تازا ترين
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

برسات ڪراچي کي سمنڊ بڻائي ڇڏيو…!!

سنڌ سرڪار تي تنقيد ٿيندي رهي، ڪي ايم سي جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿندا رهيا پر ڪالهوڪي برسات جهڙي نموني شهر جي حالت ظاهر ڪئي آهي ان مان وفاقي حڪومت جي کنيل قدمن تي به سوال جنم وٺي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڪالهه شهر برساتي پاڻي جي اهڙي ته لپيٽ ۾ اچي ويو هو جو شهري اهو پيا محسوس ڪن ته شهر سمنڊ بڻجي ويو آهي. تيز برساتن ادارن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. برسات سبب هونئن ته شهر جي سرجاني ٽائون، يوسف ڳوٺ، اورنگي ٽائون وارا علائقا پاڻي ۾ ٻڏل رهندا هئا پر ڪالهه ريڊ زون ۾ به ٻيڙيون هلائڻ جا جهڙا منظر پيدا ٿي پيا . زندگي جو سمورو نظام ئي مفلوج بڻجي ويو. گورنر هائوس چورنگي، وزيراعليٰ هائوس وارو روڊ، سنڌ اسيمبلي، هاءِ ڪورٽ روڊ، سنڌ سيڪريٽريٽ، سرور شهيد روڊ، ايمپريس مارڪيٽ، سي آءِ اي سينٽر روڊ سميت گلستان جوهر، گلشن اقبال، نيپا چورنگي، سول اسپتال روڊ، جناح اسپتال روڊ، لياري، کڏا مارڪيٽ، ڪياماڙي ۽ ٻين علائقن ۾ گوڏي جيترو پاڻي جمع ٿي ويو، جنهن ڪري گاڏيون روڊن تي بيهجي ويون، سنڌ سيڪريٽريٽ ويندڙ ڪامورا به جڏهن آفيسن ۾اچي رهيا هئا ته هو گورنر هائوس چورنگي تي ڦاسي پيا ۽ سندن گاڏيون اڳتي نه وڌي سگھيون، جنهن ڪري اينٽي ڪرپشن ويسٽ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ظفرالله ڌاريجو ٻن ڪلاڪن تائين گورنر هائوس چورنگي تي پنهنجي گاڏي ۾ ئي ويٺل رهيو، جنهن بعد ٻي گاڏي گھرائي ان ۾ سوار ٿي واپس گھر روانو ٿي ويو، پيپلز پارٽي اڳواڻ عاجز ڌامراھه کي پيرين پنڌ پاڻي جي تلاءُ مان گذري سنڌ اسيمبلي اچڻو پيو، اهڙي طرح سنڌ سيڪريٽريٽ جا ٻيا به ڪيترائي آفيسر ۽ ملازم به گاڏين تي سوار ٿي سيڪريٽريٽ نه پهچي سگھيا.
صدر جي موبائيل مارڪيٽ، اليڪٽرانڪس مارڪيٽ، زينب مارڪيٽ، اقبال مارڪيٽ، لائيٽ هائوس، آرام باغ سميت بوهري بازار وارن علائقن ۾ به جمع ٿيل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري واپارين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ۽ سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو، پبلڪ ٽرانسپورٽ به روڊ رستن تان غائب ٿيل هئي. شهر ۾ مجموعي طور تي 5 هزار جي لڳ ڀڳ مني بسون ۽ ڪوچون 150 روٽن تي هلنديون آهن پر برسات سبب رڳو 500 جي لڳ ڀڳ بسون روڊن تي نڪري سگھيون، جنهن ڪري ٽرانسپورٽرن کي به وڏو نقصان ٿيو آهي ۽ شهري پڻ پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ ڪري تڪليفن سان سرڪاري توڙي خانگي نوڪرين تي پهچي سگھيا. مجموعي طور تي ڪاروباري ۽ ٽرانسپورٽر طبقي کي وڏو معاشي نقصان ٿيو، نه رڳو ايترو پر برسات سبب ڪي اليڪٽرڪ پاران شهر جي ڪيئي علائقن جي بجلي به بند ڪري ڇڏي ۽ ڊگھي لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. لانڍي، ملير، سرجاني ٽائون، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ اختر ڪالوني سميت قيوم آباد ۽ هجرت ڪالوني وارن علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
پهريان جڏهن به برساتون ٿينديون رهيون ته وفاقي حڪومت ۽ سنڌ ۾ اپوزيشن جماعتن پاران رڳو سنڌ سرڪار تي نااهلي جا الزام لڳايا ويا پر هاڻي جڏهن وفاقي سرڪار ئي برساتي نالن جي صفائي ۾ سنڌ حڪومت جي ڀاڱي ڀائيوار بڻجي چڪي آهي ۽ ڪميٽي به ٺهي چڪي آهي ان ڪراچي ڪميٽي جو باضابطه اجلاس به ٿي چڪو آهي پر ان باوجود شهر ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ ٿيل وڏي تباهي جو ذميوار آخر هاڻي ڪير آهي؟ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جي به گھڻي ڀاڱي ذميوار آهي پر ان به ڪالهه شهرين کي ڪا خاطري ڪرائڻ بجاءِ اها اپيل ڪئي آهي ته شهري برساتن دوران گھرن کان ٻاهر نه نڪرن! وڏو وزير انهي برسات دوران به اوچتو دوري تي شهر ۾ نڪري پيو، ميئر ڪراچي سميت مڪاني ادارن واري کاتي جو صوبائي وزير ۽ ٻيا لاڳاپيل ڪامورا به شهر ۾ دوري تي نڪتا پر عملي طور تي ڪجهه به نه ٿيو. ڇاڪاڻ ته برسات جو پاڻي ڪٿان به نيڪال ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو کڻي. ايتسائين جو مشينري جو جتي استعمال ڪيو ويو اتان به پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ ته نالا مڪمل طور تي بلاڪ ٿيل هئا. هاڻي سنڌ حڪومت، وفاقي سرڪار ۽ ڪراچي ڪميٽي کي شروعاتي طور ان معاملي تي ڪم ڪرڻ گھرجي ته برساتي نالا بلاڪ ڪرڻ جو آخر ڪير ذميوار آهي؟ ۽ برساتي نالن تي سالن کان قبضا ڪري جن ماڻهن گھر ٺاهيا آهن انهن کي ڪنهن ويهاريو آهي؟ ان سموري معاملي جي به جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ حڪومتن کي ڪو مستقل حل ڪڍڻ گھرجي جيئن ڪراچي جا شهري برساتن دوران موسم جو مزو وٺڻ بجاءِ ٻيڙين ذريعي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه ٿيندا رهن.
سنڌ حڪومت کي به ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ اپاءُ وٺڻ گھرجن ۽ وفاقي حڪومت کي به عملي طور تي شهر لاءِ ڪو قدم کڻڻ گھرجي. ڪراچي کي رڳو سياست جي ور چاڙهي سنڌ جي گادي واري هنڌ سان اهڙو لقاءُ نه ڪيو وڃي جنهن سان ڌرتيءَ جا ڌڻين ۾ مايوسي پکڙجي. شهر جي عملي طور تي مالڪي ڪئي وڃي. هونئن اڪثر ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي ته شهر جي مسئلن کي صرف سياست لاءِ هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي نه ته شهر ۾ محرومي جو احساس جنم وٺندو.
عام تاثر اهو به آهي ته ڪراچي شهر جي حقيقي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي مسئلن کي بنياد بڻائي سياسي ڌرين پاران “ڪراچي تي سياست” ڪئي پئي وڃي. ڪجهه ڌرين جا اهي بيان به سامهون ايندا رهيا آهن ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي يا تحريڪ انصاف ڪراچي شهر جا سمورا مسئلا حل ڪري ڇڏين ته پوءِ سندن ڪراچي جي نالي تي سياست ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت تي ڪراچي جي نالي تي ئي سياست ڪري ماڻهن جون همدرديون ورتيون وڃن ٿيون ۽ ڌار صوبو ٺاهڻ جهڙا مطالبا به سامهون ايندا رهن ٿا. اهڙي طرح وري پيپلز پارٽي به ڌار صوبي واري مطالبي جي آڙ ۾ اهڙي سياست ڪندي آهي جنهن سان سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪيون وينديون آهن. شايد حقيقت ۾ اهو ئي مقصد آهي ته شهر کي رڳو سياست جي ئي ور چاڙهيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ هاڻي ڪراچي مان چونڊيل ٽئي جماعتون “ڪراچي ڪميٽي” جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ به ويٺل آهن، پر ان باوجود شهر ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، لڏپلاڻ ٿئي پئي، لاڪ ڊائون متاثر ڪاروباري حلقن جي ڪاروبار کي برساتي پاڻي سبب ٻيو ڌڪ لڳي رهيو آهي ته ان باوجود سرزمين تي ٽنهي جون گڏيل ڪوششون ڪٿي به نظر ناهن آيون. ان ڪري هاڻي سنجيدگي سان ڪوششون وٺڻ گھرجن. جيئن ڪراچي شهر جو 5 مهينن کان “ٺِپ” ٿيل سمورو وهنوار پٽڙي تي چڙهي سگھي. برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي، نالن تي ٿيل قبضا خالي ڪرايا وڃن ۽ اعلانيل طور اتان جي ماڻهن کي به متبادل رهائش ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *