تازا ترين
  • *حيدرآباد: سلاوٽ پاڙي ۾ 11 هزار ڪي وي واري تار ڪري پئي، رهواسي خوف ۾ مبتلا*
  • *سکر ۾ پرسرار نموني گم ٿي ويل 2 ٻارڙا جنسار عرف جنار ۽ عدنان عرف دعنان هٿ، هڪ شڪي گرفتار*
  • *جيڪب آباد: مغوي زال ۽ نياڻي کي بازياب ڪرائڻ بدران پوليس اهلڪار طعنا ڏيندا آهن: جيڪب آباد ۾ پيرسن پوليس اهلڪار جو احتجاج * جيڪب آباد: حاجي سليم منهنجي زال ۽ ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي، پوليس بازياب نه ٿي ڪرائي: اڪرم لاشاري * جيڪب آباد: اغوا ڪيس ۾ هڪ جوابدار قالو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو: پوليس *
  • *گهوٽڪي ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ڪرڻ وارو ڪيس: ضمانت رد ٿيڻ بعد ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ۽ اڪائونٽنٽ کسڪي ويا * گهوٽڪي: ميونسپل آفيس جو رڪارڊ چوري ٿيڻ جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت سان رابطو ڪيو: عدالت * گهوٽڪي: سيد اصغر علي شاهه ۽ محبوب ڪولاچي تي ميونسپل آفيس جو سمورو رڪارڊ چوري ڪرڻ جو الزام آهي *
  • *ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: نجي ڪمپني جي مبينا زيادتين خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ پورهيتن، مهاڻن ۽ ٻين جو ڪوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: مقامي مهاڻن کي چيڪنگ بعد ڇڏيو ويندو آهي، جنهن لاءِ سندن قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿئي: مظاهرين * ميرپور ساڪرو/ڌاٻيجي: سڪيورٽي گارڊز جا جائز مسئلا حل ڪري ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي: مطالبو *
  • *جيڪب آباد:”بنگلي آڏو ڪار ڇو بيهاري اٿئي“ جيڪب آباد ۾ پ پ سان واڳيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جو هندو نوجوان نڪيش ڪمار تي تشدد، رتورت * جيڪب آباد: سردار زاده قادر خان کوسي تشدد ڪيو ۽ سندس محافظ ڪار جي شيشا ٽوڙيا: متاثر شخص نڪيش ڪمار * جيڪب آباد: واقعي جو ڪيس ٻن مک جوابدارن ۽ 8 اڻسڃاتل ماڻهن خلاف داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي *
  • ڀلي سڀئي ڪرپٽ ليڊرز گڏجي وڃن،چورن کي نه ڇڏيندس ، 4سال سڪون سان گذارڻ لاءِمشرف جيان اين آر او نه ڏيندس:وزيراعظم جي اپوزيشن تي تنقيد*بلاول لبرلي ڪرپٽ آهي، سندس نظرئي سان آئينسٽائين جو روح تڙپيو هوندو،نواز شريف لاءِ گارنٽي گهري ته شهباز شريف ڊراما شروع ڪيا *اسلام آباد۾فضل الرحمان جي سرڪس مان ڪمزوردل واراوزيرگهٻرائجي ويا،مون سمجهايو ته ڪجهه نه ٿيندو:موٽروي جي افتتاحي تقريب کي خطاب *
  • فنڪاره ثمينه سنڌو جي قاتل کي 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا*دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2018ع ۾ شادي تقريب دوران قتل ٿيل فنڪاره جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو*
  • پاڪستان شاهين ون ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو*شاهين ون ميزائل 650 ڪلوميٽرز تائين هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو: ڊي جي آءِ ايس پي آر*
  • جسقم چيئرمين سوڌواڍائي هزارڪارڪنن خلاف بغاوت جوڪيس*پيغامِ سنڌ مارچ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو،دهشتگردي لاءِڀڙڪائڻ۽رياستي ادارن خلاف نعريبازي جاالزام *
  • پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ مل کي تباهه ڪيو ويو: سُپريم ڪورٽ اسٽيل ملز جي زمين وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو: وفاقي سرڪار جو موقف رد*اسٽيل ملز جي ملازمن کي پرويڊنٽ فنڊز ڏيڻ لاءِ پئسا ناهن، پگهارون ڏيڻ لاءِ ملز جي زمين وڪرو ڪري رهيا آهيون: وفاقي سرڪار جو وڪيل*ملز جي زمين عوامي ملڪيت آهي، وڪرو نٿي ڪري سگهجي، اڳي گاڏيون، ٽرڪ ۽ راڪيٽ ٺهندا هئا، هاڻي ملز ۾ پيداوار ٻُڙي آهي: عدالت*
  • اوڪاڙه ڀرسان درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي، 8 لاش ڪڍيا ويا*ملڪو شيخو ويجهو واقعو پيش آيو، ٻيڙي ۾ 25 کان مٿي ماڻهو سوار هئا، وزيراعليٰ پنجاب طرفان رپورٽ طلب*
  • پي آءِ اي جا ٽشو پيپرز حجام جي دڪانن تي استعمال ٿيڻ لڳا*

بريگزٽ جي بحران سبب برطانيا جي سياست تباهه!

بريگزٽ جي بحران سبب برطانيا جي معيشت کي جهڙي تباهي جو منهن ڏسڻو پوندو ان تي عوام تمام گهڻو خوف ۾ ورتل آهي پر ان تباهي کان اڳ ان بحران ملڪ جي سياست کي جنهن بري نموني ڊانواڊول ڪيو آهي ان جون شاهديون هاڻ کان ئي سامهون اچي ويون آهن. 12 ڊسمبر جي عام چونڊن جي اعلان کانپوءِ موجوده پارليامينٽ جي 60 کان وڌيڪ ميمبرن سياست کان دلبرداشته ٿي چونڊون نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.، چونڊ ميدان کي خيرباد ڪندڙن ۾ پراڻن ۽ تجربيڪار ميمبرن جي اڪثريت حڪمران ٽوري پارٽي سان تعلق رکي ٿي، جيڪي بورس جانسن جي پاليسين ۽ حڪمراني جي انداز کان سخت ناراض آهن. ان کان اڳ ڪڏهن به برطانيا ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن چونڊون نه وڙهڻ جو فيصلو ناهي ڪيو. اهو نه صرف ٽوري پارٽي جي قيادت کان ناراضگي جو اظهار آهي پر ملڪ جي موجوده سياست جي انداز کان به دل برداشته هجڻ جي علامت آهي.
60 کان وڌيڪ پارليامينٽ ميمبرن جي چونڊ ميدان کان عليحدگي کان وڌيڪ ڳڻتي واري ڳالهه اها آهي ته چونڊ ميدان ڇڏيندڙن ۾ پارليامينٽ جي عورت ميمبرن جو وڏو انگ شامل آهي، 20 کان وڌيڪ عورتن 12 ڊسمبر جي عام چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ اعلان ڪيو آهي. انهن عورت ميمبرز طرفان ان فيصلي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ موجوده سياسي ماحول ۾ تلخي ۽ تيزابيت آهي. پارليامينٽ ۾ بحث جي دوران جيڪا ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي اها ناقابل برداشت آهي، ان ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن کي بريگزٽ جي باري ۾ پنهنجن نظرين تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن ۽ اهي ڌمڪيون ايتريون سنگين آهن جو انهن کي پنهنجي جان جو خطرو آهي. زهريلي سياسي ماحول کان علاوه اهي عورتون لڱ ڄمائيندڙ ڊسمبر ۾ چونڊ مهم کان ڊڄي رهيون آهن، ڊسمبر جي مهيني ۾ ساڍي چئين وڳي ئي سج لهي ويندو آهي ۽ اوندهه ڇانئجي ويندي آهي. ان اونداهيءَ ۾ هو سمجهن ٿيون ته ووٽرز جي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جا در کڙڪائڻ ۾ تمام گهڻو خطرو آهي، مٿان وري سردين ۾ ڏينهن تمام ننڍا هوندا آهن ان جي لاءِ انهن کي ڏينهن ۾ چونڊ مهم جي لاءِ تمام گهٽ وقت ملي سگهندو. ان دوران بريگزٽ پارٽي ۽ ان جي نسل پرست سربراهه نائجل فراج، وزيراعظم بورس جانسن ۽ ان جي پارٽي جي لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي. نائجل فراج اعلان ڪيو آهي ته ان جي پارٽي پارليامينٽ جي 6 سئو سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهاريندي، نائجل فراج بريگزٽ بابت بورس جانسن جو معاهدو رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هي حقيقي بريگزٽ نه آهي جنهن جي لاءِ ساڍا ٽي سال اڳ برطانيا جي عوام ريفرنڊم ۾ ووٽ وڌو هو. نائجل فراج جي پارٽي پاران پارليامينٽ جي 6 سئو سيٽن تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو بلاشڪ بورس جانسن جي لاءِ خطري جو سبب آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس چونڊن ۾ اڪثريت حاصل نه ٿي سگهندي. اڪثر مبصرن جي راءِ آهي ته هن وقت ملڪ جيئن ته بري طرح سان ورهايل آهي ته مخلوط حڪومت ئي موجوده حالتن ۾ مناسب رهندي. هونئن به ڪنهن هڪ جماعت جي قطعي اڪثريت حاصل ڪرڻ جو امڪان نه آهي، ان صورت ۾ بورس جانسن بريگزٽ منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام رهندو. مخالف ڌر ليبر پارٽي اعلان ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن ان کي عام چونڊن ۾ فتح ملي ته هو فوري طور تي يورپي يونين کان بريگزٽ جو معاهدو طئه ڪري ان کي ريفرينڊم ۾ عوام جي سامهون پيش ڪندي، پر ان جي مقابلي ۾ لبرل ڊيموڪريٽس جو واضح موقف آهي ته ان جي چونڊ ڪاميابي کانپوءِ بريگزٽ جو فيصلو معطل ڪيو ويندو ۽ برطانيا يورپ ۾ بدستور رهندو. اهي ماڻهو جيڪي بريگزٽ جا مخالف آهن ۽ يورپ ۾ رهڻ چاهين ٿا انهن کي لبرل ڊيمو ڪريٽس مان وڏيون اميدون آهن، ۽ هو ان جماعت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *