تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

برسات ۾ تباهه ٿيل زراعت ۽ ٻڏي ويل آبادگار

سنڌ جي ماڻهن ٻيو ڀيرو پ پ کي ان ڪري مينڊيٽ ڏنو ته کين اميد هئي ته پ پ جي هاڻوڪي تجارت پسند حڪومت من ڪجهه شهيد ڀٽن جو ڀرم رکي انهن جي ٺاهيل پارٽي جنهن کي هنن پنهنجو رت ست ڏئي پاڻ وڃي ڳڙهي خدا بخش وسايو. تن جي پروگرام تي ٽڪو پئسو عمل ڪندي ۽ عوام جي ڏنل مينڊيٽ کي عزت ڏيندي ۽ عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪندي پر جيئن ته پ پ جي هاڻوڪي قيادت سدائين واپاري ذهنيت جي مالڪ رهي آهي. ان عوام جي مزاج ۽ ضرورتن جو خيال رکڻ بدران اقتدار ۾ واپاري پارٽنر وڌائڻ ۽ پراڻا بدلائڻ وارو عمل جاري رکيو. ڪڏهن مرزا پارٽنر ٿيو ته ڪڏهن نامعلوم شخص ۽ رحمان ملڪ، ان بعد وري ڊاڪٽر عاصم ۽ انور مجيد جهڙن ڦورو واپارين جو واڌارو ٿيو. جن بلارس ٽريڪٽر جي سبسڊي ڳڙڪائي ڪمند جا اگهه پنهنجي مرضيءَ وارا مقرر ڪري زميندارن آبادگارن ۽ هارين کي اگهن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪيو. اگهه هڪڙا ڏنا ته انڊيڪس ٻي تي صحيحون ڪرايون. نتيجو اهو نڪتو جو آبادگارن زميندارن 2015ع کان 2019ع تائين جا ڪمند جا فصل ساڙي ڇڏيا. اتي ڪڻڪ، ڪپهه، مڪئي، جوئر ۽ ٻاجهر جهڙا فصل ڪاهيا پر زردارين جي صحت تي ڪو به اثر نه پيو. هنن جو ڪاروباري پارٽنر بدلائڻ وارو سلسلو جاري رهيو. ايستائين جو غلام اسحاق خان جهڙي فاشسٽ جي ڄاٽي عرفان الله مروت کي به پارٽنر بڻائڻ جون تياريون ڪيون ويون. اهو ته ڀلو ٿيو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ٻارن ان تي شديد احتجاج ڪيو ته جنهن ماڻهو بينظير جي سهلين کي بيعزت ڪيو اهڙو ماڻهو ڪيئن ٿو پ پ ۾ شامل ٿئي پر ان جي جاءِ تي ان جهڙي ئي ماڻهو ڄام صادق جي سيڪريٽري ۽ 1990ع وارين عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ڪرائڻ جي ماهر کي شامل ڪيو جنهن 1991ع ۾ هارس ٽريڊنگ ڪري پ پ جي ميمبرن حاجي خان چاچڙ، امير بخش جوڻيجو، تاج محمد شيخ، مهر مل ۽ ٻين کي لالچون ۽ ڌمڪيون ڏئي ڄام صادق جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ پ پ کي اڪثريت هوندي اقتدار کان ٻاهر رکيو هو. پوءِ ميرپورخاص جي قربان علي شاهه ۽ خيرپور جي منظور وساڻ تي ڪلاشنڪوفن جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جيل حوالي ڪرايو هو جن لوٽو بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو. اهو ماڻهو چوندو هو ته پ پ کي وڏي اليڪشن الائي ڪيئن کٽڻ ڏني، ننڍي چونڊ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
خير پ پ جي موجوده موقعي پرست ۽ ابن الوقت قيادت جون کوڙ اهڙيون ڪمزوريون ۽ ويساهه گهاتيون آهن جن جا دفتر کلي سگهن ٿا. في الحال منهنجو موڊ ان پ پ قيادت جي سنڌ جي ماڻهن سان جاري تاريخي ويساهه گهاتين تي لکڻ جو ناهي. مان ته موجوده صورتحال تي لکڻ چاهيان ٿو جنهن ۾ سنڌ جا ماڻهو ڪورونا جي وبائي دهشت ۽ دٻاءُ مان پنهنجو ذهن آجو ئي نه ڪري سگهيا هئا ته مٿن قدرتي آفت مينهن جي صورت ۾ ڪڙڪي پئي جنهن سبب سنڌ جي ماڻهن جا فوري ناڻو ڪمائي ڏيندڙ فصل، وونئڻ (ڪپهه)، مڪئي، گنوار، جوئر، راهن ترن جا فصل زوردار برساتن سبب مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا. هاڻي وري ٽيون زوردار مينهن به ان وقت شروع ٿيو آهي جنهن وقت سارين ۽ ڪمند جا فصل تيار آهن. فصلن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو آهي ان مٿان لاڙ جي مٿان هڪ ٽين مصيبت به ڪڙڪي آهي. سم نالا (ايل بي او ڊي) ڦاٽي پيا آهن. انهن جو سمورو برساتي پاڻي فصلن ۾ ڪاهي پيو آهي. هن سال ڳاڙهي چانور جو ڦڪ به شايد نصيب ٿئي. هن وقت برسات جو ٽيون مرحلو اڄ کان شروع ٿي ويو آهي. حڪومت جو سڄو ڌيان ڪراچي طرف آهي ڇو ته ماڌو لال جي چوهن (اردو ميڊيا) کين ڪراچيءَ ۾ الجهائي ڇڏيو آهي. باقي ٻين شهرن جي کين نه خبر آهي نه چار، هنن سنڌ جي وڏي وزير کي ايترو سوڙهو ڪيو آهي جو سندن اشارن تي هلي رهيو آهي. هن کان سڄي ڪراچي جو پاڻي ڍورائڻ کانپوءِ کيس ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي وٺي ويا آهن. جنهن جو سنڌ حڪومت سان سڌي يا اڻسڌي طرح تعلق ناهي. هنن جو پنهنجو نظام آهي، پنهنجو انتظام آهي، اهي ڪڏهن به سول حڪومت جي نه مدد ڪندا آهن ۽ نه چاهيندا آهن.وڏي وزير سنڌ جي 20 ضلعن کي هڪدم اعلان ڪري آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو پر کيس  اها خبر ناهي ته انگريز سرڪار برساتن کانپوءِ هر ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي حڪم ڪندي هئي ته انگ اکر گڏ ڪريو ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنهن جو ڪنهن جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي. فصل مڪمل طور تي تباهه ٿيو آهي يا ڪجهه حصو، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر سروي ڊپارٽمينٽ، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ تپيدارن ذريعي سروي ڪري مهيني اندر رپورٽ پيش ڪندا هئا جنهن جي بنياد تي نه رڳو ڍل ۽ آبيانو معاف ڪيو ويندو هو پر زرعي بئنڪن مان آبادگارن، زميندارن ۽ هارين جا کنيل قرض پڻ معاف ڪيا ويندا هئا ۽ ايندڙ فصل لاءِ حڪومت هارين ۽ زميندار کي مفت ٻج ۽ ڀاڻ  مهيا ڪندي هئي ته جيئن اهي نئون فصل پوکي سگهن. هن حڪومت 20 ضلعن کي آفت سٽيل ته قرار ڏئي ڇڏيو پر اها کيس ڪنهن به صلاح ڪا نه ڏني ته هاڻ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کان ٿيل نقصان جو سروي ڪرايو ۽ نئين فصل لاءِ هارين، زميندارن ۽ آبادگارن جي مدد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو وڃي. اها حيرت جي ڳالهه آهي جيڪڏهن توهان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ويب سائيٽ کوليندا ته اتي سڄي سنڌ جي هر ضلعي جي خاني ۾ 0 (ٻڙي) لکيل آهي. يعني سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪو به نقصان ناهي ٿيو. هي حڪمرانن جا رويا آهن. هنن قائداعظم جو پاڪستان ته 1971ع ۾ ختم ڪري ڇڏيو هاڻي شايد قائد عوام جي ٺاهيل پاڪستان جي ڪڍ لڳا آهن جو سنڌ سان هي وفاقي حڪمران اوڀر پاڪستان وارو ورتاءُ ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *