تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

برساتن ۾ ٻڏل سنڌ ۾ دريائي ٻوڏ جو خطرو

برساتي ٻوڏ ۾ بي گهر ٿيل ۽ رستن تي ويٺل ماڻهن جي مصيبتن ۾ 2 ڏينهن اڳ واري طوفاني برساتن واڌ ڪري ڇڏي آهي، “حال هيڻا، سور ٻيڻا” واري چوڻي سندن حالتن تي ٺهڪي ٿي اچي،انهن ماڻهن جي ئي حڪومت اڃان تائين انهي انداز ۾ واهر نه ڪري سگهي آهي ته مٿان وري دريائي ٻوڏ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي اترين علائقن ۾ سياري ۾ وڏي پئماني تي برف پوڻ، گليشيئرس جي ڳرڻ ۽تازين برساتن سبب سڄي ملڪ جي سسٽم ۾ پاڻي گنجائش کان وڌيڪ موجود هئڻ ڪري هن ڀيري سنڌو درياءُ ۾ وڏي ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي،سنڌو درياءَ جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ برساتون پوڻ ۽ چشما وٽ پاڻي ۾ لاڳيتي واڌ سبب موسميات کاتي جي ٻوڏ بابت آگاهي واري ڊويزن الرٽ جاري ڪيو آهي ته 8 ۽ 9 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ مٿئين درجي جي ٻوڏ پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي آبپاشي کاتي ايمرجنسي لاڳو ڪندي سنڌو درياءَ جي بندن جي 48 هنڌن کي حساس قرار ڏئي ڇڏيو آهي.جن مان 18 هنڌ انتهائي حساس قرار ڏنا ويا آهن ۽ 12 هنڌن جي نگراني جون هدايتون به جاري ڪيون ويون آهن. آبپاشي کاتي خط لکي آبپاشي ڊويزنن۽ سيڊا جي ذميوار عملدارن کي ٻوڏ جي خدشي سبب ضروري تياريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ملڪ ۾ سانوڻي جي موسم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي جڏهن موسميات کاتي آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته هيل معمول کان وڌيڪ برساتون پونديون ۽ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي ان لاءِ نالن ۽ ڊرينيج نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اڳواٽ اپاءُ ورتا وڃن تڏهن به اهڙي ئي نموني جي ايمرجنسي جو اعلان ڪري مڪاني ادارن کي ضروري اپاءُ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون،پر نتيجو سامهون آهي جو اهي ايمرجنسي وارا اعلان رڳو ڪاغذن تائين ئي محدود هيا ۽ ڪٿي به ڪي اپاءُ نه ورتا ويا ۽ سنڌ جا ڪيترا ئي شهر هڪڙي برساتي ٻوڏ جي ور چڙهي ويا ۽ لکين ماڻهو اڃان تائين انهي پاڻي ۽ ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن جڏهن ته سم نالن ۽ شاخن کي گهارن به انهي ٻوڏ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جڏهن ماڻهو ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيا هئا ته ڪنهن به ضلعي ۾ انتظاميا نالي ڪا شيءَ نظر نه آئي جيڪا ماڻهن جي مدد ،ريسڪيو ڪرڻ يا انهن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ موجود هجي ۽ ماڻهو هن وقت به بي وس ٿي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن.هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف انهي وقت ئي درياءَ ۾ مٿئين درجي جي ٻوڏ جي آگاهي ڏني پئي وڃي.اسان وٽ ادارن ۽ انتظاميا جي جيڪا حالت آهي اها تازين برساتن ظاهر ڪري وڌي آهي سالن جا سال نه گٽر نالن جي صفائي ٿي، نه ئي ڊرينيج نظام کي بهتر ڪيو ويو نه ئي وري انتظاميا۾ ماڻهن کي ڪو ريسڪيو ڪرڻ جي اهليت ۽ قابليت ئي موجود آهي،اها حالت رڳو مڪاني ادارن جي ناهي ۽ نه ئي ضلعي انتظاميا جي آهي اها حالت ته تقريبن هر اداري جي آهي جڏهن به ڪنهن اداري ۾ ايمرجنسي جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته انهن جي اهليت ماڻهن آڏوتڏهن ٿي ظاهر ٿئي.اها ساڳي حالت اسان جي آبپاشي کاتي جي به آهي جڏهن به سسٽم تي ٿورو بار پوندو آهي يا برساتون ٿينديون آهن ته شاخن ۽ واهن کي گهارا لڳڻ معمول هوندو آهي،هن ڀيري ته اڳ ئي سڄو سسٽم دٻاءُ هيٺ آهي ۽ پاڻي هر هنڌ موجود آهي جيڪڏهن درياءُ ۾ مٿئين درجي جي ٻوڏ اچي ٿي ته سالن کان بنا سنڀال جي هلندڙ بند شايد ئي انهي پاڻي جو دٻاءُ برداشت ڪري سگهن.سالن کان نه شاخن ،واهن ،ڪئنالن جي کاٽي ٿي آهي نه ئي انهن جي بندن جي مرمت تي ڪو ڪم ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال جوهي واري پاسي جو ايف پي بند آهي ۽ بدين ۽ ميرپورخاص ۾ سم نالن کي لڳندڙ گهارا.
اسان سمجهون ٿا ته آبپاشي کاتي طرفان جاري ڪيل ايمرجنسي کي واقعي ئي ايمرجنسي طور ورتو وڃي ۽ هن وقت کان ئي درياءُ ،بئراجن،واهن ۽ شاخن جي بندن تي ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته اڳ ئي برساتي ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۾ جيڪڏهن انتظامي ڪوتاهي سبب ڪٿي به دريائي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي ته ان کي سنڀالڻ شايد ئي ڪنهن جي وس ۾ هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *