تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

تاريخ ۽ تعليم جي ڊاٿل ديوار ۽ اهل علم جون دانهون

ڪالهه منجھند جو واٽس ايپ تي آيل هڪ پيغام ڇرڪائي وڌو، هونئن اسان صحافي هاڻي ايترا ته پڪا ٿي ويا آهيون جو ڪنهن به وڏي واقعي تي اسان کان ڇرڪ ناهي نڪرندو، دهشتگردي جا واقعا هجن يا حادثا، ڪا ڪا خبر ئي اسان جي دماغ تي گهرا اثر ڇڏيندي آهي، ڪالهه منجھند جو واٽس ايپ تي آيل پيغام به هڪ اهڙو ئي پيغام هو، جنهن مون کي متاثر ڪيو، صرف مون کي نه پر علم سان چاهه رکندڙ هر ماڻهو کي تڪليف پهتي. اهو پيغام هي هو ته قانون لاڳو ڪندڙ اداري سنڌ جي تاريخي ۽ پهرين ڪاليج ڊي جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج جي اسپورٽس گرائونڊ جي ديوار ڊاهي ڇڏي، استاد اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. اهڙي اطلاع جي تصديق ڪرڻ بعد مون پنهنجي اداري کي خبر ۽ تصويرون اماڻي ڏنيون، تصويرن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته استاد اسپورٽس گرائونڊ تي احتجاج ڪري رهيا آهن. ڊي جي يعني ڏيارام ڄيٺ مل سائنس ڪاليج جي ديوار ڇو ڊاٿي وئي؟ ان پويان ڪهڙا محرڪ ۽ مقصد آهن؟ ان تي لکڻ کان اڳ اچو ته ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج تي هڪ نظر وجھون.
ڏيارام ڄيٺ مل سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج 17 جنوري 1887ع تي ٺهيو، هن ڪاليج کي سنڌ ۾ پهرئين ڪاليج جو درجو حاصل آهي، ممبئي سميت مختلف شهرن کان شاگرد هتي تعليم حاصل ڪرڻ ايندا هئا، ڏورانهن علائقن مان شاگردن جي اچڻ جي ڪري انهن جي رهائش جا مسئلا پيدا ٿيا ۽ ان لاءِ هاسٽل جي ضرورت محسوس ٿي. هاسٽل لاءِ راءِ بهادر ديوان ميٺارام گدو مل 15 هزار چندو ڏنو، هاسٽل ٺهيو ته ان تي نالو به ميٺام رام هاسٽل رکيو ويو، هن ڪاليج مان ناليوارن شخصيتن تعليم پرائي ۽ انهن اڳتي هلي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. هن ڪاليج ۾ سنڌ جي اڳوڻن وڏن وزيرن ايوب کهڙو، غلام حسين هدايت الله، موجوده وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بنگلاديش جي اڳوڻي صدر ضياءَ الرحمان، ناليواري سائنسدان عبدالقدير خان، ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي پير زادا قاسم به تعليم پرائي. اهڙي ريت ايس آءِ يو ٽي جو باني ڊاڪٽر اديب رضوي، هاڪي رانديگر ڪامران اشرف، شاهد علي خان، نيشنل ڪاليج ممبئي جو باني ڪي ايم ڪندناڻي ۽ ٻين اهم شخصيتن به ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج ۾ علم جي لاٽ سان منور ٿيا، ناليوارو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي ۽ پروفيسر هوتچند مولچند گربخشاڻي هن ڪاليج ۾ پڙهايو. مس مٽالڊا سنڌ جي پهرين ڇوڪري هئي، جنهن ڇوڪرين ۾ سڀ کان پهرين هن ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، هن ممبئي يونيورسٽي مان ايم بي اي جي ڊگري ورتي.
ڊي جي سنڌ گورنمينٽ سائنس ڪاليج هڪ اهڙي هنڌ تي واقع آهي جو ان سان لڳندڙ زمين ۾ شهر جي وڏن وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ ادارن جي دلچسپي وڌڻ لڳي آهي، هن ئي ڪاليج جي ميٺارام هاسٽل ۾ رينجرز ويٺل آهي، جناح ڪورٽس به رينجرز جي استعمال ۾ آهي، جناح ڪورٽس رينجرز جو هيڊڪوارٽر آهي، جتي رينجرز جو ڊائريڪٽر جنرل ويهندو آهي. جناح ڪورٽس جي برابر ۾ ڪامرس ڪاليج آهي، ڪامرس ڪاليج جي ڪجهه ئي قدمن تي وزيراعليٰ هائوس ۽ 2 فائيو اسٽار هوٽلون آهن. ڊي جي ڪاليج جي سامهون به رينجرز جي ونگ آفيس آهي، رينجرز طرفان جيڪا ديوار ڊاٿي وئي آهي، اها ديوار ڊي جي سائنس ڪاليج جي اسپورٽس گرائونڊ جي آهي، اسپورٽس گرائونڊ 8 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ڪاليج انتظاميا موجب رينجرز ديوار ان لاءِ ڊاٿي ته جيئن اتي گيٽ لڳائي سگھجي، ڇاڪاڻ ته رينجرز سمجھي ٿي ته برساتن توڙي ٽريفڪ سبب ڪافي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، جيئن ته هتي ڊي جي رينجرز به ويهندو آهي، ان ڪري هيڊڪوارٽر ۾ اچ وڃ لاءِ ٻيو رستو هجڻ ضروري آهي. ڪاليج انتظاميا موجب ڳالهه گيٽ جي نه پر نيت جي آهي، دروازو لڳڻ سبب سڄو گرائونڊ ڪاليج جي انتظامي ڪنٽرول مان نڪري ويندو، سڀاڻي اتي راندين جي اجازت به نه ڏني ويندي، سيڪيورٽي خدشا ڄاڻائي اسپورٽس گرائونڊ کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو ويندو، ان لاءِ کين اهو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. بهرحال! اهي ته ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ تعليمي ادارن سان چاهه رکندڙن جا خدشا آهن، جيڪي غلط به ٿي سگھن ٿا پر اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته اهي خدشا ناجائز ناهن.
ڪراچي سميت صوبي جي مختلف شهرن جي تعليمي ادارن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته انهي قسم جا خدشا ضرور پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي، ڪاليج جي عمارت نيشنل هيريٽيج ۾ شامل آهي، نيشنل هيريٽيج ۾ شامل ڪنهن به عمارت مان پٿر ڪڍڻ به قانوني طور ڏوهه آهي، ان عمارت جي مرمت جو ڪم به لاڳاپيل اختيارين جي اجازت سان ماهرن جي موجودگي ۾ ڪرائي سگھجي ٿو پر هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار لڳي پئي آهي.
ڪالهه سڄو ڏينهن اسپورٽس گرائونڊ تي استادن جو احتجاجي ڌرڻو جاري هو، ڳالهيون ٿيون، پنهنجو فيصلو واپس ورتو ۽ ڪاليج انتظاميا جي وفد کي يقين ڏياريو ته رينجرز ديوار ٻيهر تعمير ڪرائيندي. جنهن تي استادن سندن شڪريو ادا ڪندي چيو ته ديوار ڪاليج انتظاميا پاڻ ٺهرائيندي. ان ڳالهين کانپوءِ استاد ديوار تعمير ڪرڻ پهتا ته رينجرز اهلڪارن ٻيهر کين روڪي ورتو. استادن طرفان اڄ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته سڀاڻي(اڄ) جيئن ته تدريسي عمل شروع ٿي رهيو آهي، ان ڪري ڪلاس رومن ۾ نه هلندا، شاگردن کي گرائونڊ تي ويهاري پڙهايو ويندو، ڏسون ٿا ته استادن جو احتجاج رنگ لائي ٿو يا……!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *