تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

برساتي ٻوڏ جو خطرو ۽ اڻپورا انتظام

موسميات کاتي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪندي شهري ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي،جڏهن ته لاڳاپيل ادارن کي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انساني جانيون بچائڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺڻ جو مشورو ڏنو آهي، موسميات کاتي پاران جاري ڪيل وارننگ ۾ چيو ويو آهي ته ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن ۾ 80 کان 100 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي جڏهن ته ڪراچي ۾ به 40 کان 50 ملي ميٽر برسات پوڻ جو امڪان آهي.چوماسي جي برساتن جي اها شروعات 5 جولاءِ جي رات کان دير سان شروع ٿي 7 جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿي. مٿي ڄاڻايل علائقن کانسواءِ حيدرآباد ،ٺٽو سانگهڙ،ميرپور خاص،عمرڪوٽ،ڄامشورو۽ دادو ۾ به برسات جا امڪان آهن.موسميات کاتي تيز برسات جي اڳڪٿي ڪندي خدشو ڏيکاريو آهي ته ڪراچي،بدين،ٺٽي ۽ حيدرآباد۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي سگهي ٿي.موسميات کاتي لاڳاپيل کاتن واٽر اينڊ سيوريج،ميونسپل ڪارپوريشن،صوبائي ۽ ضلعي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽين کي مشورو ڏنو آهي ته انساني جانين ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.
هن چوماسي يا سانوڻي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪا اوچتو نه ٿي آهي، اڳ ۾ به موسميات کاتو خبردار ڪندو رهيو آهي پر انهن وارننگ کي ڏسي جيڪڏهن ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ورتل اپائن کي ڏسجي ته اهي بلڪل اڻپورا ۽ نه هجڻ برابر آهن. سڄي سنڌ ۾ مڪاني کاتو جنهن کي معمول ۾ ئي پنهنجي تياري مڪمل رکڻ کپي پر اهو ايمرجنسي ۾ به وارننگس ۽ چتاءُ ملڻ باوجود پنهنجون ذميواريون سدائين نڀائڻ ۾ ناڪام نظر آيو آهي جنهن ڪري اڪثر ٿورين برساتن ۾به شهر ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيندا رهيا آهن. ان ۾ مڪاني کاتي جو ئي قصور آهي ته هڪ طرف شهرن ۾ ڊرينيج جي نظام لاءِ قائم ڪيل نالن جي صفائي وقت سر ناهي ٿيندي ته ٻئي طرف جتي ڪٿي قبضا ڪري سڄي ڊرينيج نظام کي ئي ناڪارا بڻايو ويو آهي جو اهو شهرن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جي اهليت ئي وڃائي ويٺا آهن .2011ع جي برساتي ٻوڏ ان جو وڏو مثال آهي جنهن ڪري تقريبن اڌ سنڌ ڪيترائي مهينا انهي طوفاني برساتن سبب ٻوڏ کي ڀوڳيندي رهي جنهن کانپوءِ ڪجهه اسٽڊيز ٿيون ،نيڪال نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ تجويزون آيون ۽ پاڻي جي نيڪال وارن هنڌن تي ٿيل قبضا هٽائڻ جون سفارشون ڪيون ويون پر اهي ڪاغذن تائين ئي محدود رهيون. اسان جا ادارا به سدائين انهي گدڙ وانگر سوچيندا آهن جيڪو رات جو سيءُ لڳڻ کانپوءِ ڏر کوٽڻ جو خيال ڪندو آهي ۽ صبح ٿيندي ئي ڳالهه آئي وئي ٿي ويندي آهي .سو اسان جا ادارا به ايمرجنسي واري صورتحال دوران ته تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪندا آهن پر صورتحال معمول تي ايندي ئي انهن تي عمل ڪرڻ وساري ويهندا آهن. انهي کانسواءِ سڀ کان وڏي تباهي جو سبب اهي سم نالا هيا جن جي جوڙ جڪ صحيح نه هجڻ ڪري اهي پاڻي نيڪال ڪرڻ بدران ابتا وهي شهرن جا شهر ٻوڙڻ لڳا.اهي سم نالا نوابشاهه، سانگهڙ ۽ بدين کي ٻوڙڻ جو سبب بڻيا هيا،انهن سم نالن جي سنڀال ڪندڙ سيڊا ۽ آبپاشي کاتو به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪر ڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، انهن سم نالن جي نالي تي ڪروڙين رپين جا فنڊ ته نڪرن ٿا پر انهن جي حالت سڌرڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي.
اسان جا ادارا ۽ کاتا به سم نالن جيان ابتا وهي رهيا آهن جيڪي عوام کي فائدو پهچائڻ بدران عوام جي ئي نقصان جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.جيڪڏهن کاتن کي عام ماڻهن جي مشڪلاتن جي پرواهه هجي ها ته هن چوماسي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ جي پهرين اڳڪٿي کان ئي احتياطي تياريون شروع ٿي وڃن ها پرلڳاتار وارننگس جي باوجود ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ نه چري،هاڻي جڏهن برساتون اچي مٿان پيون آهن ته ايمرجنسي جي نالي تي ڪجهه فنڊ نڪرندا ۽ انهن جو عوام کي ڪو خاص فائدو نه ٿيندو.
اسان سمجهون ٿا ته هاڻي به شهرن ۾ ڊرينيج لاءِ ٺهيل وڏن نالن جي صفائي هنگامي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي جيئن چوماسي جي برساتن ۾ نقصان کي گهٽ مان گهٽ ڪري سگهجي،جڏهن سڃو چوماسو پنهنجي عروج تي هوندو ته پوءِ انتظاميا جيڪڏهن ڪجهه ڪرڻ به چاهيندي ته ڪري نه سگهندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *