تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

برسات ۽ ٿڌ ۾ ڪارڪن موجود، اڳواڻ غائب!

ڪالهه آزادي مارچ جي ستين ڏينهن تي جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي جلسي گاهه ۾ 12 ربيع الاول تي سيرت ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته آزادي مارچ اڃان جاري رهندو. ڪالهوڪي جلسي ۾ مولانا فضل الرحمان باوجود ان جي ته ان جي اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات دير سان ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي سان سندن گهر وڃي ملاقات ٿي ۽ ڪالهه اربع ڏينهن تي به پرويز الاهي جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي، جنهن مان لڳي ٿو ته انهن ملاقاتن جي نتيجي ۾ به اڃان تائين ڪو آزادي مارچ کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان رستو نه نڪري سگهيو آهي. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات 12 وڳي کانپوءِ اسلام آباد ۾ تيز بارش پئي آهي، رات جي وقت پيل بارش سبب ڌرڻي ۾ شامل هزارين ماڻهن پاڻ کي برسات کان بچائڻ جا رستا ڳـوليا. آزادي مارچ ڀرسان ميٽرو جي ڊپو ۽ شاهراهه ڪشمير تي ان ڊپو ڀرسان قائم ٿيل اوور هيڊ برج جي هيٺ توڙي مٿي ته ماڻهو سٿجي ويا پر ان جي ڏاڪڻين ۾ به ماڻهن وڃي پناهه ورتي. ان کانسواءِ جيڪي ڪنٽينر آزادي مارچ جي جلسي گاهه جي ڀرسان حڪومت مظاهرين کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ رکيا آهن، انهن جا در کولي ڪارڪنن ڪنٽينرن ۾ پناهه ورتي ته ڪن وري وڏين پلاسٽڪ جي شيٽن جو بندوبست ڪري کلي آسمان هيٺ ئي روڊ تي ويهي پاڻ کي برسات کان بچايو پر ان باوجود هزارين ڪارڪن برسات ۾ پسندا رهيا. اسلام آباد ۾ اهڙي برسات پوڻ سان گڏ ٿڌين هوائن گهلڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري عام شهرين به هاڻي جيڪيٽ، جرسيون ۽ ڪوٽ پائڻ شروع ڪري ڏنا آهن، اهو آئـي سـبب آهي ته برسات آزادي مارچ لاءِ اسلام آباد ۾گڏ ٿيل ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن تي شڪارپور واسي عبدالڪريم نالي شخص دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو هو، جنهن جي جلسي گاهه ۾ جنازي نماز پڙهائي وئي ۽ ڪالهه خضدار ۽ ڪوئيٽا واسي 2 پيرسن دل جي دوري سبب فوت ٿيا آهن. پمز اسپتال جي ذميوارن موجب برسات سبب ڪالهه اسپتال ۾ رڳو 100 کان وڌيڪ ڪارڪن بيمار ٿي پهتا آهـن، انهن کان سواءِ پولي ڪلينڪ ۽ ٻين اسپتالن ۾ به ماڻهو آيا آهن.
ڳالهه رڳو رات جو ڪلاڪ ڏيڍ برسات پوڻ تائين محدود هجي ها ته آزادي مارچ وارا ان مامري کي مينيج ڪن ها پر ڪالهه صبح باک ڦٽي مهل کان شروع ٿيل برسات منجهند تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي ۽ چيو وڃي ٿو ته اسلام آباد ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان ايندڙ چئن ڏينهن تائين جاري رهي سگهي ٿو. اها اهڙي صورتحال آهي جنهن بابت مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اهو الله تعاليٰ پاران توهان جو امتحان آهي، توهان بارش ۽ ٿڌين هوائن جي موسم کي استقامت سان ڄميل رهي برداشت ڪيو. مولانا فضل الرحمان جا ڪارڪن ته يقينن ان مشڪل موسم ۾ به ڌرڻي ۾ رهڻ تي ساراهه جا حقدار آهن پر مارچ ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن کي به ڪارڪنن سان گڏ موجود رهڻ گهرجي ها، پر مولانا فضل الرحمان سميت مک قيادت آزادي مارچ کان پري پنهنجي گهرن ۾ رات ۽ ڏينهن گذاريو ۽ رات جو جلسي کي خطاب ڪيو. وزيراعظم به ڪالهه آزادي مارچ کي برسات سبب پيش آيل صورتحال تي سي ڊي اي چيئرمين کي حڪم ڏنو ته هو وڃي جائزو وٺي ته سندن ڪهڙي مدد ڪري سگهجي ٿي، ڏسجي ته اهو بيان هڪ سياسي بيان آهي، ڇو ته اها عام فهم ڳالهه آهي ته آزادي مارچ ۾ شامل ڪارڪن کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ۽ انهن کي برسات کان بچائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي وٽ پيل خيما آزادي مارچ وارن کي فوري طور تي مهيا ٿي پئي سگهيا پر ان سان آزادي مارچ وارن کي برسات واري چيلينج کي منهن ڏيڻ جو سامان ملي وڃي ها، ظاهر آهي ته حڪومت ڪيئن چاهيندي ته انهن کي ايتريون سهولتون ڏنيون وڃن جو برساتن کان پوءِ به اهي پنهنجي جاءِ تي ويٺل هجن. اهو ئي سبب آهي ته جي يو آءِ پاران به اهڙي آڇ کي رد ڪيو ويو آهي. ڳالهه برسات جي هلي رهي آهي ته ان حوالي سان ڪالهه منجهند ڌاري آزادي مارچ ۾ صحافين جا اهي دلچسپ تبصرا ٻڌڻ ۾ آيا ته پيرڻي جي دعا عمران خان کي ريسڪيو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، پر ڪالهه آزادي مارچ وارن برسات کي منهن ڏنو، اهي ان علائقي ۾ موجود رهيا جتي آزادي مارچ جي جلسي گاهه لاءِ تيار ڪيل 40 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ پلاٽ گپ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، ان ڪري انهن کي ڪشمير هاءِ وي تي ديرا ڄمائڻا پيا. ڏينهن جو پيل برسات باوجود انصار الاسلام جا رضاڪار پنهنجي ڊيوٽي ڪندي نظر آيا، توڙي جو اهي برسات سبب سمورا ڀڄي رهيا هئا ۽ ان سان گڏ ٿڌين هوائن کي به برداشت ڪري رهيا هئا ۽ ٻيا ماڻهو به موجود رهيا.
خير آزادي مارچ ڪندڙ مخالف ڌر ۽ حڪومتي ڪاميٽي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ ڪو وچون رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڏسجي ته ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري پر آزادي مارچ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان گذريل ٻن ڏينهن کان وزيراعظم هائوس ۾ ديرا ڄمايا آهن ۽ ان ۾ هڪ تبديلي اها آئي آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران وزيراعظم پاران ٻن سرڪاري تقريبن کي خطاب ڪيو ويو آهي، جنهن دوران هن سياسي مخالفن تي ڪو وار يا تنقيد نه ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *