي ان قديمي ڳوٺ ۾  سندس گهر اڳيان  ڀرندڙ ٺڪرن ۽ ڀترن جا ٽڪر ئي نظر اچن ٿا. سندس اها ڳالھه  ته ڪاري مٽي ۽  اڇي مٽي جا ٿانو جٽاءُ ۾  هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿا  ۽  انهن جو اگھه به گهٽ وڌ ٿئي ٿو ، سندس چيل اها ڳالھه ھاڻي ڪهڙي نه معنيٰ خيز  لڳي رهي آھي
خبرناهي ته هن دنيا ۾  هڪ جهڙن  انسانن جو  اگھه ڇو گهٽ وڌ رهيو آھي ؟ ۽ ماڻھو  سندن ضمير جو سودو  ڇا جي ڪاڻ  ڪن ٿا.
جڏھن دنيا ۾ غلامن جو وڪرو عام جام هو ته ڪارن غلامن کان گورن غلامن جو اگھه وڌيڪ هو ، جيتوڻيڪ ڪارن غلامن جي ڀيٽ ۾ گورا غلام بنھه گهٽ ھئا پر هڪڙو دور اهو به هو جنهن ۾  حضرت يعقوب جو سڪيلڌو پٽ حضرت يوسف به  غلامن جي بازار ۾ آڻي وڪرو ڪيو ويو . ھاڻي ھن جديد دنيا ۾  جيتوڻيڪ سر بازار غلامن جو ته وڪرو ڪو نه ٿو ٿئي پر ماڻھن جي خريداري  پوءِ  به ٿيندي پئي رهي آھي. وڏن شھرن توڙي ٻھراڙي جي علائقن مان بيواهه ڇوڪريون  شاهوڪار ماڻھو خريد ڪري انهن سان شاديون ڪن ٿا. اسيمبلين ۾  چونڊيل نمائندا  وزير اعظم ، صدر ،  سينيٽ چيئرمين  يا وري اسپيڪر جي چونڊ دوران  سگهاريون ڌريون خريد ڪري وٺنديون آھن   يا هو خوشي سان  وڪامي ويندا  آھن  ۽ اهڙين حالتن  ۾ ڪيترائي چونڊيل نمائنداپنهنجي پارٽي بدلائي اقتداري پارٽي ۾ شامل ٿيندا آھن. فراڊي ماڻھو  پڙهيل لکيل بيروزگار نو جوانن کي ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪرين جو آسرو ڏيئي ان ملڪ جي ماڻھن کي غلام طور وڪڻي ڏيندا آھن. اهڙي طرح سان  پورهيت طبقي جي انسانن جو هر دور ۾ استحصال ڪيو وڃي ٿو ، ڪڏھن کين بي بنياد تهمتون مڙهي قتل ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏھن کيس غلام بنائي جبري پورهيو ورتو  وڃي ٿو .
هڪ فقير  جنهن جو نالو  سومار هو ياد اچي رهيو آھي جيڪو هميشه  پير اگهاڙا ڪري جهنگ ۾ اٺن جي وڳ سان پيو هلندو هو،  ڪڏھن ڪڏھن ميدان تي اڏيل سندس مڙھي ۾  رات ٽاڻي  مچ ٻاري ويٺو هوندو هو ، هن سان پاڻي جو دلو ۽ اوٺو  کير  ساڻ ھوندو هو ، ڇڻين جي موسم ۾ جڏھن تيز واهوندي جون هوائون لڳنديون هيون ۽ واچوڙا ۾   ڪچن گهرن ۾ به   وهڻ نه ڏيندا هئا ته ان وقت فقير صحرا ۾  اڏيل سندس جهوپڙي ۾ گهڙي پل  لاءِ اک ڪوسي ڪندو هو ۽ وسندڙ دز  سندس چھري تي  ڄمي ويندي  ھئي   سندس اڇي ڏاڙهي ،مٿي جي وارن ۽ ڪنن ۾  ڄميل  مٽي ڏسڻ   سان هو ڀڀوت لڳندو هو ، جيڪڏھن ڪنهن ماڻھو چيس ته فقير منهن ڌوئي ڇڏ،  مٽي ڄمي ويئي آھي ت فقير چوندو هو ته بابا هي پتلو سارو مٽي جو آھي ان تان مٽي ڌوئي  ڇا ڪبي ؟
آئون يادن جي ڏوري کي پشم ڪتيندڙن جي ڏورين وانگر ويڙھي پٺتي موٽان  ٿو ۽  سماج ۾ موجوده صورتحال تي سوچيان ته مٿو چڪرائجي ٿو  وڃي.  ھن وقت  اها صورتحال اچي بيٺي آھي جو پورهيت ۽ بي  سهارا ماڻھو انصاف لاءِ  ٻاڏائيندي ٻاڏائيندي مري ٿا وڃن ۽  هن سماج ۾ سندن  ڪير به ٻڌڻ  وارو نه  آھي. اسان جي سماج ۾ رپورٽ ٿيندڙ  يا رپورٽ کان رهجي ويندڙ پورهيت ماڻھن  جي قتلن ۽ مٿن بلا جواز تشدد   سان نه ته ڪو سنڌ کي لوڏو  ايندو آھي ۽ نه ئي ڪو دنيا جو وهنوار ٺپ ٿيندو آھي ليڪن اهڙن واقعن ٿيڻ سان سماج مان انصاف  جي اميد ختم ٿي رهي آھي۽  بر بريت  ڦھلجندي ٿي وڃي.اسان  جي سماج ۾ ڪيترائي پورهيت ماڻھو سندن جائز حق گهرڻ تان تشدد جو شڪار ٿين ٿا يا وري ڳجھه ڳوهه ۾ قتل ٿي وڃن ٿا ، جن  جو نه ڪو داد  ۽ نه ئي فرياد  ٿئي ٿو . تشدد ذريعي يا وري قتل ڪيل اهڙا ڪيئي ماڻھو خاموشي سان دفن به ٿي ويندا آھن. اسان جيستائين سماجي ڏاڍاين ، نا انصافين ، جهالت ۽ ٻين براين کي ختم ڪرڻ ۾  ڪامياب نه ٿا وڃون ، تيستائين اسان وٽ  انسانيت جي احساس جو تصور ئي موجود  نه ٿو رهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *