تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

برساتون ۽ اڻپورا انتطام

ڪالهه کان شروع ٿيل برساتي سلسلي کان اڳ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ موسميات کاتي طرفان ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت ٻين وڏن شھرن ۾ مون سون جون وڏيون برساتون پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي جنھن ڪري وڏن شھرن ۾ برساتي ٻوڏ جا خدشا ظاھر ڪندي برساتي نالن جي صفائي سٿرائي سميت پاڻي جي نيڪال کي بھتر ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ويون. ان سلسلي ۾ سکر ۾ پڻ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ وڏن نالن ۽ ٻين آبي گزرگاهن جي صفائي سٿرائي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڪيون ويون، پر ھن وقت تائين نالن جي صفائي وارو ڪم مڪمل ناھي ٿي سگھيو، برساتي نالا بدستور گند سان ڀريل آھن، صرف چند ھنڌن تي نالن جي صفائي ڪئي وئي آھي. جڏهن ته ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مھيسر سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرن، ميونسپل ڪمشنرن، سي ايم اوز، ٽي ايم اوز ۽ ٻيِن آفيسرن ۽ ادارن کي اڳواٽ احتياطي اُپاءَ وٺڻ جي هدايت پڻ ڪئي، تنهن هوندي به گذريل رات ڪجھ وقت ھلندڙ برسات ڊويزنل، ضلعي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان ورتل قدمن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن.
سکر ۾ اڳوڻن حڪومتن، نساسڪ توڙي ميونسپل ڪارپوريشن دوران ڊرينيج جي بھتري لاءِ اربين روپيا خرچ ٿيا، برساتن کان اڳ وڏيون دعوائون ڪيون ويون تھ پاڻي روڊن، رستن تي نھ بيھندو پر اُن جي ابتڙ سکر کان روھڙي ويندڙ شاليمار ڦاٽڪ ويجھو جيل روڊ، پراڻو سکر، بکر چوڪ، وسپور محلا، پيرزادا محلا، ٿرمل ڪالوني، نيوپنڊ، پراڻي سکر، سکر ريلوي اسٽيشن سامھون تلاءٌ جي صورت ۾ برساتي ۽ ڊرينيج جو پاڻي بيھجي ويو. برساتي نالن جي بھتر صفائي نھ ٿيڻ ڪري برسات پوڻ وقت ڊرينيج جا نالا ڀرجي ويا ۽ ناليون ابتيون وھڻ شروع ٿي ويون جنھن ڪري پاڻي روڊن، رستن، گھٽين، محلن ۽ گھرن ۾ بيھجي ويو، سکر ۽ روھڙي جاڙا شھر جي نالي سان مشھور آھن، تنھن ڪري ٻنھي شھرن کان شھرين جي آمدرفت وارو سلسلو بھ 24 ڪلاڪ جاري ھجي ٿو، روھڙي کان سکر ۽ سکر کان روھڙي ويندڙ موٽر سائيڪلز، رڪشا ۽ گاڏيون جيل روڊ وٽ بيٺل گوڏي جيڏي پاڻيءَ مان گذرڻ سبب بند ٿيڻ ڪري شھرين کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. ڪيترن ئي ماڻھن سان فيمليز گڏ ھيون، گاڏيون بند ٿيڻ سبب ھو عورتن سميت پريشانين ۾ مبتلا ٿيا، پر اِن باوجود انتظافيا طرفان فوري طور پاڻي نيڪال ڪرڻ جي لاءِ ڪي بھ جوڳا قدم نھ کنيا ويا. برساتي ۽ ڊرينيج جي پاڻي ۾ مقامي ٻارڙا وھنجندي نظر آيا، عورتن ۽ مردن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھرن ۾ دخل ٿيل پاڻي ڪڍي ورتو.
موسميات کاتي ھڪ ڀيرو ٻيھر 25 جولاءِ کان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي، اختيارين وٽ سڀ بھتر ۽ انتظام مڪمل ھجڻ جو راڳ آلاپيو وڃي ٿو ۽ اُھي اختياريون بھ پنھنجي ڪرسي يا ايئرڪنديشن آفيس ڇڏي زميني حقيقتون ڏسڻ کان قاصر آھن. ڪمشنر سکر ڊويزن ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون کيس سڀ بھتر ھجڻ متعلق آگاھ ڪيو ويو پر ڇا ڪمشنر سکر ڊويزن کي ڄاڻ ناھي تھ برساتن کان اڳ ئي ڊرينيج جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل ھجي ٿو، اھڙِي صورتحال ۾ ڪيئن ھو انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ٿيندي اُنھن جي رپورٽن کي قبول ڪري ٿو. ڇونڊيل نمائندن کي بھ چڱي ريت ڄاڻ آھي تھ شھر جي ڪھڙن علائقن ۾ ڊرينيج نظام مڪمل طور ناڪارا بڻيل آھي، تنھن ڪري حڪومت سنڌ، سکر جي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا، ميونسپل ڪارپوريشن ۽ پبلڪ ھيلٿ کي گڏجي شھر جو ڊرينيج وارو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. جيڪڏھن شھرين سان ڳالھه ٻولھه ڪجي ٿي تھ ھو چونڊيل نمائندن جي ڪاڪردگيءَ مان مڪمل طور مايوس آھن، ورھين کان سکر جي شھرين جا ڊرينيج ۽ پيئڻ جي پاڻي وارا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ شھرين لاءِ ڄڻ تھ سنھرو خواب بڻجي ويو آھي. ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ سکر ۾ برسات کان اڳ روڊن تي گندو پاڻي گڏ ٿي وڃڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته پراڻي سکر ۾ 56 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان نئين ڊرينيج لائين وڇائي پئي وڃي، ميگا پراجيڪٽ تحت ڊرينيج لائنون تبديل ڪرڻ سبب پاڻي روڊن تي اچي ويو آهي، ان لاءِ منصوبي تي ڪم تيز ڪيو ويو آهي ۽ چاليهه ڏينهن اندر منصوبو مڪمل ٿي ويندو.
پاڻي ۽ ڊرينيج جي ڳالھ ڪجي ٿي تھ ميئر سکر جو چوڻ ھجي ٿو تھ اِھو نظام واٽر ڪميشن جي ھدايتن تي پبلڪ ھيلٿ حوالي ڪيو ويو آھي تنھن ڪري ڊرينيج ۽ پاڻيءَ جي فراهمي اسان جي ذميواري ناھي. وري ٻئي طرف ميونسپل ڪارپوريشن صرف 6 يوسيز جي صفائي سٿرائي تي ماھوار ڪروڙين روپيا نجي ڪمپنيءَ کي ادا ڪري ٿي. ڊرينيج نظام جيڪڏھن پبلڪ ھيلٿ حوالي آھي تھ صفائي سٿرائي جي ٺيڪي تي ايڏي رقم خرچ ڪرڻ بجاءِ ڊرينيج جي بھتري ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھميءَ تي خرچ ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ اِن سميت شھرين طرفان اڻ ڳڻيا سوال اُٿاريا پيا وڃن تھ آخر اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود شھرين کي بنيادي سھولتون ڪڏھن ملنديون؟ هاڻ ته مڪاني ادارن جو مدو به پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ عوام کي هنن چئن سالن ۾ ڪجهه به ملي نه سگهيو آهي. جائزو ورتو وڃي ته شهرن جي جيڪا حالت 4 سال اڳ هئي اها هينئر به برقرار آهي، ڪا بهتري ته نه آئي آهي پر ڪيترن ئي علائقن جي حالت اڃا به خراب ٿي وئي آهي ان جي ڪري عوام جو چونڊن ۽ چونڊ عمل تان ويساهه به کڄي رهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *