تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

تهذيب ۽ سماج!

هن وقت ۽ ممڪن تعارف مطابق ڪنهن معاشري جي بامقصد تخليقن ۽ سماج جي قدرن جي نظام کي تهذيب چون ٿا. تهذيب معاشري جي طرز زندگي، فڪر ۽ احساس جو جوهر هوندي آھي، پر زبان ۽ اوزار پيدا ڪرڻ جي طريقن ۽ سماجي رشتن ،رهڻي ڪرڻي ، علم ادب ، فلسفي ،حڪمتون، عقيدا، اخلاق عادتون، رسمون ۽ روايتون، عشق محبت احساس ۽ جذبات انهي جا عڪس آھن.
ماهرن مطابق انسان صبح اٿڻ کان شام ٿيڻ تائين واريون سرگرميون جيڪي انجام ڏين ٿا، اهي تمام عمل هن تهذيب جا آشڪار هوندا آھن.
هاڻي وڌيڪ اسان ڪجهه تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته سماج ڇا آھي؟
ماڻھن جو اھڙو گروھه جيڪي اصول تي پاڻ ۾ رهندا هجن ۽ انهن جي مفاد مشترڪ هجن.
فردن جي اھڙي گروھه کي سماج چيو ويندو آھي، جنهن جون بنيادي ضرورتون زندگي گذارڻ ۾ مشترڪه روابطون موجود هجن، ۽ معاشري جي تعريف مطابق ھي ضروري ناهي ته انهن جو تعلق هڪ ئي قوم نسل يا مذھب سان هجي.
هاڻي هڪ لمحي لاءِ ھن سموري تعارف کي پاسيرو رکي فقط اهو ڏسي وٺو ته معاشرو انسانن جي ٽولي ۽ تهذيب انهن جي مذھبي روايتن ۽ انهن جي مادري ثقافت سان گڏ انهن جي زندگي کي چيو وڃي ۽ هن سماج جي وضاحت لاءِ ۽ مختصر ۽ چٽو ڪرڻ لاءِ ھڪ گهر چئي ڇڏجي، خاندان چئي ڇڏجي ۽ تهذيب انهي خاندان جي فردن جي رهڻي ڪرڻي جا ڍنگ ۽ انهن جي باهمي رابطن جو نالو هجي ته ٿورو غور فڪر ڪيو جيڪڏھن انهي خاندان کي برو چيو وڃي ته يعني مقصد ٿيو ته هنن ۾ برايون آھن. اھو ڪيئن؟
جيتوڻيڪ ڪٽنب کي بد اخلاق چيو وڃي، يعني ڪٽنب جي فردن ۾ تميز ناهي، ڪنهن سان ڳالھائڻ جو ڍنگ ناهي، بد مزاج چيو وڃي ته مطلب اهو ٿيو جو بيڪار مزاج جا ماڻھو آھن ڪنهن سان سڌي طرح ڳالهائي نه ٿا سگهن.بيڪار چيو وڃي، ته ڪنهن ڪم جا ناهن ، پنهنجي يا ٻئي ڪنهن لاءِ سٺو سوچڻ بنا وقت برباد ڪندي فضول زندگي گذاري رهيا آھن. بد لحاظ چيو وڃي ته مطلب لحاظ ناهي، خراب عمل ۽ نفعي نقصان جي عادتن جا شڪار آھن.مٿي جن جن خرابين جو ذڪر ڪيو ويو آھي،اھي خرابيون خاندان جي فردن ۾ انفرادي طور تي هڪٻئي لاءِ تمام رشتن ۾ موجود آھن، تنهنڪري هن پوري ڪنٽب کي ئي برو ڀلو چوڻ بدران انفرادي طور تي بيان ڪري ڇڏجي.
جيڪڏھن ڪنهن خاندان کي برو ڀلو چيو وڃي ٿو اھي برايون ڀلايون انهي خاندان کي ورهاست ۾ ناهن ملنديون، ۽ نه ئي انهي خاندان جي گهر جي ڀت يا دروازي تي لکيل هونديون آھن.ڇو ته انهي ڪٽنب جي فردن جي ذاتي روين جي باعث سموري خاندان کي برو چيو وڃي ٿو.
هاڻي هي ڪٽنب هڪ سماج ۽ معاشري جي شڪل آھن، ۽ انهن جي انفرادي روين جو هي هڪٻئي سان گڏجي انهن کي اڳتي وٺي وڃڻ کي خاندان جي تھذيب چوندا آھن.
يعني خاندان جي خرابي مان مراد انفرادي خرابي به معاشري جي فردن جي انفرادي روين جي خرابي آھي.
جيڪڏھن هڪ ڪٽنب پنهنجو ڪمرو صاف رکڻ چاهي ٿو ۽ اھو ڪمرو صاف ڪري ڪچرو دروازي جي سامهون ڦٽو ڪري ڇڏي ته پيرن سان گڏ ۽ هوا سان ٻيهر اھو گند ڪچرو ڪمري ۾ اچي ويندو ۽ ڪمرو خراب ٿي ويندو، يعني ڪمري کي صاف رکڻ لاءِ لازمي آھي ته ڪمري جي ٻاهران يعني اڱڻ کي صاف رکڻ گهرجي، ۽ اڱڻ صاف تڏھن هوندا جڏھن گهٽي صاف هوندي، اهڙي طريقي سان گهٽي کي صاف رکڻ لاءِ پاڙي کي صاف رکڻ ضروري آھي، انهي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون واضح آھن، هڪ ته هي هڪڙي فرد جي سٺي خراب هئڻ جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي طرح هڪ معاشري جي بري ڀلي سان آھي، جيئن ڪمري جي صفائي جو تعلق پاڙي جي صفائي سان آھي.
تت اهو آھي، ته معاشرو سماج يا تهذيب بد اخلاق بد مزاج بد لحاظ بد ڪردار ۽ بيڪار ناهن هوندا پر معاشري جا فرد ۽ تھذيب جي استوار ڪرڻ وارا پاڻ انفرادي طور تي بد اخلاق ۽ انهن سڀني براين ۾ گهيريل آھن ۽ ضروري ناهي ته هر هڪ ئي برو هجي، هڪ خاندان جي عزت کي هڪ فرد جي روين سان ئي فرق پوندو ۽ ڪجھه انهن براين ۾ شوق سان مبتلا آھن، ڪجھه مجبوري ۽ ڪجھه محڪومي سبب. هاڻي ته رواج يا رويو اهو آھي ته جيڪڏھن معاشرو ئي خراب آھي ته مونکي ٺيڪ ٿي ڇاهي ڪرڻو ،يا پاڻ ٺيڪ آھيون ته بس،ماڻھن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو. انهي ڳالھه جي ذڪر ۽ اهميت انهي ڪري واضح آھي ته تھذيب بنيادي طور تي باهمي روابط جي آئيني دار آھي. هڪ خاندان جا تمام فرد پنهنجي ذات تائين محدود ٿيڻ تائين رهجي وڃن ته اھي هڪ ٻئي کي فائدو نه ٿا ڏئي سگهن،رهندو مسلسل بگاڙ جو سبب ٿي ٿا وڃن. سڀ کان پهرين انفرادي سڌارن جي ضرورت آھي ۽ پوءِ اجتمائي ، ڇو ته صرف ڪمرو صاف ڪرڻ سان پاڙو صاف سٿرو ڪونه چئبو ۽ اجتمائي سڌاري لاءِ انفرادي رويا به اثر انداز ٿيندا آھن، انهي ڪري اسان انفرادي ۽ اجتمائي طور تي پنهنجي اصلاح ڪري با اخلاق با تعميز با لحاظ سمجهدار با عمل ۽ باڪردار ٿينداسين ،تڏھن ئي هي معاشرو ۽ تھذيب با اخلاق با ڪردار باعزت ۽ پر وقار چيو ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *