تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

برساتي پاڻي لاءِ بهتر رٿابندي جي ضرورت

سنڌ ۾ سنڌو درياءَ کانسواءِ پاڻي جي فراهمي جي ٻين ذريعن ۾ برسات ۽ جر جو پاڻي شامل آهي. برسات جي پاڻي ۾ بلوچستان جي پهاڙن توڙي سنڌ جي کير ٿر رينج تي پوندڙ برسات شامل آهي. کير ٿر رينج قمبر شهداد ڪوٽ ڪراچي تائين هڪ ڊگهي پٽي واري آهي ۽ ان جي نئين جو پاڻي سنڌ جي ان حصي کي سائو به ڪندو آهي ته ساهوارن لاءِ به اهو پاڻي ڪتب ايندو آهي. برساتن جا سلسلا ڪنهن سال گهٽ ته ڪنهن سال تمام گهڻا پوندا آهن. انهن علائقن جي حمل، منڇر سميت ڍنڍن ڍورن ۽ ترائين ۾ پاڻي گڏ ٿيندو آهي. بلوچستان ۾ ان سلسلي ۾ پهاڙي رينج ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي پاڻي محفوظ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. برساتي پاڻي ڪڏهن تمام گهٽ ته ڪڏهن ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪندو آهي، ويجهڙ ۾ جيئن 2011ع ۾ ڏکڻ سنڌ ۽ 2012ع ۾ اتر سنڌ جي مختلف هنڌن تي برساتي ٻوڏ ٿي وئي ۽ 2020ع ۾ ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتي ٻوڏ اهڙو ريڪارڊ قائم ڪيو جو بلوچستان جي ٻنهي پاسن کان ته ٻوڙان ٻوڙ ٿي پر سنڌ تي به مينهن کلي وسيو. ٿر هجي يا بر، شهر هجن يا ڳوٺ هر هنڌ ٻوڙان ٻوڙ ئي نظر آئي. سڀ کان گهڻو پاڻي ڪراچي، دادو ۽ ٿر ۾ نظر آيو. اڪيلو پاڻي ڀرجڻ جو ذخيرو حب ڊيم ڀرجي ويو. دادو ۾ ويجهڙ ۾ گاج ڊيم جو منصوبو شروع ٿيو، جيتوڻيڪ ان بابت به ماهرن جي راءِ آهي ته ان جي ڊزائين ايئن نه هجڻ گهرجي ها پر اها رٿا به سنڌ ۽ وفاق جي تڪرار جي وڙ چڙهيل آهي.
دادو ضلعي ۾ ٺهندڙ گاج ڊيم جو ڪم جون 2020ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو نه ٿي سگهيو. اها ڊيم رٿا جي ٽيون ڀيرو ڏنل ڊيٽ لائين هئي. اها رٿا 2011ع ۾ رٿي وئي هئي ۽ 25 اپريل 2012ع تي ڪم شروع ٿيو هو. چيو ويو ته اپريل 2015ع ۾ گاج ڊيم ٺهي ويندو. ان سال مڪمل نه ٿيڻ تي نئين تاريخ جون 2019ع ۾ ڏني وئي جيڪا واپڊا جي ويب سائيٽ موجب جون 2020ع ۾ رٿا تڪميل تي پهچڻي هئي. اوچتو اها ڳالهه به سامهون آئي ته ٺيڪيدار جو ٺيڪو پڻ غلط گارنٽي جي بنياد تي ڏنو ويو هو. رٿا جي پي سي ون موجب رقم 16 ارب 90 ڪروڙ 24 لک هئي. جڏهن ته بعد ۾ ان جي روائيزڊ پي سي ٽو ۾ رقم 26 ارب 2 ڪروڙ 36 رپيا ٿي وئي. پي ايس ڊي پي 2018ع ۽ 2019ع ۾ ان جي رقم 20 هزار ملين رپيا رکي وئي. پر ڪم انتهائي سست رفتاري جو شڪار رهيو ۽ پراگريس رپورٽن ۾ ڪم اڌ کان مٿي ڄاڻايو ويو آهي. ڪم جي رڪجڻ جو سبب اهو معلوم ٿيو ته 29 آگسٽ 2018ع تي ٺيڪي واري ڪمپني پاران واپڊا کي ٺيڪي جي ڪم بابت ڪوڙي گارنٽي ڏيڻ جي الزام تحت سندن ٺيڪو 14 سيپٽمبر 2018ع تي رد ڪيو ويو. واپڊا ان سلسلي ۾ پنهنجي ويب سائيٽ تي اهو ڄاڻايو آهي ته اهو قدم ڪنسلٽنٽ انجنيئرن پاران ڏنل پروگريس رپورٽ تحت کنيو ويو آهي. اهو معاملو 24 سيپٽمبر 2018ع تي سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ کڻي پهتي جنهن جي ٻڌڻي تڏهوڪي چيف جسٽس مسٽر جسٽس ثاقب نثار ٽي رڪني بينچ وسيلي ڪئي ۽ لاڳاپيل کاتي ۽ وفاقي سرڪار کان فنڊ جاري نه ڪرڻ جو پڇاڻو ڪيو. گاج ڊيم تي سنڌ سرڪار ۽ وفاق جي ڪورٽن ۾ پيشين دوران پنهنجا پنهنجا موقف سامهون ايندا رهيا. سنڌ حڪومت پٽيشنر طور اها به شڪايت ڪئي ته ايڪنڪ کي اڃان پروجيڪٽ جي منظوري به ڏيئڻي آهي. 2018ع ۾ 31 نومبر تي ٿيل ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پاران فنڊ جاري ڪرڻ جون هدايتون به ڏنيون، ان جو سبب پٽيشن وارو موقف هو جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ڊيم جي ڪم رڪجڻ سبب منڇر ۾ تازي پاڻي جي اچڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ وفاق جو سنڌ حڪومت تي زور آهي ته اها به ڊيم جي فنڊن ۾ رقم جي فراهمي ڪري. 10 جنوري تي وفاقي سرڪار سنڌ سرڪار جي موڪليل وفد سينٽرل ڊولپمنٽ ورڪنگ پارٽي آڏو موقف رکيو ته اهي به 46.5 بلين رپيا اڏاوت جي مد ۾ ڏين جيڪو سنڌ سرڪار مڃڻ کان انڪار ڪيو. جنوري 2019ع ۾ به نئين گاج ڊيم بابت ٻڌڻيون هليون پر ڪورٽ پاران فيصلو نه اچي سگهيو آهي سواءِ ان جي ته ان پاران سرڪار کي ڊيم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون پيون وڃن. وفاقي سرڪار 25 جنوري واري ايڪنڪ اجلاس ۾ نئين گاج جو معامرو کڻي اچڻ جو اعلان ڪيو آهي. 5 ڊسمبر 2018ع واري سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته اضافي پي سي ون جي منظوري ۽ نئين ٺيڪيدار کي ٺيڪو ڏيڻ کانپوءِ ئي نئين گاج ڊيم جو ڪم شروع ٿي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت ۾ نئين گاج ڊيم جي اڏاوت جي حوالي سان معاملا طئه نه ٿيڻ سبب واپڊا پاران رٿا مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان واپڊا پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي هاڻ ان رٿا جي مڪمل ٿيڻ جو سال جون 2021ع ڄاڻائي ڇڏيو آهي. اهو ته جهيڙو هلندو رهندو پر اصل مسئلو هن وقت جي صورتحال آهي جو گاج ڊيم جو اهو منصوبو هاڻوڪي طوفاني برساتن سبب وڌيڪ متاثر ٿيو آهي ۽ مڪمل نه هئڻ سبب پاڻي به گڏ نه ٿيو.
واپڊا پنهنجي آفيشل ويب سائيٽ تي ڄاڻايو آهي ته گاج ڊيم رٿا مڪمل ٿيڻ بعد نئين وسيلي ڊيم ۾ ٽي لک ايڪڙ پاڻي گڏ ٿيندو جنهن مان هڪ لک سٺ هزار ايڪڙ پاڻي ڪتب آڻي سگهبو. ڊيم 194 فوٽ اوچو ٺاهيو پيو وڃي جنهن مان 4.2 ميگا واٽ بجلي جي پيداور ٿيندي ۽ 28 هزار 800 ايڪڙ زمين کي پاڻي ملندو. پر جيڪڏهن 2020ع جون برساتون ڏسجن ته کير ٿر رينج ۾ ڪراچي تائين اهڙا منصوبا ڪارائتا ٿي سگهن ٿا پر ضروري آهي ته بهتر اڀياس سان درست ڊزائين وارا منصوبا جوڙجن. جيئن گاج ڊيم جي ڪيچمينٽ ايريا کير ٿر جو جابلو سلسلو آهي جتي پوندڙ مينهن جو پاڻي برساتي گاج نئين وسيلي گاج ڊيم ۾ اچي پوندو. پراجيڪٽ موجب اتان منڇر ڍنڍ کي به پاڻي ملندو. گاج ڊيم دادو شهر کان اتر اولهه طرف 65 ڪلوميٽر ڏور آهي. اهو ضروري نه سمجهيو وڃي ته انهن ذخيرن کي بجلي پيدا ڪرڻ سان گڏائجي، رڳو ذخيرن لاءِ ڊيم ٺاهجن ته خرچ گهٽجي ويندو. ان سان گڏ ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي ۽ ٻين ذريعن کي بهتر ڪجي. سانگهڙ، بدين ۽ ميرپورخاص جي علائقن ۾ برساتي پاڻي گڏ ڪري وارياسي، رڻ ۽ ميداني علائقن ۾ وڻن ۽ ساهدارن لاءِ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو. ٿر ۾ پيل برساتن به ڍورن ۽ آڳاٽن وهڪرن ۾ پاڻي ڀريو آهي. سنڌ جو پراڻو هاڪڙو ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن هلڪو پاڻي گڏ ٿيندو رهيو آهي پر هن ڀيري پراڻ سان گڏ جنهن نموني هاڪڙو درياءَ جيان وهي شڪور ڍنڍ تائين پهچي رهيو آهي، ان کي به هڪ بهتر رٿا سان ڪنهن حد تائين جيئرو ڪري سگهجي ٿو ۽ جيئن نارو وهي ٿو تيئن ريڻي مان به فائدو وٺي برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏينهن م پاڻي ذخيرن کي نقصان ٿيڻ جو سبب بڻجڻ بجاءِ فائدي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. پر گاج، ايل بي او ڊي، آر بي او ڊي، ايم اين وي ڊرين، ڪي فور، منڇر سميت ٻين منصوبن جيان رولڙا نه وڌا وڃن. ڪميشن ۽ ڪرپشن مافيا کان بچاءُ ڪجي ته سنڌ صفا سائي ٿي پوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *