تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

تبديلي سرڪار جون پنجاب پوليس ۾ تبديليون

وفاقي وزير شبلي فراز کي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڪابينا جي حوالي سان چار وڳي پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي، ميڊيا جا تقريبن نمائندا سندس پريس ڪانفرنس لاءِ پي آءِ ڊي نه رڳو پهچي ويا پر سندن ذهنن ۾ ڪراچي متعلق ئي سوال هئا. ميڊيا وارا پريس ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ وفاق ۽ سنڌ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي دنگل تي تبصرا ڪندي اڳوڻي صحافي ساجد گوندل جي معاملي تي پنهنجي پريشاني جو اظهار ڪري ئي رهيا هئا ته شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس جي وقت جي تبديلي جو ميسيج اچي ويو، نه رڳو پريس ڪانفرنس ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو پر ملڪ جي ميڊيا جو رخ به ڪراچي کان لاهور تبديل ٿي ويو.
ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر تي هلندڙ بحث پنجاب جي آءِ جي شعيب دستگير جي بدلي واري بحث ۾ تبديل ٿي ويو. اهي صحافي جيڪي ڪابينا جي 15 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪندي ڪراچي ڪراچي ڪري رهيا هئا سندن چوڻ هو ته ڪابينا جي صورتحال “ساري فساني ۾ جس ڪا ذڪر نه ٿا” جهڙي ٿي وئي آهي. انهن 15 نقطن کي ڇڏيو، پنجاب جو آءِ جي بدلي ٿي چڪو آهي اهو هينئر ڪابينا جو 16 نقطو نه رڳو ٿي چڪو آهي پر ڪابينا جي اندر اهڙي تيزي سان فيصلا ٿيا جو شبلي فراز جي پريس ڪانفرنس ۾ پهچڻ کان اڳ ئي پراڻي آءِ جي پنجاب شعيب دستگير جي بدلي ۽ نئين مقرري سندس نئين جڳهه تي وڃڻ کانپوءِ سيڪريٽري نارڪوٽڪس اي ڊي خواجه کي ڪراچي بدلي ڪرڻ، نئين آءِ جي پنجاب امام غني جي مقرري جا نوٽيفڪيشن ايترو تيزي سان جاري ٿيا جو اصل تبديلي سرڪار جا معجزا نظر اچڻ لڳا. شبلي فراز جڏهن پريس ڪانفرنس شروع ڪئي تڏهن کيس به خبر هئي ته آءِ جي شعيب دستگير جي معاملي تي سوال وڌيڪ ٿيندا. انهيءَ ڪري ڪراچي پيڪيج وارو معاملو هينئر اوليت جي معاملي ۾ هيٺ هليو ويو آهي. هونئن ته شبلي فراز کان اهو سوال به ٿيڻ گهرجي ها ته عاصم سليم باجوا وزيراعظم سان ملاقات ڪري پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ته سندس استعيفيٰ منظور نه ڪئي وئي، جڏهن شعيب دستگير وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ته سندس بدلي جا حڪم جاري ڪيا ويا اهو ٻٽو معيار ناهي پر گذريل ڏينهن ئي شبلي فراز کان اهو سوال ٿيو هو ته عاصم باجوه جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي وئي پر خيبرپختونخوا جي اجمل وزير کان آڊيو اسڪينڊل جي معاملي تي استعيفيٰ ورتي وئي. ڇا اهو ٻٽو معيار ناهي جي جواب ۾ شبلي فراز چيو هو ته ڪاٿي ايپل ڪاٿي اورينج ،ايپل ۽ اورينج ۾ فرق ته محسوس ڪريو. تنهن ڪري پاڻ اچون ٿا پنهنجي موضوع تي ته پنجاب جي آءِ جي شعيب دستگير کي جنهن طريقي سان بدلي ڪيو ويو آهي، اهڙي حڪومتي رويي پنجاب بيوروڪريسي کي لوڏي ڇڏيو آهي. ٻن سالن ۾ پنج آءِ جي پنجاب ۾ تبديل ٿيڻ واري ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر ان کان اڳ اسلام آباد جي آءِ جي جان محمد کي به اهڙن ئي بنيادن تي هٽايو ويو هو. آءِ جي اسلام آباد جان محمد تي الزام هو ته هن وفاقي وزير اعظم سواتي جي فون اٽينڊ نه ڪئي هئي، اعظم سواتي جي گهر جي لان ۾ غريب هارين جي مينهن ڪاهي پئي هئي، اعظم سواتي انهن هارين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ۽ آءِ جي کي بدلي ڪيو ويو. مديني جي رياست جون ڳالهيون ڪندڙ حڪومت جي وفاقي وزير چوڌري فواد کان جڏهن ان متعلق پڇيو ويو ته ان جو به چوڻ هو ته جيڪو آءِ جي وفاقي وزير جو فون نه کڻندو اهو ڪيئن ڪم هلائي سگهندو. جان محمد جي هليو وڃڻ کانپوءِ ناصر دراني جنهن جي عمران خان تعريف ڪندي هر تقرير ۾ کيس خراج تحسين پيش ڪندي چوندو هو ته اسان جي جڏهن ڪي پي ۾ حڪومت هئي تڏهن اسان ڪڏهن به مداخلت نه ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪي پي پوليس ۾ سڌارا سامهون آيا. ساڳئي ناصر دراني کي عمران خان وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد پوليس سڌارن ۽ سندس تجربي مان فائدو وٺڻ لاءِ نئين سر ذميواريون ڏنيون پر ناصر دراني آءِ جي اسلام آباد جان محمد سان پيش آيل صورتحال جي نتيجي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو سپريم ڪورٽ جو فيصلو هو جنهن جي نتيجي ۾ غريب هارين کي رليف مليو ۽ وفاقي وزير اعظم سواتي جي وزارت به کسجي وئي. ايف آءِ اي جو ڊي جي بشير ميمڻ به پنهنجي مدت ملازمت کان اڳ موڪل وٺي روانو ٿي ويو هو، تڏهن به مخالف ڌر جي ڪيمپن ۾ اهي ڳالهيون هيون ته بشير ميمڻ جي مٿان مخالف ڌر خلاف ڪيس هلائڻ جو دٻاءُ هو، انهن سمورن آءِ جيز کي جيڪڏهن ملائي ڏسجي ته پي ٽي آءِ سرڪار جو رڪارڊ رڳو ٻن سالن ۾ پنج نه پر 8 آءِ جيز تبديل ڪرڻ وارو رهيو آهي. چار چيف سيڪريٽريز کان سواءِ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي ڳڻپ ڪرڻ ته هاڻي فضول ڪم ۾ شمار ٿئي ٿو. هي اها عمران خان جي حڪومت آهي جنهن اهو بيانيو ورجائي ورجائي ياد ڪرايو هو ته جڏهن سندن حڪومت ايندي ته پوليس تي ڪو به سياسي دٻاءُ نه هوندو ڪو به وفاقي وزير يا حڪومتي فرد پوليس کي فون نه ڪندو، عمران خان جڏهن ڊي چوڪ واري ڌرڻي ۾ ڪنٽينر تي موجود هو تڏهن ڪنٽينر تان بيهي پوليس جي اعليٰ قيادت کي مخاطب ٿيندي چوندو هو ته نيڪو ڪارا اوهان کي شابس هجي جو اوهان حڪومت جا حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي اسان خلاف ڪارروائي نه ڪئي. تڏهن ڪارروائي پوليس نه ڪندي هئي پر ڪارروائي تحريڪ انصاف جا ٽائيگر ڪندا هئا.
پوليس وارن کي گلوبٽ چئي رت ۾ ڳاڙهو ڪيو ويندو هو عمران خان ڪنٽينر تي بيهي چوندو هو ته ٽولين جي صورت ۾ وڃو جيڪڏهن ڪو پوليس وارو روڪي ته ان کي سبق سيکاريو. عمران خان پاڻ پوليس گاڏين مان گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس جي گاڏين آڏو پنهنجي گاڏي بيهاري ڇڏيندو هو تڏهن اسان جي دوست صحافي حامد مير پنهنجي آرٽيڪل ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت واري واقعي جو مثال ڏيندي لکيو هو ته هتي عمران خان کي ڪيتري نه آزادي آهي جيڪو معاملو مير مرتضيٰ لاءِ ڏوهه هو اهو ساڳيو معاملو ڊي چوڪ تي قانون جي گرفت کان ٻاهر ڇو محسوس ٿئي ٿو. پي ٽي آءِ جي ٽائيگرس فورس وارن حامد مير جي هلندڙ پروگرام دوران پٿراءُ ڪيو هو.
جيڪي اسان جا دوست اهو سوال ڪن ٿا ته عمران خان عاصم سليم باجوه جي استعيفيٰ قبول ڇو نه ڪئي اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته عمران خان هينئر تائين ڪنهن جي استعيفيٰ قبول ڪئي آهي. وفاقي وزير اعظم سواتي کي سپريم ڪورٽ تائين معاملو وڃڻ کانپوءِ استعيفيٰ ورتي وئي جنهن کانپوءِ معاملو ٿڌو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻيهر وفاقي وزارت واپس ڏني وئي. ساڳيو ڪم پنجاب جي وزير اطلاعات فياض چوهاڻ سان ڪيو ويو. خسرو بختيار کي ته شگر مل اسڪينڊل جي نتيجي ۾ وزارت تان هٽائي ٻيهر وڌيڪ بهتر اقتصادي معاملن واري وزارت ۾ آندو ويو، ان ڪري اهو ڪهڙو وفاقي وزير آهي جنهن کان عمران خان استعيفيٰ گهري آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ کي ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجو به نه سمجهندا هئا هي آهي عمران خان جي اها حڪومت جنهن ۾ عثمان بوزدار کان اعظم سواتي تائين دانهون کڻي پهچن ٿا ته نتيجي ۾ آءِ جيز گهر ڀيڙا ٿي وڃن ٿا بيوروڪريسي جا ٻيا فواد حسن فواد جهڙا ڪردار هينئر به جيل ڀوڳي رهيا آهن. احسن اقبال هينئر ئي پريس ڪانفرنسن ۾ چيو پئي ته نيب چيئرمين جيان جيڪو مخالفن کي قيد ڪندو اهو رهي سگهندو ٻيو گهر هليو ويندو، هي ته آءِ جي پنجاب شعيب دستگير هو پر اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ملڪ واپس اچڻ جي مهلت اڄ ختم ٿي رهي آهي جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف زرداري احتساب عدالت آڏو پيش ٿيڻ لاءِ زرداري هائوس اسلام آباد پهچي چڪو آهي، هي آهي عمران خان جي اها حڪومت جنهن جو اهو چوڻ رهيو آهي ته احتساب جو عمل جاري رهندو. اين آر او ڪنهن کي نه ملندو، ها نيب چيئرمين به ته چوندو آهي ته هم فيس نهين ڪيس ديکتي هين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *