تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

برساتن ۾ تباهي ڪندڙ ايل بي او ڊي

وڏڙا چئي ويا آهن ته مينهن ۽ مهمان قسمت سان ايندا آهن،بلڪل اهو صحيح آهي قدرتي طور ايندڙ مصيبتن کي روڪڻ انسانن جي وس ۾ ناهي، پر ان کانپوءِ تڪڙن انتظامن آهر متاثرن جي مدد ڪرڻ جو فرض انتظاميا تي ٿئي ٿو، ٽي ڏهاڪن کان پهرين جڏهن برساتن جون موسمون اينديون هيون ته انهن برساتن جو اندازو آبهوائي لحاظن سان ماڻهو لڳائي سگهندا هئا. اهڙو جديد نظام نه هو جو عوام کي برساتن جي اڳواٽ خطرن کان آگاهي ملندي هئي. بس جڏهن برسات خاص ڪري سانوڻي جي موسم ايندي هئي ته مهينو اڳ پاڻمرادو اڳواٽ پنهنجو پاڻ انتظام ڪري ڇڏيندا هئا، ايتريون برساتون پونديون هيون جو غريب ماڻهو سج جي روشني ڏسڻ لاءِ به ترسندا هئا. ايترين گهڻين برساتن جي باوجود به عوام کي اڳواٽ انتظامن جي ڪري نقصان گهٽ ٿيندو هو، جيڪڏهن هن وقت جي برساتن کي ڏسجي ٿو ته غريب ماڻهن جي تباهي ٿي وئي آهي، پراڻي زماني جا ماڻهو پنهنجو پاڻ ڌڻڪا هوندا هئا حڪومت تي اعتماد نه ڪندا هئا،هاڻي ماڻهو ڪجھه به نٿا ڪن ۽ رڳو حڪومت تي ٿا ڀاڙين پر حڪومت به عوام جي ايئن پرگهور نه ٿي لهي جيئن لهڻ گهرجي. ڪجهه ڏينهن کان جيڪو برسات جو سلسلو شروع ٿيو آهي انهي هر هنڌ نقصان ڪيو آهي پر بدين ضلعي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو ڪٿي شايد ئي ٿيو هجي.
بدين واسين لاءِ خوف جي علامت بڻيل راڪاس سم نالي ايل بي او ڊي کي ملڪاڻي شريف ويجھو آر ڊي 228 وٽان 60 فوٽ جي لڳ ڀڳ گھارو پيو. ڀرپاسي جا ڪيترائي غريب ماڻهن جا ڳوٺ پاڻي جي هيٺ آهن. بدين ۽ ميرپرخاص ضلعي جون ڪيتريو ئي يوسي ۽ ديھه پاڻي هيٺ آهن ملڪاڻي شريف، پنگريو، سمن سرڪار، ٻنگار، ڍورو نارو مهراب شهر، رحيم خان نوتڪاڻي، محمد يوسف چانڊيو، ڪوٽ مير جان محمدسميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي وهڪرن ۾ ٻڏي ويا غريب ماڻهو پنهنجا ٻچا وٺي وڃي مٿاهين تي روڊن تي کليل آسمان ويٺل آهن. گهاري کي ٽي ڏينهن گذري چڪا پر انتظاميا ڪنٽرول ۾ نه آڻي سگهي آهي ۽ اهوگهارو 60 فٽ وڌنڌو پيو وڃي.
ھي سم نالو بدين ضلعي جي شھرن ۽ ڳوٺن کي ھرسال ٻوڙيندو آھي پر ان سم نالي جي ڪيتري سار سنڀال ۽ ان تي ڪيترو خرچ ڪيو وڃي ٿو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ايل بي او ڊي تي مقرر ڪيل ايس ڊي او جي جيپ به بند تي نه ھلي سگھي ۽ ايل بي او ڊي جي پٽڙي تائين پھتل پاڻي ۾ ڦاسي پئي.نوابشاهه، سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن جو پاڻي کڻي ايندڙ ھي ايل بي او ڊي سم نالو ڇا فقط بدين ضلعن جي ماڻھن کي ٻوڙڻ لاءِ ٺاھيو ويو آھي جو بدين ضلعن جي شھرن ۽ ڳوٺن جو پاڻي ته نيڪال نه ٿو ٿي سگھي رهندو ٻين ضلعن مان ايندڙ پاڻي ذريعي ٻوڙيو ٿو وڃي. اھڙي سم نالي کي ڪنٽرول ڪرڻ ان جي سار سنڀال رکڻ بند مضبوط رکڻ جو ڪنھن جو ڪم آھي ۽ ان جي لاءِ فنڊ رکيل ھوندا آھن اھي ڪيڏانھن ٿا وڃن. سنڌ سرڪار کي ان سم نالي جي تباھين کان بدين واسين کي بچائڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ گھرجن.جڏهن ماڻهو درياءَ يا واهن جي ڪپن تي ويهندا آهن ته ڪنهن مجبوري خاطر پر هاڻي اهو به غريب عوام جو ويهڻ بند ٿيو.
سوال اهو ٿو ٿئي ته ٻه مهينن کان وٺي برسات هلندڙ آهي! هيڏي بجيٽ هوندي ڇو سم نالي ايل بي او ڊي جي مرمت نه ٿي سگهي جيڪڏهن مرمت ٿي سگهي ها ته اڄ غريب عوام در بدر نه هجي ها! ۽ اهڙو هاڃو عوام سان نه ٿئي ها جهڙي صورتحال هاڻي برساتن ۾ پيدا ٿي آهي. سانوڻي جي هيلوڪي وسڪارن سڀني انتظاميا ناڪامين کي ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي جيئن ايل بي او ڊي سم نالي ۾ وڏن وڏن شهرن جا گٽر نالا ڪند ڪچرو ڇوڙ ڪندا آهن افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته هيتري آمدني هوندي سوندي به هن سم نالي جي ڪنهن سار نه لڌي، ضلعي انتظاميا پنهنجي من مستين ۾ پوري آهي، پر غريب عوام هڪ ويلي جي چلھه ٻارڻ کان به لاچار آهي، غريب عوام ڪنهن ته در دانهن ڏين، غريب عوام جي ڪير سار لهندو؟سنڌ سرڪار کي ان سم نالي جي تباھين کان بدين واسين کي بچائڻ لاءِ خاص قدم کڻڻ گھرجن.جڏهن ماڻهو درياھه يا ڪنهن واھه جي آسي پاسي ۾ اچي ويھندا آهن سو ڪنهن اڃايل بکايل مجبوري جي حالت ۾ اچي ويهندا آهن. تازين برساتن ۾ غريب عوام کي ڏنل ڦٽ بدين ضلعي ۾ ڏسي سگهجن ٿا ته ڪيتري غريب عوام متاثر ٿي آهي. ايل بي او ڊي سم نالي جي آيل بجيٽ ڪيڏانهن وئي. ڇا ايل بي او ڊي سم نالو غريب ماڻهن کي نقصان ڏيڻ لاءِ ٺهرايو ويو هو!آبادگارن موجب ايل بي او ڊي سم نالي جي ته الائي ڪيترن ورهين کان وٺي ڪوبه مرمتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. سم نالي جو پاڻي هر برسات ۾ ابتو وهڻ لڳندو آهي. سم نالي مان نئون ڪوٽ شهر کان وٺي روشن آباد، جهڏو، پنگريو، ملڪاڻي شريف، ٽنڊوباگو بدين سم نالي جي پاڻي لپٽ ۾ اچن ٿا، هي سم نالو وڏن وڏن شهرن جي گٽرن واهن جا پاڻي کڻي اچي ڪري صرف بدين شهر کي هر سال ٻوڙي ٿو، هتي جي تڪ جا ايم پي اي ايم اين اي لکن جي تعداد ۾ ووٽ کڻي اسيمبلين ۾ پهچن ٿا، ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ايل بي او ڊي سم نالي جي نقصانن تي ڪير نه ٿو ڳالهائي. غريب عوام جو جيڪو نقصان ٿيو آهي اهو ڪير ڀري ڏيندو؟
هاڻي عوام جي جياپي لاءِ عوامي سياسي سگھه جي ضرورت آهي جيڪا مستقل طور تي عوامي مفادن خاطر هن قسم جي بحرانن جي نتيجي ۾ ڪيل مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مهاڏو اٽڪائي سگهي ۽ جيڪي هن قسم جا بحران جنم وٺن ٿا ۽ عوام ڀوڳي ٿو انهي خلاف جهيڙي سگهي.يقينن اسان سان تنظيم جي کوٽ جو مسئلو آهي. جنهن سبب پورهيت عوام کي پنهنجي گڏ ٿيڻ ۽ طاقت جو احساس پيدا نه ٿي سگهيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *