تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ترقي سراب کانسواءِ ڪجهه به ناهي!

سال 1803ع جي آخر ۾ انگلينڊ جي مشهور اڪنامسٽ مالٿس انساني آباديءَ جي واڌ ويجھه تي هڪ تحقيقي مضمون لکيو هو، جيڪو مالٿس جي نالي سان معاشيات ۾ شامل ڪري پڙهايو به وڃي ٿو مالٿس چواڻي ته “انساني واڌ، خوراڪ جي ذريعن سان لاڳاپيل آهي، جيڪڏهن انساني آباديءَ جو انگ خوراڪ جي ذريعن کان وڌي وڃي ٿو ته پوءِ اهو وري مختلف قدرتي سببن جي ڪري گھٽجي خوراڪ جي ذريعن برابر ٿيو وڃي. ماضيءَ ۾ انهن سببن اندر مکيه طور: وبائون، ڏڪار، جنگيون رهيون آهن.” مالٿس جي مطابق انساني آبادي کي جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان وڌڻ ڏنو وڃي ته اها هر 25 سالن ۾ ٻيڻي ٿي ويندي پر خوراڪ جا ذريعا ايترو تڪڙو نه ٿا وڌن ان ڪري ضروري آهي ته انساني واڌ ويجھه کي ڄاڻي واڻي وڌڻ کان روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اتي وبائون ڏڪار ۽ جنگيون رهنديون. چين سميت اولهه جي سڀني ملڪن ان ڳالهه تي عمل ڪندي آبادي کي ڪنٽرول ڪيو ۽ باقي دنيا کي به ايئن ڪرڻ جو مشورو ڏيندا رهيا آهن. انهن مشورن وچ ۾ دنيا ۾ اوچتو ئي ڪووڊ-19 نالي وبا ظاهر ٿي. هن بيماري کي رپورٽ ڪندڙ پهريون ڊاڪٽر چين سرڪار جي سختي هيٺ اچي ويو ۽ معافي وٺي وري وڃي ڪم تي چڙهيو ۽ وبا جي ور چڙهي ويو ۽ زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. وبا ڇا هئي نه ڏٺائين انساني آبادي تي ڪنٽرول ڪندڙ ملڪ ۽ نه ڏٺائين وڏي انساني آبادي رکندڙ ملڪ مالٿس جي نظريي کي اورانگهيندي بس موت ورهائيندي، اڳتي وڌندي رهي ۽ سڄي دنيا تي حاوي ٿي وئي. طب جي ميدان ۾ پنهنجي ترقي جا ڳڻ ڳائيندڙ بلڪه هتان جي خوشحال طبقي جو وڃي اولهه جي ملڪن ۾ علاج ڪرائڻ واري سڄي سسٽم جو ڀانڊو ڦاڙي بيهي رهي. اڃان به اولهه جي پوري طب کي هارائي ڇڏيو ۽اتان جون اسپتالون رڳو مريضن ۽ ان ڪري مرندڙن جا انگ ڳڻڻ لڳيون.پنهنجي ملڪ جي مردن ۽ عورتن کان سڄو ڏينهن پورهيو وٺي بجلي پئٽرول ڪوئلي جو وڏو مقدار ساڙي ڪارخانا هلائيندڙ ملڪ پنهنجا پورا ڪارخانا بند ڪري ماڻهن کي گھرن ۾ بند ڪري ويهي رهيا ۽ سندن روزانو ايندڙ ڊالر ۽ پيداواري مڻ ڪتيون ڳڻيندڙڪيلڪيوليٽر خاموش ٿي ويا.
ان دؤران اسان پارن ملڪن ۾ واپاري ۽ عام ماڻهو کي سوڙهو ڪندڙ معاشي پاليسيون الائي جي ڪيڏانهن گم ٿي ويون. بيماري جي خوف سبب پاڪستان ۾ پڻ لاڪ ڊائون ڪري ماڻهن کي گھرن تائين رکڻ سان گڏ سرڪاري آفيسون بند ڪري ملازمن کي گھرن ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو ۽ پهريون دفعو رڳي پگھار مان ڇا ٿو ٿئي چوندڙ سرڪاري ملازمن (ايس او پيز) تي عمل ڪندي رڳي پگهار مان عزت ڀريو مهينو گذر ڪيو. ترقي جا قصا ٻڌائي عوام کي موڳو ڪندڙ حڪمران خاموش آهن ۽ دنيا جوهر ملڪ هلي رهيو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ گوڏا نه کوڙيا آهن.ڪووڊ 19 واقعي هڪ خطرناڪ وبا آهي انهي کان بچاءِ لاءِ جيڪي به اپاءَ ورتا ويا آهن اهي حق آهن ۽ انسان جي ڀلي ۾ آهن پرهڪ ڳالهه محسوس ڪجي ٿي ته هن دور جي اولهه وارن ملڪن جي پاليسين ، نظرين کي هي بيماري منڌيئڙوپائي بيٺي آهي ۽ بس هڪ هاريءَ جي هٿ کي مٿي جھلي بيٺي آهي ته تنهنجي پورهئي سان پيدا ٿيل ان داليون ڀاڄين ميوون کانسواءِ گذران مشڪل آهي.
جڏهن ميڊيڪل سائنس جي ترقيءَ جي ڳالهه نڪري ٿي ته اسان جي ڀرپاسي ۾ هن وقت به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي نه چاڪائي جي صورت ۾ حڪيم کان علاج وٺڻ کي اوليت ڏين ٿا ٻيا اهڙا آهن، جيڪي پاڙي جي ڪمپائونڊر کان علاج وٺڻ پسند ڪن ٿا ڇو ته هو ٿوري فيس، ٽيسٽن ۽ رپوٽن ڪرائڻ کانسواءِ عام دوا ڏين ٿا ۽ اڪثر مريض به ٺيڪ ٿي وڃن. ٽيان وري اهڙا جيڪي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر کان سواءِ دوا نه ٿا وٺن خوشي خوشي روپوٽون ، ٽيسٽون ڪرائڻ، ڊاڪٽر جي وڏي فيس ڀري مهانگي دوا کائڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا نه رڳو اهو پر ٻئي ڏينهن آئي وئي کي پنهنجي علاج جي ڳالهه ٻڌائيندي ٿڪجن ئي نه ٿا. چوٿان ماڻهو اهي آهن، جيڪي ٽي ويءَ يا جلسي کان سواءِ ڏسڻ ۾ ڪين اچن رڳي ڇڪ اچين تڏهن به لنڊن جي ڊاڪٽر کي دانهن ڏين، ۽ پوءِ عام خاص ۾ اهو هلائي ڇڏين ته انهن کي اهڙي ناچاڪائي آهي جوکين يورپ جي ڪنهن اسپتال ۾ رهي علاج ڪرائڻو پوي ٿو.خير اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هن وقت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سياسي ۽ معاشي پاليسيون اولهه وارن ملڪن جون هلن ٿيون. جيڪي چون ته معيشت جي ميدان ۾ ڪيئن به ڪيو بس ڊالر ۽ سامان جي مڻ ڪتي وڌايو ۽ ذرو ذرو ڳڻي فائيلن سان ڪمرا ڀري ڇڏيو اهو ئي رواج کڻي اسان جي هرحڪومت به اچي ملڪ ۾ وٺ پڪڙ شروع ڪندي آهي، جيئن هلندڙ حڪومت به واپاري طبقي ۽ عام ماڻهو کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن موجب ته جيسيتائين هر ماڻهو، پنهنجي آمدني ۽ خرچن جو انگ سرڪاري رڪارڊ تي نه آڻيندو تيسيتائين ملڪ ترقي نه ڪندو. اهي ڳالهيون ۽ پالسييون ڪيتري قدر درست آهن، موجود ملڪي ترقيءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. ملڪي ترقيءَ ۾ سرڪاري مشينري مطلب حڪومتي ملازمن جو وڏو هٿ هوندو آهي، پر هتي ته سڀ ڪم ابتا هلن ٿا. سرڪاري ملازم پوريون آفيسون دوڪان بڻايو ويٺا آهن، ان باوجود جيڪڏهن هج ڪري کڻي پڇو ته سدائين ساڳيو جواب ته “پگھار مان ڇا ٿو ٿئي؟ پگهار جي بدلي آفيس ۾ ويهون ٿا ڪم لاءِ ايندڙ ماڻهو اسان جي پوک آهن اسان انهن مان کائينداسين!” عجب آهي، اهڙي سوچ تي، جنهن کي ذهنن ۾ رکي روزانو آفيسن مان مٿئين ڪمائي جي نالي کيسا ڀري گھرن ڏانهن موٽن ٿا. پوءِ اهڙين حالتن ۾ ترقي سراب کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *