تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

تازين برساتن مڪاني کاتي جي پت وائکي ڪري ڇڏي

انساني معاشري جي ڪنهن به سرشتي جي قيام ۽ ان کي هلائڻ لاءِ قانون ۽ قاعدن جي بنيادي حيثيت ٿئي ٿي، پر ڪنهن به نظام کي هلائڻ لاءِ قانون قاعدا لاڳو ڪرڻ کان وڌيڪ انهن تي عمل ڪرڻ سان عوام کي ملندڙ لاڀ جي ٿيل دعوائن کي حقيقت جو روپ ملي سگهي ٿو . مڪاني ادارن ۽ مڪاني سرشتي جو سڌو سنئون تعلق عوام جي بنيادي شهري سهولتن سان ٿئي ٿو، شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن جي صفائي سٿرائي، پاڻي فراهمي ۽ نيڪالي، روڊن رستن، گهٽين ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي اڏاوتن، مارڪيٽن ۽ منڊين، مال پڙين، بيمارين کان بچاءَ وارين سرگرمين کان وٺي زندگيءَ جي بنيادي سهولتن واريون ٻيون گهڻيون ذميواريون مڪاني ادارن جي ذمي اچن ٿيون، ايئن کڻي چئجي ته زندگي جي سک ۽ خوشحاليءَ جو مڪاني ادارن ۽ مڪاني نظام سان گهڻو ويجهو ناتو آهي، پر اسان جي بدقسمتي اها آهي جو گذريل چئن سالن کان مڪاني نظام کان سموري سنڌ جيان لاڙڪاڻي واسي به وانجهيل آهن. لاڙڪاڻي شھر جو انفرااسٽرڪچر ۽ سموري صورتحال ڏسي محسوس ٿيو ته عوامي حڪومت جي چئن سالن دوران شھر جي ترقي سان ڪهڙي ويڌن ٿي آهي. لاڙڪاڻو جيڪو شهيد ڀٽي ۽ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو شهر آهي، اتي اربين رپين جي پيڪيج جي باوجود شهر جي رستن جو حال ته انتهائي خراب آهي. ڪجهه وقت اڳ تازين برساتن ته رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ مڪاني ادارن جي ناڪامي جي سڄي پت وائکي ڪري وڌي آهي. اربين روپيا تمام وڏي رقم آهي. جيڪڏهن اها رقم ٺيڪ طرح سان شھر جي عوام کي بنيادي شهري سهولتون ڏيڻ تي خرچ ٿئي ها ته لاڙڪاڻي جي اها حالت نه هجي ها. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اها وڏي رقم عوامي سهولتن لاءِ خرچ ٿيندي نظر نٿي اچي ته پوءِ ڪيڏانهن وئي؟ ۽ اڃان به مڪاني ادارن کي هر مهيني صوبائي ناڻي کاتي کان جاري ٿيندڙ ڪروڙين رپيا ڪيڏانهن گم ٿي وڃن ٿا؟ لاڙڪاڻي جي مڪاني ادارن تي ڪنهن جو ڪنٽرول آهي، اها ڪا لڪل ڳالهه ناهي. ٻيو ٺهيو پر شھرين کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ميسر نه آھي. شھر جا اڪثر روڊ رستا تباھه حال ته بڻيل آھن پر اهم روڊ جتي سموريون اهم سرڪاري آفيسون ۽ ڪورٽون موجود آھن جن ۾ وي آءِ پي روڊ ، ھائيڪورٽ روڊ، اسٽيڊيم روڊ شھر جا اهم روڊ آھن انهن جو ڊرينج سسٽم اڃان تائين نه جڙي سگهيو آھي.
لاڙڪاڻي واسي اهو چوڻ تي حق بجانب آھن ته لاڙڪاڻو شهر پئرس ته نه بڻجي سگهيو پر ساڳيو لاڙڪاڻو به نه ٿي سگهيو آھي. تازو چوماسي برساتن جي حوالي سان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي صوبائي وزير مير شبير احمد بجاراڻي لاڙڪاڻي پهچي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايتن تي لاڙڪاڻي شهر جي ڊرينيج واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ هن سال جي بجيٽ ۾ فنڊ رکيا ويا آهن جيڪا اسڪيم مڪمل ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ۾ واٽرسپلاءِ اسڪيم کي شروع ڪيو ويندو. سرڪٽ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ميئر ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن سان شهر جي ڊرينيج ۽ ٻين مسئلن بابت منعقد ڪيل اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير مير شبير بجاراڻي چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ عملدارن جي رضامندي سان پبلڪ هيلٿ کاتي جي سالياني بجيٽ کي 20 سيڪڙو کان وڌائي 60 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مون کي خاص هدايتون ڏنيون آهن ته ميئر سان گڏجي شهر جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، لاڙڪاڻو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شهر آهي هن کي ترجيح ڏئي لاڙڪاڻو بڻائينداسين. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي ڪجهه ڊسپوزل مشينن جو گندو پاڻي رائيس ڪئنال ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي جنهن جو رستو تبديل ڪيو ويندو جيئن گندي پاڻي کي شهر کان ٻاهر ڇوڙ ڪري سگهجي. هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ميئر تفصيلي بريفنگ ڏني اسان هن جا خدشا ٻڌي ڪري مانيٽرنگ ٽيم جوڙي آهي جنهن جي ذريعي لاڙڪاڻي شهر جا مسئلا حل ڪيا ويندا. جميل احمد سومرو چيو ته لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن پر وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، هن وقت به لاڙڪاڻي ۾ ڪم هلندڙ آهن جن کي تمام جلد مڪمل ڪيو ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڙڪاڻي ۾ چوماسي برساتن کي اثرائتي نموني منهن ڏيڻ واري جامع حڪمت عملي تي ڪم ڪيو وڃي جيئن پاڻي روڊن تي بيهي نه سگهي ۽ اهو ڪم جيڪو سرزمين تي ٿيندو نظر به اچي. شهري علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال کان بچڻ لاءِ لازمي آهي ته نيڪال جي نظام کي ان لائق بڻايو وڃي جو هر قسم جي تيز برسات جي پاڻيءَ کي بنا رنڊ روڪ جي رستو ملي جيئن اهو پنهنجي منزل کي پهچي، نه رڳو ايترو پر اهي علائقا، جتي روايتي طور مينهن ۾ پاڻي بيهي ويندو آهي، جيڪو عوام لاءِ عذاب ثابت ٿيندو آهي، تنهن جي نيڪال لاءِ به اڳواٽ بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءُ مينهن ماڻهن مٿان رحمت بدران زحمت ٿي نه ڪڙڪي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *