تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

برف وانگر ڳرندڙ ڪاڇي واسين جي زندگي

ڪاڇو ته وسيع آهي پر جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري پٽي تي تازين بارشن سبب پيدا ٿيل هاڃيڪار صورتحال جي ڪجهه اهم نقطن کي مضمون جو مضوع بڻايان جن سموري ڪاڇي کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي. ڪاڇي ۾ هن موسم ۾ ٽن قسمن جون آفتون آيون پهرين آفت تيز طوفان ۽ بارش جي صورت ۾ آئي ٻئين آفت نئين گاج جي ٻوڏ جي صورت ۾ آئي ٽئين آفت بارش ۽ وري ٻيهر ٻوڏ جي صورت ۾ آئي، انهن ٽنهي آفتن ۾ ڪاڇي واسين مٿان ڇا وهيو واپريو انهي درد ڪٿا کي پيش ڪرڻو آهي. پهرين طوفان ۽ طوفاني بارش ۾ ڪاڇي جي قديمي ۽ تاريخي شهر ڊرگهه بالا ۽ ان سان لاڳاپيل ننڍا وڏا 32 ڳوٺ جيڪي هڪ ڪلو ميٽر کان ويندي چئن ڪلو ميٽرن تائين آهن انهن سڀني ڳوٺن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ ڪاروهنوار هن شهر سان آهي انهن کي صفا ٽوڙي مروڙي ڇڏيو، جنهن ۾ انهن جي بجلي جا 21 پول ڪري پيا ۽ چڱو خاصو تعداد ٿنڀن جو ڪنهن به ڪم جو نه هيو پورا 20 ڏينهن بجلي بند هئي پر وفاقي سرڪار ۽ واپڊا وارن ڪنهن قسم جي پرواهه ۽ ذميواري محسوس نه ڪئي ۽ لوڻو ورائي پوئتي به نه ڏٺو ته ڇا ٿيو آهي. انهي ڳنڀير صورتحال ۾ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت چندو ڪري بجلي بحال ڪرائي ۽ انهي سان گڏوگڏ تقريبن 300 ٽيوب ويلن جو وڏو نقصان ٿيو ڪن ٽيوب ويلن تي ٻن قسمن جي سهولت هئي هڪڙي بجلي جي ۽ ٻي سولر پليٽن جي. اڪثر سولر پليٽون تيز طوفان ۾ الائي ڪيڏانهن اڏامي ويون ۽ ملي به نه سگهيون ۽ جيڪي ڪجهه بچي ويون اهي وري ٽٽي پيون ۽ ڪم جون نه رهيون جنهن ڪري پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي. انهي خطرناڪ طوفان ۽ بارش جي ڪري هتان جي آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو. 8 آگسٽ تي نئين گاج جي مها ٻوڏ آئي جنهن سموري ڪاڇي کي لڳل مضبوط ميخون، بند ٽوڙي رستا روڊ ڀڄي ڀور ڪري ڇڏيا ۽ ڪاڇي کي 50 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو انهي مها ٻوڏ ۾ پوري ڪاڇي جي ٽيوب ويلن تي بيٺل فصل جنهن ۾ ساريون، مرچ ،بصر، جوار ۽ گوار جو نالو نشان ئي نه ڇڏيو ڄڻ اتي انهن فصلن جو وجود ئي نه هيو ۽ زراعت لاءِ ڪم ايندڙ زمين سان اهڙو حشر ڪيو جيڪي بيان ڪري ئي نه ٿا سگهجن سنئين زمين ۾ وڏا وڏا کڏا ۽ ڪنب ٺاهي ڇڏيا، زمينن جا تهه پٽي ناس ڪري ڇڏيا ۽ وري ان کي ليول ۽ سنوت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي رقم گهربل هوندي آهي جيڪا رقم هن وقت غريب آبادگارن جي وس کان ٻاهر آهي. انهي سان گڏوگڏ روڊ رستا به ٽٽي پيا ته کاڌي پيتي جي شين جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي ۽ اهي مهانگي اگهه تي به نه ملي رهيون هيون جنهن ڪري غريب مسڪينن جي چيلھه ئي چٻي ٿي وئي. پٽاٽا 120 روپيه ۽ ڪٿي ڪٿي ننڍن ڳوٺن ۾ 150 روپيه ڪلو پئي مليا . بسون هلي نه پئي سگهيون ڇو جو رستو نه هيو ۽ وليز جيپون وڏي ڏکيائي کان پوءِ پيون جوهي پهچن وري انهن جو ڪرايو ٻيڻو ٽيڻو ٿي ويو. بارشن پوڻ کان پوءِ وبائي بيمارين گيسٽرو ،خارش، کنگهه، بخار ۽ زڪام ماڻهن جي تڪليف ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو سرڪاري اسپتالن ۾ نه دوا هئي ۽ نه وري ڊاڪٽر جيڪڏهن ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر هيابه ته پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي به دوائون نه پئي ملي سگهيون. اڃان انهي تڪيلف مان آجپو مس مليو ۽ سرڪار سڳوري ڪٿي ڪٿي روڊ رستا بحال ڪيا ته مٿان وري ٻي بارش ۽ ٻي ٻوڏ ڪاڇي واسين سان ايئن ڪيو جيئن ٻرڙي ٻارن سان ڪئي، وري بچيل روڊ رستا لوڙهي وئي گهر گھاٽ ڊاهي مٽي جا ڍير ڪري ڇڏيا مٿان بارش پئي وسي ۽ هيٺيان ٻوڏ جو پاڻي، زمين جو خشڪ ٽڪرو ئي نه بچيو جتي ماڻهو پنهنجن خاندانن کي ويهارين ۽ انهن جو تحفظ ڪن. ٽين مها ٻوڏ ۾ مال متاع ان داڻو ڪڻو سامان سرڙو به لڙهي ويو رهيل سهيل ڪسر آخري بارش ۽ ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي هاڻي ڪاڇي واسي صفا قديمي ۽ پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، پيادل اچ وڃ شروع ڪري ڏني آهي. انهي سموري صورتحال ۾ نه تعلقي انتظاميه پهتي نه وري ضلعي انتظاميه پهتي ۽ نه وري عوامي نمائندا پهتا جيڪي ڪاڇي واسين سان حال ڀائي ٿين ها . هاڻي ڪاڇي واسين جا گهر ڪريل روڊ رستا ٽٽل آهي ڪنهن مان ڪو به آسرو ناهي . جن عوامي نمائندن خير ۽ ڀلائي جو ٺيڪو کنيو آهي اها انهن جي ذميواري آهي اهي پاڻ پوري ڪن پر ايئن هر گز نه ڪندا. وري به ماڻهن کي انهن جي آڏو هٿ ٽنگڻو پوندو منٿ ميڙ ڪبي پوءِ مس مس وڃي صاحبن کي ڪھل ايندي. خبر ناهي انهي ۾ متاثر ماڻهن کي ڪيترا پنڌ ڪرڻا پوندا ۽ ڪيترو وقت لڳندو. هر طرف کان مدد لاءِ صدائون بلند ٿي رهيون آهن ڪٿان به ڪا خير جي وائي ٻڌڻ ۾ نه ٿي اچي، ڪاڇي واسين جي زندگي به صدمن ۽ سورن ۾ برف وانگر ڦڙا ڦڙا ٿي ڳري رهي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *