تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

بلاول جو تڪ به برسات ۾ ٻڏڻ کان بچي نه سگهيو

چوماسي جي برساتن جي تازي لهر اڃان شروع مس ٿي هئي ته لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ماڻهن وٺي دانهون ڪرڻ شروع ڪيون هيون ته اها برسات ڀلا رڳو ڪراچي ۽ لاڙ پٽ ۾ پوندي رهندي ڇا، ڪڏهن اسان واري پاسي جو به رخ ڪندي يا نه..؟.هاڻي جڏهن اها برسات ڪالهه کان بند ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي ۽ منهنجي لکڻ مهل تائين موهن جو دڙو تي هڪ سئو اڻويهه ملي ميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي آهي تڏهن اهي ساڳيا ماڻهو آسمان طرف هٿ مٿي کڻي چوڻ تي مجبور آهن ته مالڪ سائين اسان بس ڪئي هاڻي پنهنجو رحم فرماءِ ۽ بادلن کي چئو ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي وسن.ٿوري گهڻي لفظن جي ڦير گهير سان ڏسجي ته اسان وٽ سموري سنڌ ۾ اها ماجرا عام آهي ته سانوڻ جي شديد گرمين کان بيزار ٿي ماڻهو برساتن جون دعائون گهرندا آهن ته جيئن نه رڳو گرمين جو زور ٽٽي پر تل ترايون به ڀرجي وڃن پر ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ ماڻهو برساتون بند ٿيڻ جون دعائون گهرندا آهن.ڏٺو وڃي ته ان ۾ نه برساتن جو ڪو ڏوهه آهي نه ئي ان ۾ ماڻهن جو پر انهن ادارن جو ڀرپور ڏوهه آهي جيڪي سالن کان قدرتي آفتن کي پنهنجي روزگار جو ذريعو بڻائي ويٺا آهن.مونکي اهي چهرا انڪري ياد اچي ويا جو ڪالهه جڏهن لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي برساتي پاڻي تلاءُ بڻجي پيو ۽ ٻيو ته ڇڏيو خود اسپتالن جي اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو ته لاڙڪاڻي جي ميونسپل اداري يا ٻين عملدارن بدران ايس ايس پي مسعود بنگش کي پنهنجي آفيس مان اٿڻو پيو ۽ هن اچي اسپتال اندر بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ سيپڪو عملدارن سان بجلي جي بحالي بابت ڳالهايو ان وقت ايس ايس پي سان لاڙڪاڻي جا اهي ماڻهو عوامي نمائندن جو روپ ڌاري بيٺل هئا جيڪي شهر جي هر ننڍي وڏي ترقياتي مسئلي کان ويندي 2010ع جي ٻوڏ متاثرين ۾ سرڪاري کاڌ خوراڪ يا پڪل ديڳيون پهچائڻ جا ذميوار هئا.ڪالهه روڊن تي پاڻي صبح کان بيٺل هو پر لاڙڪاڻي جو ميئر سيڍ خيرمحمد شيخ ڪٿي به تيستائين نظر نه آيو جيستائين ايس ايس پي پنهنجي آفيس مان نه نڪتو.ميئر خيرمحمد شيخ جي ريٽائرمينٽ ۾ اڃان ڪجهه ڏينهن مس بچيا آهن پر سندس دور کي لاڙڪاڻي واسي سٺي نظر سان نٿا ڏسن پر ان جي باوجود حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کيس اڳواٽ ئي سٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.ميئر جي ٽيم اگر بهتر هجي ها ته باقراڻي روڊ تي برساتي نالي واري تعمير کان ويندي ٻوڏ متاثرين کي پڪل کاڌو فراهم ڪرڻ تائين سمورين هنگامي حالتن ۾ هو شهر جي مسئلن جو انچارج رهيو آهي پر ماڻهن جي اڪثريت سندس ڪارڪردگي مان گهڻي مطمئن نظر نٿي اچي.
هاڻوڪي چوماسي جي برساتن گهڻو ڪجهه ڌوئي عوام اڳيان پڌرو ڪيو آهي جنهن ۾ مک مڪاني ادارن جي ناقص ڪارڪردگي آهي جيڪا هر شهر جيان لاڙڪاڻي مان به صاف صاف نظر پئي اچي.لاڙڪاڻي جا شهري اهو پڇندي حيران ٿين ٿا ته ڇا انهن کي خبر ناهي ته هر سال چوماسي جي برسات هنن مهينن ۾ متوقع هوندي آهي ته پوءِ انهن پنهنجي ڪارڪردگي ڪهڙي سڌاري يا ڪهڙي تياري ڪئي هئي.؟برساتي حالتن ۾ بجلي فراهم نه ڪرڻ به سيپڪو جي نااهلي آهي پر ڇا ان بجلي جي بندش جي ميونسپل ادارن کي خبر نه هئي جو هو جنريٽرن يا پاڻي ڪڍڻ وارين مشينن جو بندوبست ڪري سگهن ها.لاڙڪاڻي ۾ ته نه ڪا ايم ڪيو ايم آهي نه پي ٽي آئي نه تعصب واري اردو ميڊيا ته پوءِ حڪمرانن کي پنهنجي ئي شهر جي ابتر حالت ڇو نٿي نظر اچي.اهڙين هنگامي حالتن ۾ هتان جا ماڻهون حيران ٿي پڇندا آهن ته يار حڪمران جماعت جي سربراهه يعني بلاول ڀٽي جو تڪ آهي پر سندس پارٽي جي ٽيم ان شهر جو به ٻيڙو غرق ڪيون ويٺي آهي جو هڪ ٻن ڏينهن جي برسات سندن پول پڌرا ٿي ڪري وجهي.لاڙڪاڻي ۾ ته ڇا اسان جي ڪنهن به شهر ۾ برساتن جي رين ايمرجنسي يا هنگامي حالتن جو ڪو ڪنٽرول روم ناهي جتي ماڻهو دانهون شڪايتون درج ڪرائي سگهن ته ابا وارو ڪريو اسان جي پاڙي مان پاڻي ڪڍو.اهڙين حالتن ۾ ماڻهو ميونسپل ادارن کي به بجلي فراهم ڪندڙ نااهل ادارا سمجهي ويٺا آهن جتان سندن فون ڪال ڪير به اٽينڊ نه ڪندو آهي نه ئي کين ڪو رليف فراهم ڪيو ويندو آهي.اگر اسان جي ميونسپل ادارن کي ايئن ئي ننڌڻڪي حالت ۾ صرف ڪجهه فردن جي ڪمائي جو ذريعو بڻائي هلائڻو آهي ته پوءِ انهن ادارن تان ماڻهن جو اعماد ئي کڄي ويندو ۽ اهو صرف مڪاني ادارن تان اعتماد کڄيل نه هوندو پر سڀاڻي اسيمبلي ميمبرن تان به انهن جو اعتماد کڄي ويندو اهڙي صورت ۾ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کي پنهنجي هوم گرائونڊ يعني لاڙڪاڻي واري سيٺ خيرمحمد اسٽائيل واري ٽيم بدلائڻ تي غور ڪرڻو پوندو ڇو ته لاڙڪاڻي شهر مان اڳ ۾ ئي هڪ ايم پي اي جي سيٽ انهن گندين نالين ۽ شهر ۾ صفائي نه ٿيڻ وارين شڪايتن سبب هارائي ويٺا آهن. ايئن نه ٿئي ته لاڙڪاڻي واسين جون شڪايتون ايتريون وڌي وڃن جو سڀاڻي پيپلزپارٽي خود پنهنجي سياسي گهر لاڙڪاڻي مان مڪمل هارائڻ جا طعنا ٻڌي ۽ ان مهل ان شڪست جو بار يقينن سيٺ خير محمد اسٽائيل وارا اڳواڻ پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ لاءِ تيار نه هوندا.ڀلي ته انهن کي پارٽيءَ ڪيترو به نوازيو هجي پر سڀاڻي جي شڪست مهل هي اهو چوڻ ۾ دير نه ڪندا ته پارٽي جي پاليسين سبب لاڙڪاڻي جا ماڻهو بيزار ٿيا آهن جڏهن ته حقيقت اهائي هوندي آهي جيڪا هاڻي نظر پئي اچي ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو شهر جي صفائي سٿرائي تان ۽ ننڌڻڪائپ جي احساس کان بيزار هوندا آهن جو برساتون تباهي ڦهلائي ڇڏين پر شهر جي روڊن رستن تي ڪو چونڊيل اسيمبلي ميمبر يا ميئر نه پر ضلعي جو پوليس ڪمانڊر بيٺل هجي ته ڇا لاڙڪاڻي واسين کي به ڪراچي وارن جهڙا ڊراما ڪري پيرو ۽ انڊيا جون وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ گهرجن تڏهن وڃي حڪمران انهن جي شهر جي حالتن طرف توجهه ڏيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *