تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

تلاءَ تان تڪرار ۽ سياسي سرگوشيون

ڳالھه رڳو تلاءَ تان تڪرار جي ناھي پر ھڪٻئي تي الزام ھڻندڙ ٻئي ڌريون سنڌ جي حڪمران پارٽي سان تعلق رکن ٿيون ان ڪري سنڌ جي حڪمران پارٽي پيپلز پارٽي جي صوبائي توڙي مرڪزي قيادت پاران ڪو جوڳو نوٽيس نه وٺڻ پنھنجي جاءِ تي پر سجاول جي پ پ ضلعي اڳواڻن ۽ ايوانن ۾ ويٺل نمائندن جي خاموشي پراسرار ضرور لڳي ٿي. سجاول ڀرسان ٻيلو پوليس جي حد ۾ ديھه لڌاڪو ۾ اھو مڇي جو تلاءَ جنھن جي ايراضي 220 ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي ان بابت اتان جي ڪاپائي برادري جي دعويٰ آھي ته سندن 5 ايڪڙ سروي زمين پڻ ان تلاءَ ۾ آيل آھي جنھن جي مالڪي جي دعويٰ وڪيل غلام رسول سوھو ڪري رھيو آھي گڏوگڏ اتي ڀرپاسي ۾ رھندڙ ٽانڊائي ملاح برادري جي ماڻھن جي پڻ اھا دعويٰ آھي ته سندن سروي زمين پڻ تلاءَ ۾ آيل آھي جيڪا کين واپس به نه ٿي ڪئي وڃي ۽ کين زمين جو مقاطعو به نٿو ڏنو وڃي. تلاءَ جو معاملو پھرين ته ڪنھن کي ياد به نه ھو پر ڪجھه ڏينھن اڳ اوچتو وڪيل غلام رسول سوھو سجاول ٿاڻي تي پھتو ۽ ھن دعويٰ ڪئي ته سندس مڇي جي تلاءَ تي اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت شاھه شيرازي قبضو ڪرايو آھي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي. وڪيل موجب پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنھن بعد ھن وڪيل برادري کي ڪوٺ ڏئي سجاول ۾ وڏو احتجاجي مظاھرو ڪرڻ سان گڏوگڏ ٺٽي جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي ته ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. اھڙي درخواست بعد ڪاپائي برادري جي ماڻھن پڻ ساڳي عدالت ۾ وري وڪيل خلاف درخواست داخل ڪرائي ۽ موقف اختيار ڪيو ته وڪيل سندن زمين تي ھٿياربند موڪلي زمين تي قبضو ڪرايو آھي، عدالت ٻنھي ڌرين جا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ سجاول ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين ھڪٻئي خلاف ايف آءِ آرز داخل ڪرائي ڇڏيون، دلچسپ ڳالھه اھا آھي ته ٻنھي ڪيسن ۾ ھڪٻئي خلاف الزام بلڪل ھڪجھڙا آھن ۽ ايف آءِ آرز ۾ قلم پڻ ساڳيا شامل ڪيا ويا آھن ۽ ٻنھي ڪيسن جو جاچ آفيسر به ساڳيو آھي، ٻنھي ڪيسن جي جاچ ايس ايڇ او سجاول آفتاب احمد جاگيراڻي ڪري رھيو آھي.
وڪيل غلام رسول سوھو پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ھير سوھو جو چاچو آھي ۽ شفقت شاھه شيرازي وري پيپلز پارٽي جي ايم پي اي شاھه حسين شيرازي جو والد آھي اھڙي ريت جڏھن تلاءَ تان شروع ٿيل تڪرار عدالت تائين پھتو ۽ ميڊيا ۾ پڻ رپورٽ ٿيو ته پ پ قيادت کي گھرجي ھا ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ھا ۽ ڳالھين ذريعي نبيرو ڪرائي ھا. پ پ جي صوبائي قيادت ۽ مرڪزي قيادت پنھنجي جاءِ تي پر ضلعي قيادت پڻ ھن اشو تي چپ جو روزو رکي ڇڏيو آھي، ڌرين پاران ھڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جلسا جلوس ڪرڻ باوجود مقامي پ پ قيادت جو ڪو به موقف سامھون نه آيو آھي، سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري، پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ ھن معاملي کان پاڻ کي پاسيرو رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن سندن اھڙي خاموشي اندروني طور ڀلي ڪھڙي به حڪمت علي يا مصلحت تحت ھجي پر عام ووٽرن ڏانھن ظاھري طور اھو پيغام وڃي رھيو آھي ته قيادت جيڪا پنھنجن نمائندن جي مسئلن ۾ به کين اڪيلو ڇڏي تماشو ڏسي رھي آھي سا قيادت ڪنھن عام ووٽر سان ٿيندڙ مسئلن جو ڪھڙو حل ڪري سگھندي. عام ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڪنھن غريب ووٽر سان جيڪڏھن اھڙي نوعيت جو ڪو مسئلو پيش آيو تڏھن به شايد قيادت کين اڪيلو ڇڏي ساڳي ريت تماشو ڏسندي رھندي ۽ قيادت جي پراسرار خاموشي سندن سياسي اھليت تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن.
مقامي تجزئي نگارن جو چوڻ آھي ته ھاڻي ضلعي جا ماڻھو به تماشو ڏسي رھيا آھن ته ھن معاملي ۾ جيڪا ڌر زور ٿيندي عام ووٽر ان جي طرف ئي لاڙو ڪندا ۽ ھن وقت ھڪ حلقي جو اندازو آھي ته عام ماڻھو شيرازين طرف وڌيڪ لاڙو رکي رھيا آھن جنھن جا ڪيترائي سبب آھن پر ھڪ سبب اھو به آھي ته شيرازي لڳاتار الزامن کي رد ڪري رھيا آھن ۽ سندن چوڻ آھي ته سوھن پھرين به سندن ٻه ماڻھو شھيد ڪيا ھئا ۽ ان پراڻي دشمني جي ڪري ھو مسئلي کي شيرازين سان جوڙي سياسي ساک کي نقصان رسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن. عام ماڻھن جو به خيال آھي ته جيڪڏھن زمين واقعي به سرڪاري رڪارڊ موجب ڪاپائين ۽ ٽانڊائي ملاحن جي آھي ته پوءِ کين واپس ملڻ کپي ۽ معاملي کي ڪنھن سياسي ڌر سان جوڙي سياسي رنگ نه ڏيڻ گھرجي.
شھرين جو خيال آھي ته پ پ قيادت معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ڇا شيرازين کي سياسي فائدو ڏيارڻ چاھي ٿي؟ ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ ووٽر اھو سمجھن ته ضلعي جا ٻيا سياسي اڳواڻ پنھنجي نمائندن جا مسئلا به حل ڪرائي نه سگھيا ته پوءِ عام ووٽر لاءِ ھو ڇا ڪري سگھندا؟ ۽ ووٽرن جي اھا سوچ مبصرن موجب شيرازين کي ئي سياسي فائدو ڏياريندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *