تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

تڪراري بڻجي ويل جي آءِ ٽي رپورٽ

هاڻي سوال اهو پيدا ٿي پيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ علي زيدي پاران جي آءِ ٽي جي پيش ڪيل رپورٽ منجهان اصل رپورٽ ڪهڙي آهي؟ گذريل ڏينهن جڏهن علي زيدي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو تڏهن سندس پريس ڪانفرنس جو مک مقصد اهو هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي پيش ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ اهم معلومات لڪائي آهي، علي زيدي کان هڪ سوال جي اندر جعلي جي آءِ ٽي جو لفظ به استعمال ڪيو ويو پر علي زيدي اهڙي لفظ تي اعتراض واريندي چيو ته مون جعلي جي آءِ ٽي جو ذڪر ناهي ڪيو، منهنجي چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته جيڪا جي آءِ ٽي جي رپورٽ سنڌ حڪومت جاري ڪئي آهي اها مڪمل ناهي، جنهن ۾ حوالا ڏنا ويا آهن پر واقعا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيا ويا انهن جا نالا ظاهر ناهن ڪيا ويا. علي زيدي جي پريس ڪانفرنس کان اڳ صرف علي زيدي جي پريس ڪانفرنس جو اعلان ٿيو پر بعد ۾ وفاقي وزير شبلي فراز به ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس لاءِ پهتو. علي زيدي پنهنجي پريس ڪانفرنس جي اندر اهڙي گڏيل پريس ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي چيو ته شبلي فراز جو هتي موجود هجڻ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته عمران خان به مون سان گڏ آهي. علي زيدي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ انهي ڳالهه کي واضح انداز سان بيان ڪري رهيو هو ته سندس تعلق ڪراچي سان آهي جنهن جي ڪري ڪراچي جي امن جي بنياد تي هو هن سڄي معاملي کي ان ڏينهن کان بحث هيٺ آڻي رهيو آهي جڏهن سندس نالي سان گڏ وفاقي وزير يا پي ٽي آءِ جو ميمبر نه لڳندو هو پر پيس ايڪٽوسٽ جو تخلص استعمال ٿيندو هو. علي زيدي هن سڄي معاملي ۾ پي ٽي آءِ بدران پنهنجي انفرادي ڪوششن جو ذڪر ڪندو رهيو ته ڪيئن هو چيف سيڪريٽري کي خط لکڻ کانپوءِ مجبور ٿي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ تائين پهتو، سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ رهڻ ڪري هو سڌو امن امان جي مسئلي جو متاثر شخص هو جنهن ڪري سندس حق هو ته هو ان معاملي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کڻي وڃي، پنهنجي انهي دليل کي وڌيڪ وزن ڏيندي علي زيدي جو اهو به چوڻ هو ته جڏهن عمران خان جي نالي تي پنهنجي تڪ جي ماڻهن کيس ووٽ ڏئي پارليامينٽ پهچايو ته پوءِ اهو لازمي ٿي پيو هو ته اهڙي معاملي کي پارليامينٽ اندر به بحث هيٺ آڻي. اهو ڪنهن به رد عمل جي بنياد تي نه پر طئه ٿيل اصول تحت پارليامينٽ ۾ معاملو بحث هيٺ آيو. علي زيدي جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ٿي ته عمران خان کيس چيو ته مان توسان گڏ آهيان، علي زيدي جو اهو چوڻ هو ته مون پنهنجو سڄو ڪيريئر داءُ تي لڳايو آهي، نتيجا ڪهڙا به نڪرن پر مان ان معاملي کان پٺتي نه هٽندس، عمران خان به منهنجو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي اميد جي بنياد تي عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي ۽ هينئر شبلي فراز به مونسان گڏ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي صرف علي زيدي جو پنهنجو معاملو آهي. هينئر جڏهن علي زيدي اهڙي معاملي تي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته هن معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ٻڌو وڃي، تڏهن علي زيدي عمران خان يا سندس تحريڪ انصاف کي مددي ڪردار جيان بيان ڪيو آهي، پريس ڪانفرنس جو غور سان جائزو وٺبو ته شبلي فراز جي موجودگي هر جڳهه تي بحث هيٺ آهي.
هن پريس ڪانفرنس دوران اهي سوال به ذهن ۾ آيا ته علي زيدي جو اڳواڻ عمران خان آهي، عمران خان جڏهن پرويز مشرف جي زماني ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ايندو هو تڏهن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جيان سندس سنڌ جي دوري تي پابندي لڳل هوندي هئ، انهي ڪري علي زيدي کي پنهنجي اڳواڻ عمران خان کي ڪراچي ۾ نه ڇڏڻ واري ڪيس کي وڌيڪ بحث هيٺ آڻڻ کپندو هو، ڇو جو اهڙو معاملو سندس پارٽي جي مک اڳواڻ جو هو، عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي سان گڏ اڳوڻي چيف جسٽس جي دوري دوران انساني جانين جي نقصان واري جي آءِ ٽي جو به کيس ايترو ئي فڪر ڪرڻ گهرجي ها جيترو عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي تي کيس فڪر هو، ساڳي ئي وقت عذير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ جتي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جا رهجي ويل نالا علي زيدي خاص نقطي طور بيان ڪري رهيو هو، ايئن ئي پرويز مشرف جي دور جو ذڪر ڪندي پرويز مشرف کان وٺي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ڪراچي دوري دوران ٿيل امن امان واري مسئلي ۾ جن جن جو به نالو ذڪر هيٺ آيو هو انهن جا نالا به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ذڪر هيٺ آڻي ها ته شايد هي پريس ڪانفرنس اڌوري نه لڳي ها. ساڳي ئي وقت جڏهن علي زيدي عذير بلوچ جي تصويرن جو ذڪر ڪري ٿو تڏهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي اها ڪوئيٽا رپورٽ ذهن ۾ اچي ٿي جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪوئيٽا رپورٽ اندر ان وقت جي داخلا واري وفاقي وزير جي اهڙي ئي فوٽو جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ وفاقي وزير پابندي پيل تنظيمن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندي نظر اچي ٿو، ان وقت جي وفاقي وزير اهڙي رپورٽ تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي ساڳيو موقف اختيار ڪيو هو جيڪو علي زيدي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ آصف علي زرداري جو جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ ڏيکاريو آهي. ان وقت به وفاقي وزير جو اهو ئي چوڻ هو ته روزانو جي بنياد تي سوين ماڻهن سان ملاقات ٿئي ٿي، هر ماڻهو جو تعلق وفاقي وزير سان سڌو نٿو هجي.
علي زيدي جي پريس ڪانفرنس انهي سوال کي به جنم ڏنو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ چاهي عذير بلوچ واري هجي يا بلديا فيڪٽري واري ، اهڙي جي آءِ ٽي رپورٽ جا رهجي ويل صفحا ڪنهن جي چوڻ تي رهجي ويا آهن، هينئر تائين اهو بحث آهي ته اصل رپورٽ ڪهڙي آهي پر جيڪڏهن ان ۾ اهو معاملو واضح ٿي وڃي ٿو ته جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ علي زيدي پيش ڪري رهيو آهي يا جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ سنڌ حڪومت جاري ڪئي آهي انهن منجهان ڪا هڪڙي رپورٽ غلط آهي يا ان ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي ته پوءِ قانوني نقط نگاهه کان ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ جڏهن ته هن ٻن رپورٽس جنهن ۾ مڪمل ۽ رهيل رپورٽس جو ذڪر آهي اهڙي رپورٽ منجهان سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت جي وزيرن پنهنجي طرفان جاري ڪئي آهي ته پوءِ ڪهڙي حڪومت کي ذميوار قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
علي زيدي جي پيش ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ علي زيدي چواڻي مڪمل انڪشافن سان ڀريل آهي پر ٻئي پاسي اهڙي جي آءِ ٽي رپورٽ تي قانوني سوال اٿن ٿا، ڇو جو جڏهن علي زيدي پاڻ چوي ته هن رپورٽ تي ميمبرن جون مڪمل صحيحون نه آهن ته پوءِ اهڙي رپورٽ کي مڪمل ڪيئن ٿو تصور ڪري سگهجي، جيڪڏهن اهارپورٽ درست ناهي ته پوءِ ان ۾ لڳل الزام يا پيش ڪيل انڪشاف درست ڪيئن ٿي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت جي موقف مطابق جيڪا جي آءِ ٽي رپورٽ انهن پيش ڪئي آهي ان ۾ سمورن ميمبرن جون صحيحون شامل آهن ته آفيشل حوالي سان اهو تمام واضح آهي ته جنهن تي سموريون صحيحون هجن ۽ ساڳي وقت حڪومت پاڻ هن کي قبول ڪري ته پوءِ عملي طور اهڙي رپورٽ کي ئي مڪمل تصور ڪرڻ گهرجي پر ڇو جو هتي علي زيدي جو تعلق به وفاقي حڪومت سان آهي، ان ڪري معاملو سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جو بڻجي ٿو پر ڇو جو اسان مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته علي زيدي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هن سڄي معاملي کي انفرادي حيثيت ۾ وڌيڪ بحث ڪندي عمران خان جو صرف مهرباني جي حد تائين ذڪر ڪيو آهي تنهن ڪري سندس پيش ڪيل رپورٽ تي ڪيترا ئي سوال اٿن ٿا. ۽ ساڳي وقت اهو به چئي سگهجي ٿو ته اهڙي رپورٽ ان وقت جي حڪومت جي ٻين اتحادين کي الڳ ڪري صرف هڪ پارٽي کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي ڇا ان وقت جي حڪومت جي اتحادين کي جيڪي هاڻ پي ٽي آءِ جا اتحادي آهن انهن مان هي وفاقي حڪومت هٿ ڪڍندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *