تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

تبديلي جيڪا اوس اچڻي آھي

تبديلي جو نالو ايندي ئي اسان جي ذھن تي اها   تبديلي ترڻ لڳي ٿي، جنھن تبديلي ماڻھن کي سڪون لاءِ قبر جھڙي پرسڪون جڳھه جا مفت مشورا ڏنا جنھن تبديلي ملڪ جي ماڻھن کي بکيو ننگو ۽ مجبور ٿي پاڻ مارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي.
مان ان تبديلي جو ذڪر بلڪل نه پيو ڪيان پر مان پنھنجي سنڌ جي ماڻھو ۾ تبديلي جي ڳالھه ڪري رھيو آھيان. سنڌ جو اھو ماڻھو جيڪو نسل در نسل گھاڻي ۾ پيڙبو رھيو آھي ۽ اڄ سنڌ جو ماڻھو خاص طور سنڌ جو شعور رکندڙ نوجوان نسل تبديلي جي اھا تڙپ کڻي نه فقط پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي خواھش رکي ٿو پر ھو پنھنجي گھر پنھنجي شھر ۽ پنھنجي ڌرتي تي تبديلي آڻڻ لا ڪوشان آھي.
سنڌ جو ماڻھو تيزي سان تبديل ٿي رھيو آھي جنھن جا ننڍا وڏا مثال اسين ۽ توھين سوشل ميڊيا تي ڏسون ٿا.
اھا ڳالھه ھر ذي شعور انسان ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو ته جيستائين انسان پنھنجو پاڻ کي تبديل نٿو ڪري يا پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ذھني طور تيار نٿو ڪري ايستائين ڪا به طاقت ان جي تقدير نٿي بدلائي سگھي.
سنڌ جي ماڻھو خاص طور نوجوانن کي ھن وقت تبديل ٿيڻ گھرجي ابن ڏاڏن کان پنھنجي پيرن ۾ پيل ڪڙيون ڪٽي اڳتي وڌي مدي خارج رسمن کان بغاوت ڪرڻ گھرجي.
تعليم وسيلي تبديلي :
ڪنھن به قوم جي ترقي ۽ تنزلي جودارومدار اتان جي تعليم تي ھوندو آھي. سنڌ ۾ اسان جي تعليم کي صرف ڪمائي جو ذريعو سمجھي مال ٺاھيو وڃي ٿو. اسان جو اڪثر نوجوان پڙھڻ کانسوا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ واري تڪليف کان سواءِ پاس ٿيڻ جي چڪر ۾ ھوندو آھي جڏھن ته معذرت سان اسان وٽ استادن جو وڏو حصو ڪلاس وٺڻ کي ڏوھه ٿو سمجھي،اسان وٽ اڪثر غربت جا بھانا ڪري تعليم کي اڌ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. اسان وٽ سوين بلڪه ھزارين مثال آھن جيڪي نوجوان غربت جي گھاڻي ۾ پيسجڻ باوجود ھر مشڪل کي مرڪي منھن ڏئي مزدوريون ڪري تغاريون کڻي پنھنجي تعليم جاري رکي ۽ ڪنھن منزل تي پھتا آھن.
اسان کي دنيا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مقابلي وارن امتحانن لاءِ پنھنجو پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو. تعليم ئي اسان جي حالتن کي تبديل ڪري سگھي ٿي.
پيرن ڀوتارن مان جان آجي ڪرڻ سان تبديلي:
سنڌ ۾ اسان جي تبديل ٿيڻ ۾ جيڪا وڏي رڪاوٽ پيرن ميرن ۽ ڀوتارن جي نسل درنسل غلامي به آھي .اسان جڏھن پيدا ٿيون ٿا ته پنھنجي وڏن کي ڪنھن درگاھه يا ڪنھن بنگلي تي جھڪيل ڏسون ٿا ۽ پو اسان نسل درنسل ھڪ غلامي واري زندگي گذارڻ جا عادي ٿي وڃون ٿا.
ضرورت ان شيءَ جي آھي ته پاڻ جيڪو نئون نسل آھيون انھن نام نهاد پيرن ۽ ڀوتار لٽيرن کان بغاوت ڪري انھن جي سامھون ڳاٽ اوچو ڪري ڪا ڳالھه ڪريون نه ڪي مظلوم محڪوم ۽ مجبورن جيان انھن جي پيرن تي ڪريا پيا ھجون. جڏھن اسان درگاھن کان وڌيڪ درسگاھن کي اھميت ۽ عزت ڏينداسين ته يقينن سمورو ڏيھه تبديل ٿي ويندو.
مفاد پرست اڳواڻن کان لاتعلقي ڪرڻ سان تبديلي:
اسان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان انھن ٺڳ ۽ مفاد پرست اڳواڻن ڏنو آھي جيڪي اسان کي پنھنجو رستو بنائي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي پنھنجا ذاتي مفاد حاصل ڪن ٿا.
اھڙن مفاد پرست اڳواڻن جو نشانو اھڙا نوجوان ھوندا آھن جيڪي ڪنھن يونيورسٽي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رھيا ھوندا آھن اھي ڪاغذي اڳواڻ جذباتي نعرا ھڻي ماڻھن کي سنڌ ۽ سنڌ جي درد جو ڊارمو ڪري انھن کي ڪيش ڪرائي پنھنجا بنگلا اڏي عياشيون ڪندا آھن. اسان کي اھڙن ڪوڙن ۽ منافق اڳواڻن کان الڳ ٿي صرف پنھنجي تعليم تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
اليڪشن ۾ بھتر ماڻھن جي چونڊ سان تبديلي:
اسان وٽ عام ماڻھو کي پنھنجي حق ادا ڪرڻ جو موقعو صرف اليڪشن ۾ ملي ٿو.
اليڪشن ۾ اسان وٽ سدائين ساڳيا پير ۽ ڀوتار لٿل ھوندا آھن. پوئين اليڪشن ۾ ايتري تبديلي ضرور آئي هئي ته ووٽ لاءِ ايندڙ انھن پيرن ميرن آڏو ماڻھن ڳالھايو جن آڏو ٻڙڪ ٻاھر ڪڍڻ ڪبيرا گناھ سمجھيو ويندو ھيو. “ڀوتار ڇو آيو آھين، پير اسان توکي نه ٿا سڄاڻون ” جھڙا لفظ يقينن تبديلي ڏانھن ھڪ قدم نه پر ھڪ وڏي ٻرانگھه ھيا.
اسان کي اليڪشن ۾ ڪنھن اھڙي ماڻھو کي اڳتي آڻڻ گهرجي جيڪو اسان مان ھجي جيڪو اسان جي پھچ ۾ ھجي ٻي صورت ۾ اھڙن موسمي ڏيڏرن کي چونڊيوسين ته وري پنج سال پٽڻ ۾ پورا ھونداسين.
ننڍا ننڍا سماجي ڪم ڪرڻ سان تبديلي:
اوھان جنھن ڳوٺ محلي ۾ رھو ٿا اتي پنھنجي وس ۽ وت آھر سماجي ڪم ڪرڻ سان به ماڻھن ۾ تبديلي اچي ٿي. مثال طور پنھنجي محلي جي ڪا نالي ٺھرائڻ، ڪا نالي صاف ڪرائڻ، ڪا ڀڳل ٽٽل پل ٺھرائڻ ڪٿي گھرن آڏو بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائڻ، اھڙا ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ سان ماڻھن جو توھان مٿان اعتماد وڌي ويندو جڏھن ته اتان جي چونڊيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن تان اعتماد کڄي ويندو ۽ نتيجي ۾ ماڻھـن جي ذھنن ۾ ھڪ بغاوت ڪر کڻندي ۽ بغاوت سان تبديلي ايندي .
پنھنجو ڇا وڃي واري روش جي تبديلي:
ھر ستم تي ھر ظلم تي اسان اڪثر اھو چئي پنھنجو پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيندا آھيون ته “پنھنجو ڇا وڃي.”ڪنھن سان ڪنھن زيادتي تي ڪنھن پوليس جي ڏاڍائي تي ڪنھن معصوم ٻار جي بدفعلي واري ڪلور تي اسان چوندا آھيون پنھنجو ڇا وڃي. 
اسان جو ھڪ ٻئي کان لاتعلق ٿيڻ اسان جو پنھنجي بنيادي حقن کان بي خبر ھجڻ اسان لا وڏو الميو آھي  اسان سڀ سماجي طور گنڍيل آھيون ان ڪري ھڪ ٻئي سان ڳنڍجڻو پوندو ھر اشو تي گڏجي ھلڻو پوندو. ٻي صورت ۾ سڀاڻي انفرادي طور اسان تي ظلم ٿيندا رھندا ۽ اسان ماٺ ۾ ھر ستم سھندارھندسين.
ان ڪري اچو ته اجتماعي طور گڏجي پئون جڏھن اسان مان ڪو ھڪ بيٺل پاڻي ۾ پٿر ھڻندو ته ماڻھو گڏ ٿيندا ويندا قافلو ٺھندو ويندو ۽ پوءِ تبديلي جي تڙپ رکندڙ لکين ماڻھو گڏ ٿي ويندا ۽ جڏھن لکين ماڻهو نڪري پيا ته يقينن سنڌ جي ھر شھر جو ھر چونڪ “تحرير” چونڪ بڻجي پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *