تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

برسات متاثرن جي مدد ۾ ناڪام نه رهجي وڃون

هن سال سنڌ ۾ سانوڻ ۽ بڊي جي مهيني ۾ تمام گهڻيون برساتون پيون آهن جنهن جي ڪري نه رڳو ماڻهن جا گهرگهاٽ تباهه ٿي ويا آهن پر انهن جا فصل به سڙي ويا آهن. رڳو زراعت واري شعبي ۾ ئي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي. فقط برساتن ئي نه پر برساتن بعد وهي آيل سم نالن ۾ گهارا پيا، ٻيا واهه به اٿلي پيا ۽ بند ٽٽي پيا جنهن ڪري به فصلن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ ان ڪري وڌيڪ نقصان پهتو، سنڌ جو ڪو تعلقو اهڙو نه آهي جتي ڪنهن نه ڪنهن واهه يا سم نالي کي گهارو نه پيو هجي. ڪيترائي ته اهڙا واهه آهن جن جا گهارا اڃا تائين بند نه ٿي سگهيا آهن. برساتن ۽ گهارن سبب سڀ کان وڌيڪ وونئڻن جو فصل تباهه ٿيو آهي. وونئڻ هونئن به نازڪ ٻوٽو آهي جيڪڏهن ان ۾ ٿورو به اضافي پاڻي وڃي ٿو ته ٻوٽا سڙيو وڃن. نه رڳو ايترو پر اهو فصل سنڌ جو اهم ڪيش ڪراپ آهي، آبادگار ۽ هاري ڦٽين جي آسري تي ئي پنهنجي حياتي جو گهڻو تڻو وهنوار هلائيندا آهن. ان لاءِ عام چوڻي آهي ته ڦٽيون لهڻ بعد ليکو چوکو ڪنداسين. ان کانسواءِ ان فصل جي آسري تي ئي شاديون مراديون طئي ڪيون وينديون آهن. هي فصل سنڌي سماج لاءِ تمام اهم آهي، ان جي تباهه ٿيڻ سان نه رڳو زميندارن ۽ هارين جو نقصان ٿيو آهي پر ان سان سنڌ جون ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي پڻ متاثر ٿي آهي. جڏهن ته ٻين تباهه ٿيل فصلن ۾ ٽماٽو، مرچ، پپيتا، کجين جا باغ، ڀاڄيون به شامل آهن. زراعت سان سنڌ جو مزدور طبقو به سلهاڙيل آهي ته تعميراتي شعبي سان گڏ سموريون صنعتون ۽ ڪاروبار پڻ واڳيل آهي. اهي سمورا ڪاروبار پڻ متاثر ٿيا آهن. زرعت کي نقصان سبب سڌي ۽ اڻ سڌي طرح 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. زمينون نوان فصل پوکڻ کان به چڙهي ويون آهن.
ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ آبادگارن جي تنظيم ايوان زاعت سنڌن جو چوڻ آهي ته سڄي سنڌ ۾ مسلسل برساتن جي ڪري زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. تيار ٿيل فصل برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏي وڃڻ ۽ مال مويشي لڙهي وڃڻ سبب سنڌ جا آبادگار تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن. جن کي هاڻ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ رليف فراهم ڪرڻ جي تاريخي ذميواري سنڌ سرڪار جي آهي. سنڌ سرڪار صوبي ۾ برسات کان علاوه واهن سم نالن ۽ شاخن کي گهارا پوڻ سبب متاثر ٿيل آبادگارن جي بحالي لاء فوري طور تي سنڌ بئنڪ مان هڪ سال لاءِ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي منظوري ڏي ته جيئن برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگار پوڻا ٻن مهينن بعد ربيع جي مند ۾ ڪڻڪ جي پوکي لاء وسيلا حاصل ڪري سگهن. برساتن بعد سنڌ جي حڪمرانن پاڻ مختلف علائقن جا دورا ڪري ٿيل تباهي ۽ ماڻهن جي اهنجن جو اکين سان معائنو ڪيو آهي ان ڪري کين ان سڄي آفت جو هاڻ احساس ٿي وڃڻ گهرجي. حڪومت کي نه رڳو آبادگارن پر انهن ماڻهن لاءِ رعايتن جو اعلان ڪرڻ گهرجي جن جا اجها ڊهي پيا آهن ۽ وٽن هاڻ مٿو لڪائڻ لاءِ ڇت به نه بچي آهي. حڪومت وٽ وسيلن جي کوٽ ته ٿي سگهي ٿي پر ان وٽ انهن ماڻهن کان ته پوءِ به وڌيڪ وسيلا آهن جيڪ آڻين ۽ چاڙهين وانگر گذارو ڪندا آهن. ان لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون پنهنجو فرض پورو ڪري ماڻهن جي مدد ڪن ۽ اها مدد جلد به ڪن ته جيئن ماڻهن ۾ جيئڻ جي آس باقي رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪا مدد وقت تي نه ملي اها زيان ٿي ويندي آهي ۽ سنڌ جي هارين، آبادگارن، مزدورن ۽ غريب پورهيتن وٽ ڪنهن به شئي کي زيان ڪرڻ جي گنجائش باقي ناهي رهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *