تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

بلاول جو ديش ۽ ڪامريڊ ڪرڙ سنڌيءَ جي دانهن!

اها ان ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن بلاول هوشو شيديءَ واري شهر نيرون ڪوٽ مان واپسي تي قلندر جي نگريءَ ۾ ڳانا ۽ امام ضامن پائڻ کانپوءِ به بلٽ پروف گاڏين جي قافلي ۾ ڳڙهي خدابش لئه روانو ٿيو هو ته ڪامريڊ ڪرڙ سنڌيءَ به اچي اوچتو ٺڪاءُ ڪيو. ڪامريڊ پاڻ کي قديم ديس جو دراوڙ سڏائيندو آهي ۽ سدائين ڪاوڙ ڪروڌ واري حالت ۾ رهندو آهي، تنهنڪري مائٽاڻو نالو تبديل ڪري هميشه ڪرڙ سنڌي سڏائيندو آهي. سندس اها وجودي ڪيفيت ڪيتري وقت کان آهي ان جي ته ڪا خبر ناهي پر مان کيس ٻن ڏهاڪن کان سڃاڻان ۽ کيس هميشه اهڙي حالت ۾ ئي ڏٺو اٿم. ڪامريڊ حسب عادت حال احوال شروع ڪرڻ کان اڳ ٻانهن جا ڪف مٿي ايئن ڪيا جيئن اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪامريڊ مارڪسزم جي نفاذ بابت بحث شروع ڪرڻ مهل ڪندا هئا. ڪامريڊ پنهنجا ٻئي ڪف مٿي ڪرڻ بعد گهاٽين اڇين مڇن تي هٿ ڦيريندي چيو، “ڪامريڊ اهو بلاول ڀلا ڪهڙو ديش پيو ٺاهڻ چاهي؟” مون کيس پنهنجي واتان ورندي ڏيڻ بدران موبائيل فون مان حيدرآباد پريس ڪلب ۾ بلاول جي ڪيل ڳالهين واري وڊيو ڏيکاري، جنهن ۾ هو چئي رهيو هو ته، “ڪالهه بنگلاديش ٺهيو، وفاق جو ظلم جاري رهيو ته سنڌوديش به ٺهي سگهي ٿو.” ڪامريڊ توائي ٿيندي اها وڊيو اڌ ۾ بند ڪئي ۽ چوڻ لڳو، “اها ته مونکي به خبر آ پر تون اهو ٻڌاءِ ته انهن جون اهي چالبازيون ڪڏهن ختم ٿينديون…اهي اسان جي سياسي نظرين سان مشڪري ڪري انهن کي اقتداري بازارن ۾ سستو وڪڻڻ وارا هوڪا ڏيڻ ڪڏهن بند ڪندا؟” مونکي ڪامريڊ جون ابتدائي ڳالهيون سمجهه ۾ ئي نه آيون، تنهنڪري کانئس ورجائي پڇيم، “ڪامريڊ! ڪيئن ڀلا!؟” ڪامريڊ اڳي ئي توائي لڳو پيو هو سو مون واري ننڍڙي سوال تي به وڏي ڪاوڙ ڏيکاري چوڻ لڳو، “ڇو تون ننڍڙو آهين، رات ڄائو ٻار آهين جو توکي اها به خبر ناهي يا تو اها ڳالهه ڪڏهن ٻڌي ئي ناهي ته بلاول واري ناني ستر واري ڏهاڪي ۾ سن مٿان پرواز ڪندي پنهنجي آقائن کي چيو هو، هي ننڍڙو ڳوٺ سن آهي، جتي جي ايم سيد جهڙي شينهن کي مون قيدي بڻائي رکيو آهي. انهن سنڌي ڪتابن سان ۽ سنڌي اديبن سان ڪهڙو حشر ڪيو هو، ڇا توکي خبر ناهي؟”
ڪامريڊ جون اهي تاريخي ڳالهه ٻڌي مونکي لڳو ته ڪرڙ سنڌي مون سان عمر جي لحاظ سان زيادتي ڪري رهيو آهي، تنهنڪري کيس ياد ڏياريم ته ڪامريڊ انهن ڏينهن ۾ مان اسڪول وڃڻ جيتري عمر جو به نه هئس هروڀرو زيادتي نه ڪريو. منهنجي هلڪي ڦلڪي ڳالهه تي مسڪرائي چوڻ لڳو، “تون پنهنجون شرارتون پاڻ وٽ رک، ڀلا اهو ٻڌاءِ ته محترمه بينظير ڀٽو جو دور ته توکي ياد آهي نه ان جي ئي دور اقتدار ۾ سنڌوديش جي باني جي ايم سيد کي قيد واري حالت ۾ موت نصيب ٿيو هو يا نه؟” مون سندس پسند واري بحث ۾ پوڻ نه پئي چاهيو، تنهنڪري ڳالهه گول ڪندي کانئس پڇڻ لڳس، “ڀلا ڪامريڊ، ان ۾ بلاول جو ڪهڙو ڏوهه…بلاول اڄوڪي پاڪستان جو جذباتي نوجوان سياسي اڳواڻ آهي اهو ڪجهه به چئي سگهي ٿو. توکي ياد ناهي نوابشاهه واري جلسي ۾ بلاول جي جذباتي تقرير جنهن ۾ هن للڪاريندي چيو هو ته، “نيازي ياد رک! زرداري منهنجو پيءُ آهي ته اهو نه وسارجانءِ ته مرتضيٰ ڀٽو منهنجو مامو آهي توکي نه ڇڏيندس، پلئه ڪندس!” يا هو سکر مان اليڪشن مهم دوران سندس تقرير نه ٻڌي هيئي ته اها پنوعاقل ڇانوڻي اسان سياسي جوڙ توڙ لئه نه ٺاهي هئي، ڇانوڻين ۾ جوڙ توڙ بند ڪريو!” منهنجي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ڪامريڊ پنهنجي برانڊ وارو سگريٽ دکايو ۽ جيستائين مان ڳالهه مڪمل ڪريان هن هڪ ڪش هڻي به ورتو، سگريٽ جي ڪش هڻڻ بعد هن پنهنجي عادت موجب مونکي ٻانهن کان وٺي روڪيو ۽ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چوڻ لڳو، “او خدا جا بندا اهوئي ته….. اهوئي ته ….مان به چوان ٿو ته هن ويچاري جو نظرياتي سياست سان ڪو واسطو ناهي، هن کي ڪو وڃي ٻڌائي ته اي ڊجيٽل ايج جا نوجوان! نه هي ستر وارو سياسي ڏهاڪو آهي نه تون ذوالفقار علي ڀٽو آهين نه سامهون مجيب بنگالي اٿئي…..هن کي ڪهڙي خبر ته مير مرتضيٰ ڀٽو کي اسٽيبلشمينٽ لئه شينهن جي للڪار بڻائڻ ۾ ڪيترن سياسي، نظرياتي ۽ هٿياربند نوجوانن پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو هو، ڪرپشن جي ڪروڙن اربن رپين مان محل جهڙي ٺهيل راول هائوسز ۾ ويهي سنڌ جي عادي بڻيادي ڪرپٽ ڀوتارن سان سيلفيون ڪڍائيندڙ بلاول کي ڪهڙي خبر ته جلاوطني ۾ ڪابل جي رات ڪيتري نه طويل، سرد ۽ ڪاري رات هوندي آهي، جڏهن سفاڪ آمر جا موڪليل قاتل ڪتن جيان توهان جي رت جي بوءِ سنگهي گهٽين ۾ نوس نوس ڪندا هجن ۽ توهان هڪ هٿ ۾ بندوق ۽ ٻئي هٿ ۾ نياڻي کڻي ڪا محفوظ جڳهه ڳوليندا هجو..!”
ڪامريڊ جڏهن جذباتي سياسي بحث ڪندو آهي ته ميزبان پاران آڇيل هر شئي کي پاسي تي رکندو ويندو آهي اهو سندس سالن کان اصول آهي ۽ هن هاڻوڪي ڪچهري ۾ به ايئن ڪيو، هن ٿڌي پاڻي جو گلاس هڪ طرف رکندي چانهن جي به فرمائش نه ڪئي ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي چوڻ لڳو، “هي ڪهڙي منهن سان سنڌوديش جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جنهن جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ اسان جي لاپته ٿيل نوجوانن جي وارث نياڻين جا ان ئي ڪراچي جي روڊن تي روا لاهي کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان وقت ڇا اها عمران خان جي حڪومت هئي؟ کيس ته اها به خبر ناهي ته سندس هائوس جي صرف ڏهن منٽن جي ڊرائيو تي اهو ڪنڌار مڙس بشير قريشي ابدي آرامي آهي، جنهن ڪراچي ۾ سنڌين کي فخر سان ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ سيکاريو، هي ته ان جي عذر خواهي تي به اڃان تائين نه ويو آهي ته پوءِ اجايو اسان جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ خاطر اهڙيون گدڙ ڀڀڪيون ڇو پيو هڻي!؟”
مون کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، “ڪامريڊ وڏن جا حساب وڏن سان ڀلا جيڪڏهن سندس ناني يا ماءُ اهو سڀ ڪجهه نه ڪيو ۽ هاڻي بلاول سنڌوديش جو نعرو هڻي ٿو ته توهان کي ڪهڙي تڪليف آهي!؟”……“تڪليف جي ڳالهه ٿو ڪرين ميان!”ڪامريڊ پنهنجي مخصوص انداز سان هٿ مٿي ڪندي چيو، “هي نوجوان جنهن ٽارچر سيل جي هڪ رات به نه ڏٺي هجي، جنهن جي اکين تي ڪنهن جبر جي ڪاري پٽي نه ٻڌي هجي، سو اسان کي ديش ٺاهي ڏيندو جنهن جو پيءَ کپي کپي چوندي جيل هليو ويو سو اسان کي ديش ٺاهي ڏيندو؟ ميان اهو سڀ ڪجهه تماشو اٿئي، سياسي ڪٺ پتلي تماشو، جنهن ذريعي بلاول پنهنجي پيءُ، پڦي ۽ اومني گروپ واري پوري ڪمپني ڪابينا کي رليف ڏيارڻ چاهي ٿو، باقي اها خبر ته ملڪ جي فرشتن کي به بخوبي آهي ته بلاول پنهنجو ٻچو آهي سندن سئي ڌاڳي کان ٻاهر نه ويندو.وري ڪنهن ٻئي اسٽيج تي کپي کپي بيٺو ڪندو!”
ڪامريڊ ڪجهه ٿڌو ٿيو ته مون کيس ياد ڏياريو ته سندس آواز به ڪنهن زماني ۾ سريلو هوندو هيو ۽ قومي گيت ڏاڍي ترنم سان ائين ڳائيندو هو جو ٻڌندي لونءَ ڪانڊارجي ويندا هئا. منهنجي ڳالهين دوران ڪامريڊ پاڻي پي چانهن ساسر ۾ لاهي اها به ٻن ڍڪن ۾ پي ويو ۽ گهاٽين اڇين مڇن کي تري هڻندي چيائين، “ڪامريڊ پنهنجو آواز هاڻي به صفا ويل ناهي.” ايئن چئي هن تيلين وارو ماچيس کڙڪايو ۽ هڪ قومي گيت جهونگارڻ لڳو،
اسان جي سوچ جو زاهد فصل ته سائو آ،
غدار پاڻ مان ناهي، نسل پرائو آ،
جفا اهو نه ڪندو جو به سنڌ ڄائو آ،
وفا جو ريج ارادن کي روز ڏينداسين..
اسان جو عزم آ..قاتل جا هٿ ڪپينداسين!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *