تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ترقي کان وانجهيل سنڌ ۽ ميرانجهڙيون چانڊوڪيون

سنڌ جا اڄ  به ڪيترائي اهڙا  علائقا آھن، جتي انساني بنيادي سهولتون  هن وقت به  ميسر نه آھن،اتان جا ماڻھو جيتوڻيڪ صدين کان ان ماحول  سان نڀائيندا،اتان جون ريتون رسمون ادا ڪندا ، پنهنجي زندگي جو سفر پورو ڪندا ۽  ساڳيا سور ايندڙ نسل  کي منتقل ڪندا  پيا اچن.
ڪيٽي بندر کان ڪارونجهر تائين ، ڪراچي کان ڪشمور تائين ۽ ڪلوئي کان ڪاسبي تائين ،اڄ به ڪيئي اهڙا ڳوٺڙا آھن جتي سڃ واڪا ٿي ڪري ، ڪيترن ئي گذريل سالن کان  پاڻي جي سخت کوٽ سبب انهن علائقن ۾  زراعت ته تباهه آھي ، پر وڻ ئي سڪي ويا آهن.
هن وقت اسان وٽ اهڙي ته تنگي اچي ويئي آھي ، جو انهن پٺتي پيل علائقن جي ڳوٺڙن ۾ ورهين کان ويٺل ماڻھو  ڪنهن آبادي واري علائقي ۾ آرام سان ويهي به ن  ٿا سگهن ، ڇاڪاڻ  هڪ ته انهن علائقن ۾ سنڌ جي ڪنهن ٻئي هنڌان ڪوچ ڪري آيل ماڻھن کي گهر اڏڻ  جيتري به جاءِ مشڪل سان ملندي آھي ، جيڪڏھن اهي ماڻھو  ڪنهن نئين هنڌ تي مشڪل سان  ويهي به رهيا ، ته اتي آزادي سان رهي نه سگهندا ، انهن ماڻھن تي اتان جي وڏيري ، ان جي ڪمدارن ، نوڪرن۽  چاڪرن جي هر وقت ڪرڙي نظر  هوندي ،اهڙين  ڳالهين کي مد نظر رکندي سنڌ ۾  لکين بيروزگار ڪٽنب سندن قديمي هنڌن تي بک ،بيماري بيروزگاري جي صورت ۾ به رهيا پيا آھن.
انهن علائقن جون صدين کان اڄ ڏينهن تائين حالتون   ساڳيون رهنديون پيون اچن ، ههڙي جديد دور ۾ به حالتون بدليون نه آھن ،
پيئڻ لاءِ اهو ساڳيو دٻن جو پاڻي ، ڳوٺن ۽ گهرن کي اهي ساڳيا ٻٻرن ۽ ديئن جي ڍنگهرن جا لوڙھا ، اسڪول  ڳوليئي نه لڀندا ، جي ملندا ته ڪنهن وڏيري جي زمين يا  ڳوٺ ۾ ويران ملندا ، سرڪاري اسپتالون ته ويجهي هونديون ئي ڪونه ، جيڪڏھن ڪٿي ڳوٺن ۾ هونديون ته اهي اسپتالون پرائيويٽ جڳاڙي عطائي ڊاڪٽر هلائيندا هوندا.
گهڻن ڳوٺن مان ڪيترن ئي ڳوٺن  کي رستا به نه آھن ، ڌوڙ ھاڻيون واٽون جيڪڏھن برسات پئي ته اهي واٽون به هلڻ جهڙيون نه ٿيون رهن، ساڳيا ڪچا گهر ، گنديون گليون ، ماڻھن جا منهن لٿل ، زرد چھرا ، ميرانجهڙا وار ،  اهڙا  ماڻھو  غربت سان هر بار جهيڙيندا رهندا پيا آھن ، هي اهي ماڻھو آھن جن کي تعليم ،  صحت ، پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻيون انساني صحولتون ميسر نه آھن ، جيتوڻيڪ اهي ماڻھو هر  واري سان  ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺي نه فقط پنهنجو قومي فرض پورو  ڪندا رهندا  آھن   پر پنهنجي پنهنجي علائقي جو نمائندو چونڊي اسيمبلين ۾ به پهچائين ٿا ته جيئن  اهو اسيمبلي ميمبر سندن  بنيادي ضرورتون مهيا ڪرائي ڏي ، پر ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھه واري ڪار لڳي پيئي آھي.
سنڌ جي  ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ جتي نهري پاڻي جو تصور ئي ڪونهي ،اتي ته برسات جي وسڪاري جي ٻن ٽن  مهينن پڄاڻان باقي عرصو ويراني پئي واڪا ڪندي آھي پر جن علائقن ۾ نهري  پاڻي نالي ماتر ئي صحيح وهي ٿو هاڻي انهن علائقن ۾ به  ويراني  واڪا ڪرڻ لڳي آھي ، جيڪڏھن ان سنساني ۽ ويراني جا پيرا کڻجن ٿا ، ته ان ۾  اتان جي مقامي وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي يا ڪرپشن  ظاهر ٿئي ٿي.  ترقياتي اسڪيمون ڪاغذن ۾  مڪمل هجن ٿيون ، ليڪن  ڀيڻي تي ڪاري وارا ڪک ئي هوندا  آھن جنهن  ڪري اهي علائقا هن  جديد دور ۾ به  قديم دورن جو ڏيک پيا ڏيندا آھن.
مون اهڙا  ڪيئي ڳوٺڙا  ساحلي پٽي ، گنجي ٽڪر جي ڪنڌين ، وچ سنڌ جي ٻھراڙين ۽  ٿر جي ڀٽن ۾ ڏٺا هئا ، جيڪي پڪاسو جي پينٽنگ وانگر لڳي رهيا ، جن ۾  ڪجھه گهرن ۾ چانڊوڪي جي اڌ رات عورت  جنڊ پيهندي  ڏيکاريون ويون آھن  ، ته مرد وري ڍڳا ڪاهي ٻنين ۾ ھر هلائڻ لاءِ ويندي ڏيکاريا ويا آھن ، ڳوٺن جي ٻاهران کوهن جي اوڙن تي اڃايل ٻڪريون پاڻي پيئندي ڏيکاريون ويون آھن ،  ڳوٺ جي  ڪچين گلين ۾  سانجھهي ٽاڻي بارات  ايندي ڏيکاري ويئي آھي ، جنهن مٿان وڻن جي ٽارين تي آهيرن ۾ پکي ننڊ ۾  ستل آھن .
مون کي ان  شام  اکڙيل روڊ جي ٻنهي  پاسن کان اهڙا  ڪيئي ڳوٺ نظر آيا ،جڏھن آئون  هڪ دفعي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ هاڻوڪي ضلعي چيئرمين حاجي عثمان ملڪاڻي جي ڳوٺ راڄ ملڪ ويو هوس ، حاجي عثمان خان سان لڳ ڀڳ ويهن سالن جي وڇوٽي کان  پوءِ اها ٻي ملاقات هئي، هو منهنجو ڪلاس ميٽ ھو ، ان ناتي سان جڏھن  کانئس موڪلائي رهيو هوس ته سندس نو جوان پٽ کي چيائين با با هي منهنجو ڀاءُ تنهنجو چاچو آھي ڪنهن به ڪم جو کيس ڪو جواب ناهي ڏيڻو، ان دوران حاجي عثمان ٻڌايو هو ته اسان  ھن علائقي جي ماڻھن جي خدمت ستن پيڙھين کان ڪندا پيا اچون ، اها ٻي ڳالھه آھي ته حڪومتي سطح تي اقربا پروري ۽ ادارن ۾ ٿيندڙ ڀينگ سبب ساري سنڌ وانگي هتي به ڪا گهڻي ترقي ڏيکارڻ لاءِ نه آھي.
اسان جڏھن راڄ ملڪ ڳوٺ کان واپس اچي رهيا هئاسين ته روڊ جي ڏاکڻين طرف سمنڊ جو ڪارو پاڻي سوين ڪوهه سفر ڪري لاڻن ، ٽارن ۽ کٻڙن جي وڻن کي اڌ ٻوڙيو ڪري روڊ کي اچي ويجهو پهتو هو ، ڪجھه گهڙين لاءِ سانجھه ويلي اسان گاڏي بيهاري ڪاري پاڻي جي   ڇولين ۾  چنڊ کي اڌواڌ ٿيندي ڏٺو هو.
ساحلي پٽي ۾  اڪثر ڳوٺن  ۾  گهرڙا ڪاٺ جا ٺھيل آھن ، ڪٿي ڪٿي گهرن جي پاسن کان نسريل سرن جا ٻٿ ايئن قطارن ۾ بيٺل نظر ٿي آيا ، گويا سلامي ڏيڻ لاءِ بيٺل سپاهي، اهڙن ڳوٺڙن ۾  بنيادي صحت مرڪز بنھه ڪونه ٿي ڏسڻ ۾ آيا ،سواءِ ساحلي پٽي جي شهرن جي.
ڪجھه وقت اڳ جڏھن آئون ٿر جي سير سفر تي ويو هوس، ته مون  سانگي ڦرهي کان  سلام ڪوٽ  تائين ، وڄوٽي کان ويرا واهه تائين ڪيئي اهڙا ڳوٺڙا ڏٺا هئا جيڪي به ڪچا هئا ، انهن ڳوٺڙن ۾  ڪچا گهر هئا پر اهي طري وانگي مٿان اڀا گول هئا ، جن کي سنڌي زبان ۾ چونئرو سڏجي ٿو ،جنهن کي عام گهرن وانگي مٿان مٽي  سان ليپو نه ڏبو آھي ، پر انهن گهرن کي ڪاريگر ايئن ٺاهيندو آھي جو انهن مان برسات جي ڦڙي به نه پوندي آھي.
ٿر ۾ جيتوڻيڪ ڪجھه ھنڌن اسڪول نظر آيا ٿي  ۽  دور  ڪٿي ڪٿي ڊسپينسريون  به  نظر آيون ٿي ، اسان کي ڍٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي هڪ مقامي استاد ٻڌايو هو ته  ٿر ۾  ارباب رحيم جي وڏ وزارت جي دور۾  ڪجھه روڊ رستا ٺھيا هئا ۽ اسڪولن جون عمارتون مليون ، باقي هاڻي ته ڪجھه به ڪونهي .
مون سنڌ جي اتر ،  لاڙ  ،وچولي ، ريگستان ۽ ڪوهستان وارن علائقن جي ڏورانهن ڳوٺن ۾  صاف پيئڻ جي پاڻي ، تعليم ۽ صحت جي بنيادي ضرورتن کي  شدت سان محسوس ڪيو هو ، اهڙن علائقن جي ڳوٺڙن ۾  روزگار جا وسيلا نه هئڻ ڪري ماڻھو تنگ حالي ۾ گذاري رهيا  هئا. اها ٻي ڳالھه آھي ته  جاگرافي جي بيهڪ ، عجيب غريب ريتن رسمن ۽ ٻين سببن ڪري اتان جي فطرتي خوبصورتي انتهائي پر ڪشش رهي آھي.
مون کي ٿر جي ڏاکڻئين علائقي ۾  هڪ ڳوٺ ۾  اها رات ياد آھي ، جتي  اونداهي رات ۾  جهوپڙن ۾  ڏيئا ٻري رهيا هئا ، جڏھن مون  گگھه اونداهي ۾ ٻرندڙ ڏيئن جو ذڪر ڪيو ته ڳوٺائي جعفر سميجي چيو ته  هلو ته سامهون ڀٽ تان توهان کي  اونداهي ۾ ٻرندڙ ڏيئن جي روشني جو نظارو ڏيکاريان.  ڀٽ تي بيهي مون کي ايئن لڳو  گويا اسان خلا مان ڌرتي جي رنگ رتي روشني پسي رهيا آھيون ، ڪجھه وقت کان پوءِ  سامهون ڀٽ جي اوٽ  مان چنڊ اڀري  مٿي آيو جنهن  ڏيئن جي روشني کي جهڪو ڪري ڇڏيو.    
سنڌ جي ٻھراڙي جي ڳوٺن جي بدتر حالت تي   مون کي   شھيد فاضل راهو جي ننڍي پٽ سليم راهو   ٻڌايو هو ته  ان جا وڏا سبب ، چونڊيل نمائندن جا انفرادي مفاد  ۽  مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڇڪتاڻ هجن ٿا. ڪڏھن مرڪز ۾ هڪ پارٽي جي حڪومت هوندي آھي ته صوبن ۾ وري ٻين پارٽين جون حڪومتون هونديون آھن جنهن ڪري هر هڪ پارٽي جي حڪومت جا پنهنجا مفاد ۽ پروگرام  هوندا آھن، جنهن ڪري سنڌ ۽  بلوچستان جو عوام سدائين پيو ڀوڳيندوآھي.  تنهن هوندي به چونڊيل نمائندن کي  ترقياتي  ڪمن لاءِ وڏي رقم ملندي آھي پر مليل رقم مان  اڌ رقم  ترقياتي ڪمن تي خرچ ٿيندي آھي، باقي اڌ رقم هڙپ ٿي ويندي آھي.
سنڌ جي اهڙن لکين ڳوٺڙن ۾  انساني بنيادي سهولتن جي ضرورت هاڻي ته ايتري شدت سان  اڀري آھي جو ماڻھو  هن جنت جهڙي ڌرتي جي ڳهيلن ڳوٺڙن ۾  رهڻ کان بيزار اچي چڪا آھن ، ماڻھو  پاڻي  ۽  ٻين  ضرورتن لاءِ ھاءِ  گهوڙا ڪري ڪري ٿڪي پيا آھن.   جيڪڏھن اهڙن ڳوٺڙن  مٿان فطرت مهربان  نه هجي ، وڻ ٽڻ ، پکي پکڻ ۽  جانور نه هجن ، ته هوند  اهي ڳوٺ  اتان جي ماڻھن لاءِ چيڙائيندڙ ۽ ڀوائتن خوابن جيان  هجن.  
وقت ته گذرندو ٿو وڃي ليڪن  اهي مظلوم ماڻھو  تاريخ جي عدالت ۾ دانهين  رهندا پيا اچن ۽  انساني ضمير جا هٿ چونڊيل نمائندن جي گريبان ۾ پيا  آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *