تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

بيروزگاري، ھٿرادو مھانگائي ۽ حڪومت جي ڪمزوري

سنڌ اندر بيروزگاري ۽ مھانگائي غريب، پورھيت ۽ وچولي طبقي جي عوام کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، ڪورونا وائرس کان عوام جي حفاظت لاءِ لاڳو ڪيل لاڪڊائون کانپوءِ بيروزگاريءَ ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيو، ان دوران حڪومتن عوام کي رليف ڏيڻ جا اڻ ڳڻيا واعدا ڪيا پر ان جي ابتڙ ڪو به رليف عوام کي مھيا نه ڪيو ويو. سخت لاڪڊائون کان ھن وقت تائين عوام کي کاڌي پيتي وارين شين سميت ٻين روز مرھه جي استعمال ھيٺ شين جي اگھن تي رليف ڏيڻ بجاءِ انھن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي.
سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به گھڻي ڀاڳي ساڳي صورتحال آھي جيڪڏھن سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جي ڳالھه ڪجي ته ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مھيسر، ڊپٽي ڪمشنر رانا عديل تصور ۽ لاڳاپيل ماتحت آفيسرن طرفان مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ مختلف کاڌ خوراڪ جا اگھه مقرر ڪيا ھئا، اگھه مقرر ٿيا، لسٽون ٺھي ويون، بس ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميا جو ڪم ختم ٿي ويو! جاري ڪيل سرڪاري ريٽ لسٽ تي ڪو به دوڪاندار عمل درآمد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي پر ڄاڻايل آفيسرن کي ان جي ڪا به پرواھ ناھي ته کاڌ خوراڪ جون شيون مھانگيون وڪرو ٿيڻ سبب غريب ۽ پورھيت طبقو ڪھڙي عذاب کان گذري رھيو آھي جنھن جو به انھن کي ڪو احساس ناھي. جيڪڏھن سکر جي ضلعي انتظاميا طرفان مقرر ڪيل کاڌ خوراڪ جي اگھن جو جائزو وٺجي ته سرڪاري اگھن ۽ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ کاڌ خوراڪ جي اگھن ۾ وڏو فرق آھي. سکر ضلعي انتظاميا طرفان ھول سيل تي اٽو في ڪلو 46 روپيا ۽ ريزڪي تحت في ڪلو 48 روپيا اگھه مقرر ڪيا ويا ھئا، پر ان جي ابتڙ مارڪيٽ ۾ اٽو ھن وقت 60 روپيا في ڪلو وڪامي رھيو آھي، ساڳي ريت کنڊ ھول سيل ريٽ تي 76 روپيا ۽ ريزڪي ريٽ تي 80 روپيا مقرر ڪئي وئي ھئي جيڪا مارڪيٽ ۾ 85 کان 90 روپين تائين وڪرو ٿي رھي آھي، دال مڱ في ڪلو هول سيل 235 رٽيل 250 رپيا ۽ مارڪيٽ ۾ دوڪانن تي 260 روپيا اھڙي طرح ضلعي انتظاميا طرفان مختلف کاڌ خوراڪ جي اگھن تي مقرر ڪيل اگھن بجاءِ منافعي خور تاجرن پنھنجون قيمتن واريون لسٽون لڳائي ڇڏيون آھن ۽ سرڪاري اگھن بجاءِ پنھنجا اگھه وصول ڪري رھيا آھن. مارڪيٽ ڪاميٽيون مڪمل طور غير فعال بڻجي صرف پنھنجي مفادن جي لاءِ ڪم ڪن ٿيون. کاڌ خوراڪ جا اگھه طئي ڪرڻ واري اجلاس ۾ بيورو آف سپلائيز، مارڪيٽ ڪميٽين، هول سيلرز، فلور ملز، پولٽري، مرچنٽ ايسوسئيشن جي نمائندن سميت واپارين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن به شرڪت ڪئي پر ان باوجود سرڪار طرفان طئي ڪيل اگھن تي عمل ڪرڻ بجاءِ منافعي خور تاجرن پنھنجا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آھن.
جيڪڏھن وفاقي حڪومت طرفان عوام کي سسبڊي ڏيڻ لاءِ اٽو في ڪلو 40 روپيا ۽ 10 ڪلو واري اٽي جي ٿيلھي 400 روپين ۾ مقرر ڪئي ھئي، يوٽيلٽي اسٽور تي مارڪيٽ کان في ڪلو تي اٽو 20 روپيا سستو مقرر ڪيو ويو ته جيئن غريب عوام کي رليف ملي سگھي پر ان جي ابتڙ سکر ريجن ۾ اٽو ناياب بڻيل آھي، جيڪو يوٽيلٽي اسٽورن تي موجود ئي ناھي، اھڙي طرح وفاقي سرڪاري يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ جو في ڪلو 68 روپيا مقرر ڪيو يعني مارڪيٽ کان کنڊ 17 کان 20 روپيا سستي آھي پر منافعي خور تاجرن جيان مبينا طور ڪرپٽ يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سبب اٽو توڙي کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن تان غائب آھي، ذريعن جو چوڻ آھي ته اٽو ۽ کنڊ بليڪ تي دوڪاندارن ۽ تاجرن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اھڙي صورتحال مان واضح آھي تھ حڪومت منافعي خور تاجرن آڏو بيوس بڻيل آھي، ڪمزور حڪومت جا وزير، مشير، حڪمران ۽ انتظاميا ميڊيا تي اچي ۽ پڌرائي جاري ڪري وڏا اعلان ته ڪن ٿا جنھن کان پوءِ انھن کي ئي ياد ناھي ھوندو ته ھنن اعلان ڇا ڪيو آھي. تنھن ڪري سنڌ جي وڏي وزير کي ھٿرادو مھانگائيءَ جو نوٽيس وٺي غريب ۽ پورھيت طبقي کي رليف ڏيڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *