تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ

ڪارونجهر جي ڪر تان اڏندڙ مور جي نيلن پرن ۾ وڌيڪ رنگن جي نکار ڏسندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته سانوڻي رت پنهنجي ڀرپور جوڀن سان موٽي آئي آهي،  تاڙن جي تنوار، همرچن هونگار واري ملير جي مٽيءَ تي ولهار وسڻ جا ويس ڪري چڪا آهن، ڀٽن جا سڪل بدن ساوڪ جي پوشاڪ پهري پنهنجي سندرتا جي نئين رنگ سان جرڪڻ وارا آهن ، بئراجي علائقن ڏي ويل مال پنهنجي ديس طرف کنوڻن جا تجلا ڏسندي، اڪير مان رنڀندي بي تحاشا خوشيءَ کي ظاهر ڪري رهيا آهن. سانگيئڙن ۾ سرهائيءَ جي هڪڙي جهلڪ پسي سگهجي ٿي جڏهن هو هڪٻئي کي وُٺي جون واڌايون ڏيندي پنهنجي رسمي عيد ملهائي رهيا آهن، ۽ ٿاريلين جي چپن تي فوزيه سومرو جي گيت جا هي ٻول ٻُرن پيا ، فوزيه جنهن جي گلي ۾ فطرت جو شاهڪار آواز آهي :
سنڌ سڄي ۽ ڪڇ ڪنارو،
وٺو ويرا واه ڏيپلو ڇارو،
ڏانو ڌانڌل ٻلهياري ري،
کاروڙو کينسر راڄوڙي رم جهم،
ڪاٽڻ پلٽي ڪاري ري،
تل ترائين ٽوڀا ٽم ٽم،
برسي بوند بهاري ري.
آوي مند ملهاري ري.
مينهن پڄاڻان صحرا جو پيٽ چيري نڪرندڙ للر، مريڙو، کنڀيون ، ڪونڍير، مانڌاڻي ، سميت لاتعدا ٻوٽا، وليون، گاهن گلزاريون ٿر جي فطري حسن جي انفراديت جو ڏيک ڏينديون آهن، ٿر ۽ وسڪاري جو هڪ اهڙو سنٻڌ آهي، جو مينهن بنا ملير اڻپورو ۽ اڌورو آهي، لطيف سائين جي سر سارنگ ۾ وسندڙ ٿر ، بڊي جي بادلن ۽ ڊيلن جي ڊڪندڙ صدائن جهڙو ٿر وسڪاري پوڻ سان مرڪي پوندو آهي،
جديد دور جي تقاضائن موجب ٿر ۾ به ڪيتريون ئي تبديليون رونما ٿيون آهن اڳي جتي ڏاگن ۽ ڏاندن سان کيٽ کيڙبا هئا اتي هاڻ ٽريڪٽرن جو استعمال عام ٿي ويو آهي، اڳ ۾ اونهاري جي لڱ ساڙيندڙ لڪن ۾ کرا کولبا هئا ان جاءِ تي ٿريشر مشين ذريعي ان اپايا وڃن ٿا، جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ٽريڪٽر جي پوک ذريعي ننڍن ڦٽندڙ وڻن جو وڏو نقصان ٿيئي ٿو جنهن ۾ ڪنڍين ۽ ٻيرڙين جا وڻ ختم ٿيندا وڃن ٿا، پر وقت جي بچاءُ جي ڪري ماڻهو ان کي اهميت ڏين ٿا.
مينهن وسڻ سان ٿر جا حسين منظر جهومي پون ٿا ۽ سياحن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهي ٿو، ڪارونجهر جبل ، ڀوڏيسر تلاءُ ، انچلاسر ، ڪجلاسر، راڻاسر، ڀٽياڻي ، سارنگاه ، چوڙيو ڪاسٻو، گوڙي مندر ، سنت نيڻورام آشرم ، گڊي ڀٽ ، چيلهار وغيره سياحن جي گهمڻ لاءِ بهترين تفرح گاهه جا ماڳ آهن.
ٿر ۾ زمين جي پوکائي دوران گئوچر ، مال جا چراگاهه گهڻي قدر پوکيا وڃن ٿا جيڪو نه رڳو قانوني جرم آهي پر چوپائي مال جي کاڌ خوراڪ جو اهو واحد ذريعو به بند ڪيو وڃي ٿو، زمينن تان تڪرار ۽ جهيڙا جهڳڙا وسڪاري جي مند ۾ اڪثر ٿين ٿا ، هونئن به ننگن ۽ دنگن تان وڙهڻ ٻنين ۽ ونين تان سر ڏيڻ سنڌي ماڻهن جو محبوب مشغلو ۽ رومانس ڀريو ڪلچر رهيو آهي، جيڪو تسلسل صدين کان اڄ تائين ٿر ۾ به برقرار آهي.
برسات دوران آسماني بجلي ( کنوڻ ) ڪرڻ جا به ڪيترائي واقعا هر سال پيش اچن ٿا جنهن ۾ انساني زندگين سان گڏ غريب ماروئڙن جي مال جو به وڏو نقصان ٿئي ٿو، انهي اهم ۽ بنيادي مسئلي تي اڃان نه حڪومت ڌيان ڌريو آهي نه ڪي NGOs ادارا ان تي ڪم ڪن ٿا جو ان جا ڪي جوڳا حل ڪڍي ڏنا وڃن يا ان جي بچاءُ جو اوزار Lighting Rod لڳائي ڏئي ٿر جي ماڻهن جون انساني جانيون بچايون وڃن.
وسڪاري جي موسم ۾ ٿر سرسبز ٿيندو آهي ته ڇانهيا ، گدريون ، چڀڙ ، ميها ، گوار ، ڪيتريون ڀاڄيون ۽ ميوا ٿيڻ سان ٿري ماڻهن جو روزگار به ٿيندو آهي،
مينهن جي مند ۾ ٿر جي انڊلٺي سونهن پنهنجي سموري جمالياتي حسن سان موٽي ايندي آهي، سيمن ۾ مال جي سنڀارن ، چڙن چنگن جا مڌر آواز ، ڌنارن جون سينڍون ، پکين جون ٻوليون ، ٻنين ۾ جهار هڪلڻ لاءِ ٽاٽ جا ٺڪاءُ ، پوپٽن جا رنگ ، جيتن جي چڻ ڀڻ ۽ ڀٽن ڀر عار جو سنهڙو آواز ، راڻليا ، ڪجليا ، راسوڙا، همرچا ۽ ڪيترن ئي لوڪ گيتن جا آلاپ ان سڄي شاندار منوا جو دلڪش پسمنظر آهن.
مينهن وسڻ سان جڏهن مڙهن ماٿارين تان ندين جا گوگهٽ ، ڏهرن ۾ تل تراين کي تار ڪري ڇڏين ٿا ته اڃايل ٿر جي واري کي نئون رنگ ملي وڃي ٿو ۽ ٻارڙا ڳوٺ جي ريلن ۾ رانديون کيڏندي ننڍڙا گهر ٺاهين ٿا.
ٿر جيڪو مذهبي متڀيد کان آجو رهيو آهي، ۽ پنهنجي روايتن ۽ ريتن جو امر خطو آهي اهو وسا ورنيءَ ۾ سندس سڃاڻپ جو بيمثال نمونو آهي.
حيدر رند جي گيتن ۾ جيئندڙ ٿر هاڻ سندس انهي حسناڪين ڏانهن موٽ کائي پيو هي رت دلبرين جي مند آهي ، ۽ هن مند لاءِ ٿر سدائين واجهائيندو رهيو آهي.
بَرَ وَٺا، ٿَرَ وٺا، وَٺي ڪَڇَ ڪِنارَ
پونياڙِيءَ پَٽَنِ تي، ڏِسُ! نايائُون نارَ
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿا ڏُرتَ ڏيھَه تان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *