تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

بل گيٽس جو انٽرويو ۽ ڪورونا کانپوءِ وارو وايو منڊل

 ٻه ڏينھن پھريان آمريڪي عالمي خابرو اداري سي اين اين تي فريد زڪريا جي مشھور شو ڏسڻ جو اتفاق ٿيو، شو ڏسڻ جو ھڪ سبب ته سماجي رابطن واري سائيٽ  ٽيوٽر تي وفاقي حڪومت جي سوشل ميڊيا ٽيم جي طرفان انھي انٽرويو کي بنياد بڻائيندي ڪنھن عالمي اڳواڻ طرفان ڪورونا خلاف حڪومت جي ساراھه سان ڳنڍيو پئي ويو ۽  ٻيو  انھي پروگرام جو مھمان مائڪروسافٽ جو باني ۽ دنيا جو امير ترين شخص بل گيٽس ھيو جيڪو اڄڪلھه دنيا جي  پوليو سميت وڏن پروجيڪٽن سان گڏ چين مان ڦھليل موتمار وائرس ڪورونا جي ويڪسين جي تياري جي حوالي سان ڪافي متحرڪ ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. پروگرام جو موضوع به ڪورونا وائرس جي عالمي وبائي صورتحال ھئي. پاڻ سڄي انٽرويو کي نه پر صرف پنھنجي ملڪ پاڪستان جي حوالي سان ٿيل ذڪر بابت ڏسنداسين جيئن ڪورونا کان پوءِ واري ٺھندڙ وايو منڊل کي پرکي سگھون. ميزبان فريد زڪريا جي بل گيٽس کان پڇيل سوال ته ھڪ طرف آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ آھن جتي ڪورونا جي وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان ۽ سريلنڪا جھڙا ملڪ آھن جتان جي حڪومتن طرفان ڪجھه نه ڪرڻ ۽ گھٽ ٽيسٽن باوجود اتي ڪورونا جي ڦھلاءُ ۽ ڪيسن ۾ گھٽتائي اچي رھي آھي، انھي گھٽتائي جو ڪھڙوسبب ٿي سگھي ٿو؟ بل گيٽس انھي سوال جو تفصيلي جواب ڏيندي ايشيا ۽ پاڪستان بابت ٻه ڳالھيون ڪندي چيو ته ھڪ ته پاڪستان سميت ايشيائي ملڪن جي گھڻي آبادي نوجوان آھي ۽ ٻيو اتان جي ماڻھن جو ڦھلجندڙ وائرسن خلاف جسماني مدافعتي نظام ڪافي بھتر آھي.  ھن گراف ڏيکاريندي ڪراچي جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي شروع ۾ ڪورونا جي صورتحال ڪافي خطرناڪ رھي پر انجي باوجود ھاڻ ڪراچي ۾ ڪافي بھتري آھي ۽ يورپ وانگر ڪيس گھٽجن پيا، ساڳي ريت ھن انڊيا ۾ وڌندڙ ڪيسن جي حوالي سان افسوس جو اظھار پڻ ڪيو. دنيا انھي ريت ڪورونا کي پرکي رھي آھي . گذريل ڏينھن جي ھڪ سٺي خبر اھا آھي ته روس جي صدر ولاديمير پيوٽن طرفان ڪورونا جي ويڪسين تيارٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي لاھور جي ھڪ يونيورسٽي طرفان ڪورونا جي ويڪسين ٺاھڻ ۽ ان جا ٽرائيل ڪرڻ تي نوٽيس وٺندي انھي يونيورسٽي کي شوڪاز موڪليو آھي ته اوھان اسان کي ٻڌائڻ بنا اھو ڪم ڪيئن ڪيو؟
ملڪي طور ڏسجي ته آخري اطلاعن تائين سرڪاري ويب سائيٽ تي موجود انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ھن وقت  ڪورونا جا پاڪستان ۾ ويھه ھزار کان به گھٽ ڪيس وڃي بچيا آھن ۽ عيد الضحيٰ جي گذرئي به ھڪ ھفتي کان مٿي عرصو گذري چڪو آھي  پر عيدالفطر جي بعد واري خوف ۽ ڦھلا جي شرح جھڙي صورتحال ڪونھي . پاڪستان ۾ ٻه لک پنجاسي ھزار کان مٿي ڪيس رھيا جن مان ٻه لک سٺ ھزار چاڪ ٿي گھرن ڏانھن وڃي چڪا آھن جڏھن ته ڇھه ھزار کان مٿي ماڻھو پنھنجي جان تان ھٿ کڻي چڪا آھن. سنڌ جي سوا لک ڪورونا جي مريضن مان ھن وقت تقريبن ڇھه ھزار ماڻھو ڪورونا ۾ ورتل آھن جڏھن ته ٻه ھزار انساني جانيون ڪورونا سبب ضايع ٿي چڪيون آھن.
18 مارچ کان شروع ٿيل لاڪ ڊائون تقريبن ساڍن چئن مھينن کانپوءِ وفاقي حڪومت جي اعلان تحت سڄي ملڪ ۾  ختم ڪيو ويو آھي جڏھن ته تعليمي ادارن کي به پندرنھن سيپٽمبر کان کولڻ جو چيو ويو آھي. جنھن جي پيروي ڪندي سنڌ حڪومت پنھنجي ڏھه آگسٽ تي ھڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي سڄي صوبي ۾ لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ سڄي صوبي جي سڀني ڪاروبارن کي ايس او پيز تحت کولڻ جو چيو ويو آھي جڏھن ته اسڪولن ۽ شادي ھالن کي پندرنھن سيپٽمبر تي کولڻ جو لکيو ويو آھي. ڪورونا وبا سبب ساڍا چار مھينا ڇا زندگي گذري جھڙو نئون جنم ٿيو آھي. انھن گذريل ساڍن چار مھينن جو عرصو حالانڪه ايڏو ڪو وڏو عرصو ناھي.  انھي عرصي دوران اميرن توڙي غريبن کي زندگي پنھنجو وجود ۽ اھميت ڏيکاري چڪي آھي، انسانن اھو ڪجھه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو جيڪو ھنن پنھنجين زندگين ۾ ڪڏھن نه ته ڏٺو ۽ نه محسوس ڪيو. پنھنجائپ ۽ ويجھڙائپ ڇا ٿيندي آھي اھي احساس به حقيقي طور تي انسان انھي ڪورونا جي ڪڙي وقت ۾ محسوس ڪيا. ھاڻ اچون ٿا ھڪ اھم پوائنٽ ڏي ته لاڪڊائون وغيره ختم ٿيڻ سان ڇا ڪورونا ختم ٿي ويئي آھي ؟ جنھن جو مختصر جواب آھي نه!  بيشڪ پاڪستان ۾ ڪورونا وبا پنھنجا اثر وڃائي رھي آھي پر اسانجي پاڙيسري ملڪن انڊيا ۽ بنگلاديش ۾ اڃان تائين وڌي رھي آھي جنھن جي ڪري اسانکي لاڪ ڊائون ختم ٿيڻ باوجود احتياط سان رھڻو پوندو پنھنجو ۽ پنھنجي پيارن جو خيال رکڻو پوندو. جئين ته اسين سڀ ھڪ ڏکئي دور مان گذري آيا آھيون انھي جي لاءِ چاھيندي ، نه چاھيندي اسين سڀ سماجي ۽ فطري طور ھڪ نفسياتي دٻاءُ ۾ آھيون. سڀ کان پھريان اسانکي ان نفسياتي دٻاءُ مان نڪرڻو پوندو. انھي نفسياتي دٻاءُ مان نڪرڻ جي لاءِ وڏا ادارا ته باقائده نفسياتي ماھرن کي گھرائي ڪري پنھنجي ملازمن جي لاءِ سيشن ڪرائيندا آھن پر اسان وٽ اھڙا سماجي ادارا ناھن جنھن سبب اھا ھر شعور واري جي ذميواري آھي ته پنھنجي گھر کان شروع ڪندي پنھنجي آس پاس جي ماڻھن سان ملي ڪري انھن کي انھي نفسياتي دٻاءُ مان نڪرڻ جي لاءِ صلاحون مشورا ڏيئي ۽ انھن جي مدد ڪري.
ھاڻ رھيو مسئلو ته ايندڙ وقت ڪيئن ھوندو ۽ اسانکي ڪيئن ھلڻ گھرجي ته انھي جي لاءِ عرض آھي ته اسين سڀ انتھائي ڏکيو وقت ڏسي ۽ گذاري چڪا آھيون سو انھي کان ڏکيو وقت شايد نه اچي پر اسان جي بي احتياطي ۽ پاڻ بچايو وارين تدبيرن تي عمل نه ڪرڻ انھي کان به ڏکيو وقت آڻي سگھي ٿي. انھي جي لاءِ ڀلي ڪو چوي يا نه چوي ، حڪومت ميدان ۾ اچي نه اچي اسانکي ھر حالت ۾ پنھنجي پيارن جي لاءِ پاڻ کي سماجي وٿي رکي ڪري ، بار بار ھٿ ڌوئي ڪري، رش وارين جڳھن تي ماسڪ پائي ڪري ، نزلو زڪام ٿيندي ئي دوائون وٺي پاڻ بچائڻو پوندو ڇو ته اسان سڀني جو زندهه ھجڻ ئي خوبصورت زندگي  جو ثبوت آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *