تازا ترين
  • *سرهاڙي پوليس پاران عدالتي حڪم تحت ڳوٺ ڪشو مري تي ڇاپو هڻي ڀيل برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو*
  • ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران شهباز قلندر، شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ عبدالله شاھ غازي جون درگاهون کولڻ وارو فيصلو واپس*ڪراچي: اوقاف کاتي جي اختيارين سميت سنڌ سرڪار مجموعي طور تي 80 درگاهون کولڻ بابت فيصلو نه ڪري سگھي*
  • درگاهه قلندر لال شهباز کي اڍائي مهينن کانپوءِ کولڻ جون تياريون مڪمل، مزار جي صفائي ڪئي وئي*قلندر لال شهباز جي مزار سڀاڻي صبح 6 وڳي کان زائرين لاءِ کولي ويندي، شام 6 وڳي مزار جا در بند ٿي ويندا*سيوهڻ: قلندر جي نگريءَ ۾ ايندڙ زائرين لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي آهي: اوقاف کاتي جو چيف ايڊمنسٽريٽر*
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن معصوم ٻارڙي سميت3ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *رولو ڪتن 5 ورھين جي ھرديش ڪمار، عاشق حسين ۽ سوائي کي ڏاڙهي زخمي ڪيو *زخمين کي سول اسپتال مان ويڪسين ڪرڻ بعد گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *نواب ولي محمد ويجهو بجلي جي تارن مان چوپائي مال جي واڙي کي باهه لڳي وئي *ڳوٺ خدا بخش لاشاري ۾ باهه سبب 50 مڻ بهه سڙي ويو *فائر برگيڊ عملي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کي بچائي ورتو*
  • *سيراڻي ويجهو نوجوان ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ فريد چانگ ۾ اسلم چانگ ٿريشر جي پٽي ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ *
  • *دادو ۾ گيسٽرو وگهي عورتن، ۽ ٻارڙن سميت 30 ڄڻا اسپتال ڀيڙا *اسپتال ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب داخل مريضن کي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو*
  • *جاتي: 12 ڏينهن اڳ سم نالي مليل پوليو ورڪر افضل جت جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي * افضل جت جي قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻا گرفتار، پڇاڳاڇا جاري*
  • *انجڻ جي رن وي تي لڳڻ جا اطلاع پائلٽ کي نه ڏيڻ هڪ سواليه نشان آهي: پالپا ترجمان*
  • *جهاز حادثي جي جاچ کي غلط رنگ ڏئي اصل ڪردارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: پالپا*
  • *نوابشاهه ۾ گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف ٽرانسپورٽ اڳواڻن جو احتجاجي مظاهرو ڪيو *گاڏين جا ٽائر بيهڻ سبب سڙي ويا، لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: اڳواڻ *سڀاڻي تائين گاڏيون هلائڻ جي اجازت نه ملي ته نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين: اڳواڻ*
  • *مقصودو رند ويجهو روڊ حادثي جي زخمي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 2 ٿي ويو* عيد رات ٻن موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر دوران خادم مڱريپوٽو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿيا هئا* زخمين مان مختيار رند نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو*
  • *ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو، وڌيڪ 3ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي فوت*
  • *مديجي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل شخص فوت، وارثن جو احتجاج، قبو سعيد خان ۾ جهيڙي ۾ 13 ڄڻا زخمي*

جديد دور، ٽيڪنالاجي ۽ ڪجھه خدشا

1940ع ۾ آئي بي ايم مارڪ ون ڪمپيوٽر کي مارڪيٽ ۾ آڻي ماڻهن کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊجيٽل دور جي شروعات ڏانهن هڪ قدم کنيو. اهڙي طرح 1960ع کان پوءِ ڪميونيڪيشن کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍي انفرميشن ٽيڪنالاجي جي شروعات ڪئي وئي. انهي دور ۾ ايلن ٽيورنگ انٽيليجنٽ مشين جو خيال پيش ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس يا هٿراڌو ڏاهپ جو بنياد وڌو. ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيش جي ترقي جي ڪري ڊجيٽل ايج يا دور جي شروعات ٿي. مختلف قسم جا ادارا پنهنجو ڪم ڪمپيوٽر ذريعي ڪرڻ لڳا. آئي سي جي ايجاد ته دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ان سان ڪمري جيڏيون وڏيون ڪمپيوٽر مشينون ننڍڙين مشينن ۾ تبديل ٿي ويون. 1970ع واري ڏهاڪي کان پوءِ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر وجود ۾ آيا جن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کي تيز ڪري ڇڏيو. 1990ع کان پوءِ انٽرنيٽ پوري دنيا لاءِ عام ڪئي وئي جنهن دنيا ۾ هڪ نئون دور پيدا ڪيو جنهن کي ڊجيٽل دور چئجي ٿو. اهڙي طرح بين الاقواميت جو دور عالمگيريت جي دور ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو. ڊجيٽل دور اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيدا ڪيو.
هاڻوڪي ٽيڪنالاجيڪل دور دنيا کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ترقي ۽ مختلف قسم جي تبديلين جو هڪ اهم ڪارڻ ٽيڪنالاجي به رهي آهي. ٽيڪنالاجي مختلف دورن ۾ مختلف طريقن سان استعمال ٿيندي رهي آهي تنهنڪري هن کي صرف هاڻوڪي دور تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. اها ٽيڪنالاجي سنڌ ۾ ڦيٿي يا ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي ياڊرينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ، پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنالاجي جو مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. ٽيڪنالاجي جتي سفري مسئلن کي حل ڪيو آهي، اتي انساني ٻولين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ٻولين جي استعمال ڪرڻ کي به آسان بڻايو آهي. خودڪار نظام ماڻهن ۽ روبوٽس کي دنيا جون مختلف ٻوليون سيکاري رهيا آهن. تنهنڪري هاڻي ٽيڪنالاجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون پيدا ڪري پئي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي انفراسٽرڪچر جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽ ورڪ ۽ ڪلائوڊ قائم ٿي رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽ ويئر ٺاهي دنيا ۾ موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو وڃي ٿو. ايتري تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي. جن کي ڏسي انساني ذهن دنگ رهجي وڃي ٿو. اهائي مشين ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي. موسم، بارشن، ٻوڏن وغيره جي باري ۾ اڳواٽ خبرون ڏئي پئي. هاڻوڪو دور صنعتي انقلاب جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنالاجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئج پروسيسنگ، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ جو نظام هاڻوڪي ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهيو آهي. هي ڪمپيوٽنگ جو نظام ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ جدت ڏيندو ۽ دنيا کي حيران ڪندڙ نتيجا مهيا ڪندو. ان ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انفرميشن ٽيڪنالاجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنالاجي وغيره جو هوندو. 5 جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو، ان لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5 جي بيسڊ انٽرنيٽ 4 جي کان 40 دفعا وڌيڪ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3 ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائي پئي ۽ وڌائيندي رهندي تنهنڪري ماڻهن کي پاڻ سان گڏ فائيل وغيره کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن ذريعي گاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون. انهن گاڏين ۾ ايڪسيڊنٽ به ڪونه ٿيندا ۽ ماحولياتي گدلاڻ به پيدا نه ٿيندي.
هاڻوڪي دور ۾ ايٽامڪ جنگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ ته پوري انسانيت لاءِ خطرو آهن پر اڳتي هلي ٽيڪنالاجي جي گهڻي ترقي به انساني معاشري کي نقصان ڏئي سگهي ٿي. هن وقت هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي آٽوميشن يا خودڪار سسٽم ۽ اوزارن تي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڪم ڪرڻ جي پراڻن طريقن کي تبديل ڪري رهيو آهي ۽ انساني سماج ۾ مشين کي اهم بڻائي رهيو آهي. جنهنڪري مستقبل ۾ ماڻهو جي جاءِ تي مشين ڪم ڪندي ۽ روزگار جا ذريعا ۽ طريقا به تبديل ٿيندا. اهڙي طرح نوان هنر ۽ ڪم ڪرڻ جا طريقا پيدا ٿيندا جيڪي وڏي عمر جا ماڻهو سکي نه سگهندا، تنهنڪري اهي ماڻهو جيڪي هڪ هنر سکڻ کان پوءِ ان هنر تائين محدود ٿي ويا ۽ ان ۾ ڪا جدت پيدا نه ڪري سگهيا سي ڪجهه مشڪلاتون ڏسندا. آٽوميشن جي ڪري نوان پروسيس پيدا ٿيندا جيڪي وقت سان گڏ واڌ ويجھه ۽ ترقي ڪندا رهندا جنهن جو انساني سماج ۾ انسانن وانگر ورتاءُ ڪونه هوندو. اهو هڪ ارتقائي عمل آهي جنهن کي هڪ دفعو شروع ٿيڻ کان پوءِ ضابطي ۾ آڻڻ مشڪل هوندو. تنهنڪري ارتقا جو اهو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ ختم نه ٿيندو بلڪه مشين ۾ جدت پيدا ڪندو، جيڪو انسان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کان گهڻو تيز هوندو. ان تيز پروسيس جي ڪري مشين انسان کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿي ۽ ٿڪجي به ڪونه ٿي. مشين جي ارتقا جو اهو عمل انساني ڏاهپ کان گهڻو تيزي سان اڳتي نڪرندو وڃي پيو جيڪو اڳتي هلي انساني ڏاهپ تي ضابطو آڻي مڪمل مشيني سماج پيدا ڪري سگهي ٿو . هاڻوڪي دور ۾ ٽيڪنالاجي ئي ملڪن جي ترقي کي ظاهر ڪري ٿي. هن وقت ٽيڪنالاجي سرمائيدار ملڪن جي قبضي ۾ آهي جيڪي پنهنجي مرضي ۽ مفادن خاطر ان جو استعمال ڪري رهيا آهن.اهڙي طرح غلاميءَ جو جديد طريقي سان هڪ نئون دور پيدا ڪري رهيا آهن جيڪو انساني سماج جي ڏاهپ کي به غلام بڻائي رهيو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي روين کي تبديل ڪريون ۽ پنهنجي ٻارن يا نوجوانن کي سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم مهيا ڪيون ته جيئن هي نون ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ پنهنجي سماج ۽ ملڪ کي ترقي ڏياري سگهن. ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *