تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

جديد دور، ٽيڪنالاجي ۽ ڪجھه خدشا

1940ع ۾ آئي بي ايم مارڪ ون ڪمپيوٽر کي مارڪيٽ ۾ آڻي ماڻهن کي حيران ڪرڻ سان گڏوگڏ ڊجيٽل دور جي شروعات ڏانهن هڪ قدم کنيو. اهڙي طرح 1960ع کان پوءِ ڪميونيڪيشن کي ڪمپيوٽر سان ڳنڍي انفرميشن ٽيڪنالاجي جي شروعات ڪئي وئي. انهي دور ۾ ايلن ٽيورنگ انٽيليجنٽ مشين جو خيال پيش ڪري آرٽيفيشل انٽيليجنس يا هٿراڌو ڏاهپ جو بنياد وڌو. ڪمپيوٽر ۽ ڪميونيڪيش جي ترقي جي ڪري ڊجيٽل ايج يا دور جي شروعات ٿي. مختلف قسم جا ادارا پنهنجو ڪم ڪمپيوٽر ذريعي ڪرڻ لڳا. آئي سي جي ايجاد ته دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته ان سان ڪمري جيڏيون وڏيون ڪمپيوٽر مشينون ننڍڙين مشينن ۾ تبديل ٿي ويون. 1970ع واري ڏهاڪي کان پوءِ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر وجود ۾ آيا جن دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کي تيز ڪري ڇڏيو. 1990ع کان پوءِ انٽرنيٽ پوري دنيا لاءِ عام ڪئي وئي جنهن دنيا ۾ هڪ نئون دور پيدا ڪيو جنهن کي ڊجيٽل دور چئجي ٿو. اهڙي طرح بين الاقواميت جو دور عالمگيريت جي دور ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيو. ڊجيٽل دور اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيدا ڪيو.
هاڻوڪي ٽيڪنالاجيڪل دور دنيا کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي، تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ترقي ۽ مختلف قسم جي تبديلين جو هڪ اهم ڪارڻ ٽيڪنالاجي به رهي آهي. ٽيڪنالاجي مختلف دورن ۾ مختلف طريقن سان استعمال ٿيندي رهي آهي تنهنڪري هن کي صرف هاڻوڪي دور تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. اها ٽيڪنالاجي سنڌ ۾ ڦيٿي يا ٻيڙي ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي هجي ياڊرينيج جي نظام ٺاهڻ لاءِ ، پر دنيا ۾ اهم تبديلين جو سبب ضرور رهي آهي. ٽيڪنالاجي جو مطلب ئي آهي ته اهڙو علم يا اهڙي ڄاڻ جيڪا هنر، مهارت، فن ۽ مخصوص طريقن ۽ عملن ذريعي حاصل ٿئي ۽ جنهن سان ڪا نئين شئي يا اوزار ٺاهجي. ٽيڪنالاجي جتي سفري مسئلن کي حل ڪيو آهي، اتي انساني ٻولين کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي ٻولين جي استعمال ڪرڻ کي به آسان بڻايو آهي. خودڪار نظام ماڻهن ۽ روبوٽس کي دنيا جون مختلف ٻوليون سيکاري رهيا آهن. تنهنڪري هاڻي ٽيڪنالاجي تبديلي جو اهڃاڻ بڻبي وڃي پئي. ماڻهن لاءِ آساني ۽ سهولتون پيدا ڪري پئي. ديس پرديس جو فرق ختم ڪري رهي آهي. انفرميشن ٽيڪنالاجي انفراسٽرڪچر جي ذريعي دنيا ۾ وڏا وڏا نيٽ ورڪ ۽ ڪلائوڊ قائم ٿي رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس مختلف قسم جا سوفٽ ويئر ٺاهي دنيا ۾ موجود مسئلن جو حل پيش ڪري رهي آهي. واپار کي هٿي ڏيارڻ ۾ به ڪمپيوٽر سائنس ۽ انفرميشن ٽيڪنالاجي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ڪمپيوٽر سائنس ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو ڪمپيوٽر يا ڪنهن به مشين کي ڪنهن مخصوص شعبي جي سکيا ڏئي ان کي ماهر بڻايو وڃي ٿو. ايتري تائين جو ڪنهن مشين کي سکيا ڏئي ان کان خودڪار طريقي سان ڊرائيونگ ڪرائي وڃي پئي. جن کي ڏسي انساني ذهن دنگ رهجي وڃي ٿو. اهائي مشين ماڻهن جي تڪليفن مطابق انهن جوعلاج ڪري ٿي، زمين کان ٻاهر چنڊ ۽ مريخ وغيره جون ڳالهيون ٻڌائي ٿي. موسم، بارشن، ٻوڏن وغيره جي باري ۾ اڳواٽ خبرون ڏئي پئي. هاڻوڪو دور صنعتي انقلاب جو چوٿون دور آهي. هن دور ۾ ٽيڪنالاجي مصنوعي ترقي يا آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي. روبوٽڪس، نيچرل لينگوئج پروسيسنگ، مشين لرننگ، ڊيپ لرننگ ۽ اليڪٽرانڪ جيوگرافي وغيره جي ترقي ۽ استعمال جي ڪري دنيا سسندي وڃي پئي ۽ تيزي سان عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي رهي آهي. قئانٽم ڪمپيوٽنگ جو نظام هاڻوڪي ڪمپيوٽنگ کي تبديل ڪري رهيو آهي. هي ڪمپيوٽنگ جو نظام ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ جدت ڏيندو ۽ دنيا کي حيران ڪندڙ نتيجا مهيا ڪندو. ان ٽيڪنالاجي جي ترقي ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر سائنس، سسٽم انجنيئرنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انفرميشن ٽيڪنالاجي ، اليڪٽرانڪ انجينئرنگ، ميڪاٽرانڪس ۽ بايوميڊيڪل ٽيڪنالاجي وغيره جو هوندو. 5 جي انٽرنيٽ جي بنياد تي نوان ڊرون ٺاهيا وڃن پيا ۽ انهن جو استعمال انٽرنيٽ جي ترقي لاءِ ڪيو وڃي پيو، ان لاءِ سولر پينل استعمال ڪيا وڃن پيا. 5 جي بيسڊ انٽرنيٽ 4 جي کان 40 دفعا وڌيڪ انٽرنيٽ جي اسپيڊ مهيا ڪندي. اهڙي طرح رابطن، ڊيٽا ۽ انفرميشن جي وسيلن ۾ تيزي اچي ويندي. ڊيٽا ۽ ٻين اهم اوزارن کي اسٽور ڪرڻ لاءِ 3 ڊي اسٽوريج مهيا ڪئي وڃي پئي جيڪا آن لائين اسٽوريج کي وڌائي پئي ۽ وڌائيندي رهندي تنهنڪري ماڻهن کي پاڻ سان گڏ فائيل وغيره کڻڻ جي ضرورت ئي نه آهي. بس آن لائين پنهنجو اڪائونٽ ٺاهين ۽ پنهنجي ڊيٽا ۽ ٻين سوفٽ شين کي آن لائين اسٽور ڪن ۽ جتي چاهين کولين ۽ پنهنجو ڪم ڪن. ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ پاڻي جي اندر رستا يا ٽنل ٺاهيا وڃن پيا جن ذريعي گاڏيون هڪ شهر کان يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا شهر تائين آساني سان پهچنديون. انهن گاڏين ۾ ايڪسيڊنٽ به ڪونه ٿيندا ۽ ماحولياتي گدلاڻ به پيدا نه ٿيندي.
هاڻوڪي دور ۾ ايٽامڪ جنگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ ته پوري انسانيت لاءِ خطرو آهن پر اڳتي هلي ٽيڪنالاجي جي گهڻي ترقي به انساني معاشري کي نقصان ڏئي سگهي ٿي. هن وقت هٿراڌو ڏاهپ جي ذريعي آٽوميشن يا خودڪار سسٽم ۽ اوزارن تي ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڪم ڪرڻ جي پراڻن طريقن کي تبديل ڪري رهيو آهي ۽ انساني سماج ۾ مشين کي اهم بڻائي رهيو آهي. جنهنڪري مستقبل ۾ ماڻهو جي جاءِ تي مشين ڪم ڪندي ۽ روزگار جا ذريعا ۽ طريقا به تبديل ٿيندا. اهڙي طرح نوان هنر ۽ ڪم ڪرڻ جا طريقا پيدا ٿيندا جيڪي وڏي عمر جا ماڻهو سکي نه سگهندا، تنهنڪري اهي ماڻهو جيڪي هڪ هنر سکڻ کان پوءِ ان هنر تائين محدود ٿي ويا ۽ ان ۾ ڪا جدت پيدا نه ڪري سگهيا سي ڪجهه مشڪلاتون ڏسندا. آٽوميشن جي ڪري نوان پروسيس پيدا ٿيندا جيڪي وقت سان گڏ واڌ ويجھه ۽ ترقي ڪندا رهندا جنهن جو انساني سماج ۾ انسانن وانگر ورتاءُ ڪونه هوندو. اهو هڪ ارتقائي عمل آهي جنهن کي هڪ دفعو شروع ٿيڻ کان پوءِ ضابطي ۾ آڻڻ مشڪل هوندو. تنهنڪري ارتقا جو اهو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ ختم نه ٿيندو بلڪه مشين ۾ جدت پيدا ڪندو، جيڪو انسان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کان گهڻو تيز هوندو. ان تيز پروسيس جي ڪري مشين انسان کان وڌيڪ ڪم ڪري ٿي ۽ ٿڪجي به ڪونه ٿي. مشين جي ارتقا جو اهو عمل انساني ڏاهپ کان گهڻو تيزي سان اڳتي نڪرندو وڃي پيو جيڪو اڳتي هلي انساني ڏاهپ تي ضابطو آڻي مڪمل مشيني سماج پيدا ڪري سگهي ٿو . هاڻوڪي دور ۾ ٽيڪنالاجي ئي ملڪن جي ترقي کي ظاهر ڪري ٿي. هن وقت ٽيڪنالاجي سرمائيدار ملڪن جي قبضي ۾ آهي جيڪي پنهنجي مرضي ۽ مفادن خاطر ان جو استعمال ڪري رهيا آهن.اهڙي طرح غلاميءَ جو جديد طريقي سان هڪ نئون دور پيدا ڪري رهيا آهن جيڪو انساني سماج جي ڏاهپ کي به غلام بڻائي رهيو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي روين کي تبديل ڪريون ۽ پنهنجي ٻارن يا نوجوانن کي سائنس، انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي تعليم مهيا ڪيون ته جيئن هي نون ايندڙ نظرين ۽ ٽيڪنولوجيز کي سمجهي سگهن ۽ پنهنجي سماج ۽ ملڪ کي ترقي ڏياري سگهن. ٻي صورت ۾ اسان دنيا کان پٺتي رهجي وينداسين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *