تازا ترين
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

تعليم کي پهتل نقصان جي ازالي جي ڪوشش

سنڌ ۾ اٽڪل 7 مهينا اڳ ڪورونا جو پهريون ڪيس ظاهر ٿيو ۽ پوءِ سمورو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، سماجي ۽ معاشي سرگرمين سان گڏ تعليمي ادارا به بند ٿي ويا هئا، جيڪي هاڻي 15 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهرين مرحلي ۾ يونيورسٽيون ۽ ڪاليجز توڙي نائين ڏهين جا ڪلاس شروع ڪيا ويندا ۽ ٻئي مرحلي يعني 30 سيپٽمبر کان پرائمري ۽ نرسري جا ڪلاس شروع ٿيندا. يقينن تعليم اسان جي بنيادي ضرورت آهي ۽ ڪو به معاشرو تعليم کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي اسان وٽ اڳ ئي تعليمي صورتحال ڪا ايڏي آئيڊيل نه هئي، ويتر ڪورونا وبا جي ڪري جيڪو تعليم کي نقصان پهتو آهي ان جو ازالو ڪرڻ شايد ئي ممڪن هجي انهي ڪري تعليمي ادارا کولڻ وارو سرڪاري فيصلو ته سٺو آهي پر ڪورونا جنهن جو خطرو اڃان مڪمل طور ٽريو ناهي انهي کان بچڻ يا وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ به تعليمي ادارا کولڻ سان گڏ احتياطي اپائن تي سختي سان عمل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. سنڌ جي تعليم کاتي ايس او پيز جوڙي ڇڏيون آهن، ايس او پيز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري نه رڳو استادن ۽ شاگردن توڙي اسڪولن جي انتظاميا لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن پر شاگردن کي اسڪولن تائين آڻيندڙ ٽرانسپورٽرن توڙي شاگردن جي والدين لاءِ پڻ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ڳالهه رڳو هدايتن جي جاري ڪرڻ جي ناهي پر اصل مسئلو آهي انهن ايس او پيز تي عمل ڪيئن ٿيندو،؟ هڪڙي لمحي لاءِ اهو مڃي وٺون ته ڪراچي ۾ رهندڙ والدين پنهنجي ٻارن کي ماسڪ سميت ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سمورو سامان ڏياري سگهن ٿا، يا وري اسڪولن ۾ به انتطاميا اهو ممڪن بڻائي وٺندي، پر جيڪو شاگرد وارهه جي ڪنهن اسڪول ۾ پڙهي ٿو، جيڪو شاگرد ٿر جي ڳوٺ چارنور ۾ پڙهي ٿو يا وري بوبڪ ۾ رهي ٿو يا جهمپير ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿو ته انهي وٽ اهي سموريون سهولتون ڪٿان اينديون؟ اهو ڪيئن پاڻ کي محفوظ بڻائي سگهندو، ٻي ڳالهه ته انهن ڏورانهن علائقن ۾ جتي پاڻي موجود ئي ناهي، پيئڻ لاءِ يا باٿ روم لاءِ پاڻي ناهي اتي اسڪولن ۾ بار بار هٿ ڌوئڻ توڙي شاگردن جي موڪل کانپوءِ سندن اسڪول کي وائرس کان پاڪ ڪرڻ لاءِ انتظام ڪٿان ٿيندا ؟ هاڻي جڏهن ايس ايم سي جي فنڊز کي ڪورونا جي بچاءُ لاءِ گهربل سامان جي خريداري خاطر استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي ته انهي سامان جي مانيٽرنگ ڪير ڪندو؟
اسان سمجهون ٿا ته هي هڪڙي ڏکئي صورتحال آهي جنهن مان دانشمندي سان ئي نڪري سگهجي ٿو هڪ طرف سنڌ جي مستقبل جي تعليم جو اهم مسئلو آهي ته ٻئي طرف هڪڙي موتمار وبا وري پکڙجڻ جو خطرو آهي ،انهي ڪري سنڌ سرڪار کي گهرجي ته تعليمي ادارن ۽ خاص طور تي پرائمري اسڪولن ۾ وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ جا جوڳا حفاظتي انتظام ڪيا وڃن ۽ ڪوشش ڪري سينيٽائزر کان وٺي ماسڪ تائين ۽ پاڻي جو پرائمري اسڪولن ۾ بندوبست ڪيو وڃي جيئن جيڪي غريب شاگردن جا والدين اهي شيون مهيا نه ڪري سگهن ته سرڪار انهن کي اهي سموريون سهولتون ميسر ڪري ته جيئن وائرس پکڙجي نه سگهي ۽ ڪو معصوم ٻالڪ انهي وبا جي ور چڙهي نه وڃي ۽ سنڌ جي تعليم کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *