تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بدين ضلعو هفتي کان ٻڏل ،انتظاميا گم

بدين ۾ ضلعي ۾ هڪ هفتي کان برسات شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ضلعي جي ٻن ميونسپل ڪميٽين 10 ٽائون ڪميٽين ۽ 68 يونين ڪائونسلن ۾ گذريل 4 سالن کان سنڌ حڪومت طرفان ماهوار بجيٽ جا ترقياتي ڪمن لاءِ ڏنل ڪروڙين رپين جي بجيٽ مان نالي ماتر ڪرايل ترقياتي ڪمن جي پت وائکي ٿي وئي آهي.
ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر وارو بدين شهر 14 وارڊن ه جي مک روڊن ڪراچي روڊ حيدرآباد روڊ شاھه برهان روڊ سول اسپتال روڊ کوسڪي روڊ ڪڍڻ روڊ پي اي ايف روڊ سميت شهر جا ننڍا وڏا روڊ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن، جڏهن ته شهر ۾ 30 سال اڳ ٺهيل ڊرينيج نظام مڪمل طور ناڪارا ٿي چڪو آهي شهر جا 3 مک ڊرينيج نالا پراڻو ميرواھه سيشن ڪورٽ بائي پاس وارو نالو عابد ٽائون وارو نالو ريلوي اسٽيشن جي ڀر واري نالي سميت ٻيا گٽر نالا ابتا وهڻ لڳا آهن جڏهن ته شهر جا مختلف پاڙا حاجي هاشم خاصخيلي پاڙو سانگھاڻي پاڙو پيرعالي شاھه ڪوٽ ايگروول ڪالوني شهباز ڪالوني پي اي ايف روڊ وارا پاڙا انصاري پاڙو ملاح پاڙو خاموش ڪالوني پنهور پاڙو ڪڇي پاڙو گجراتي پاڙو مڪمل طور پاڻي هيٺ آهن جڏهن ته شهر جا وڏا قبرستان جنهن ۾ شاھه قادري مولوي حاجي احمد ملاح قبرستان ڏس فقير ورايو ملنگ اسماعيل شاھه بخاري نورشاھه سميت اڪثر قبرستان پڻ برساتي پاڻي هيٺ آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي قبرون پڻ ڊهي ويون آهن گڏو گڏ بدين سميت ضلعي جي سمورن شهرن جا تعليمي ادارا جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس هاءِ اسڪول اقرا اسڪول گرلس هاءِ اسڪول سميت اسپتالون پڻ پاڻي هيٺ آهن. هڪ پاسي حڪومت 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي پر جيڪڏهن اها حالت رهي ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو ته انهن تعليمي ادارن ۾ هڪ مهيني تائين پڙهائي نه ٿي سگھندي. برساتن کي اڄ هڪ هفتو مڪمل ٿي رهيو آهي هڪ هفتو گذرڻ باوجود انتظاميا انهن علائقن مان پاڻي نه ڪڍرائي سگھي آهي جنهن ڪري انهن علائقن ۾ هن وقت تائين سوين ڪچا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جنهن ڪري 30 کان وڌيڪ عورتون مرد ۽ ٻار زخمي جڏهن ته 3 ڄڻا هڪ عورت حليمان ملاح حسين کوسو۽ گھمن خاصخيلي فوت ٿي چڪا آهن پر چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا انهن جي هن وقت تائين سار سنڀال نه لڌي آهي.
بدين تعلقي جي 12 يونين ڪائونسلن سميت ضلعي جي 68 يونين ڪائونسلن ۾ لکين ايڪڙ زمين ۾ پوکيل آڳاٽي فصل ساريون مرچ ٽماٽا ڪپھه ۽ سبزين کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. ضلعي جا مک سم نالا ايل بي او ڊي، ڪي پي او ڊي، چولري ويئر، امير شاھه ٽنڊوباگو ون آر، لواري ڊرين ،ٽنڊوباگو سب ڊرين سميت ٻين سم نالن جي سالن کان کاٽي ۽ مرمت نه ڪرڻ سبب انهن سم نالن جو پاڻي اوورٽاپ ڪري يا وري ابتو وهي رهيو آهي. ٻئي پاسي ضلعي ۾ رڪارڊ 24 ڪلاڪن دوران 167 ملي ميٽر برسات پوڻ جي باوجود ضلعي جي زرعي زمين کي آباد ڪندڙ مک واھه اڪرم ڊويزن ،ڦليلي ڊويزن، گوني ڊويزن سميت ٻين واهن جي قاضياواھه سب ڊويزن، علي واھه سب ڊويزن ،شادي سمان ڊويزن، ميرواھه تلهار ڊويزن، ٽنڊوباگو سب ڊويزن، گاجا سب ڊويزن جي ننڍن وڏن واهن ۾ درياءَ جو پاڻي ڇڏڻ سبب اهي واھه پڻ تار وهي رهيا آهن جن کي گھرا لڳڻ جو پڻ انديشو آهي، جڏهن ته ڳوٺ صادق چانڊيو سمن سرڪار لڳ ايل بي اوڊي سم نالي کي 80 فٽ گھارو پئجي ويوآهي پر شام تائين انهي گھاري کي بند ڪرڻ لاءِ آبپاشي کاتي ڪي به اُپاءُ نه ورتا آهن جنهن ڪري وڏي نقصان جو انديشو آهي. جڏهن ته  اڳواٽ ئي برساتي پاڻي جي گھيري ۾ ضلعي جا هزارين ڳوٺن جا رهواسي پنهنجا گھر ۽ فصل ٻڏڻ سبب پريشاني۾ ورتل آهن پر هن وقت تائين ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن. 
آبادگارن موجب سم نالن جي سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري زمينن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي جنهن ڪري ٽماٽا ساريون ڪپھه مرچن کي وڏو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته سبزيون پڻ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪيون آهن. بدين ۾ هڪ هفتي کان پوندڙبرسات سبب پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف روزانو علائقي واسي احتجاج ڪن ٿا پر چونڊيل نمائندن توڙي انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي سُري پر ڪالھه جڏهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه 40 کان وڌيڪ چمڪندڙ گاڏين جي قافلي ۾ برساتن جي تباھه ڪارين جي سلسلي ۾ بدين جي دوري تي آيو ته انتظاميا کيس پاڻي هيٺ آيل علائقن ۽ شهر جو دورو ڪرائڻ بدران سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي جو چئي کيس شهر جي هڪ مخصوص روڊ تان گذاريو جنهن تان تڙ تڪڙ ۾برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويوهو. ساڳئي روڊ تي نامعلوم ماڻهن گٽر نالن تي پلي ڪارڊ لڳائي ويا هئا جنهن تي لکيل هو ته “حڪمرانو شرم ڪريو حيا ڪريو شهر جاگٽرٺهرايو” تنهن هوندي به انهي روڊ تان شام تائين مڪمل طور تي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو هو ۽ انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ آندل پمپ مشينون ٻيهرکڻائي وئي.
انتظاميا کي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي ته ايس ايس پي آفيس وٽ وڏي تعداد ۾ گڏ ٿيل ۽ وڏي وزير جو انتظار ڪندڙ اهي صحافي به انتظاميا جي پت وائکي ڪري سگھن ٿا. صحافين کي ٻڌايوويو ته وڏو وزير صحافين سان پڻ ڳالھه ٻولهه ڪندو پر بنا ڳالھه ٻولھه جي چند من پسند ماڻهن کي اطلاع ڏنو ويو جڏهن ته پاڻي هيٺ آيل علائقن جا هزارين رهواسي ڪراچي بس اسٽاپ شاهنواز چوڪ شاھ لطيف روڊ ۽ قاضيا واھ پل تي انهي انتظار ۾ هئا ته سنڌ جو وڏو وزير ايندو ۽ انتظاميا کي هدايتون ڪندو ته فوري طور تي انهن علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرايووڃي انهن انتظار ڪندڙن کي ان وقت خبر پئي جڏهن  سنڌ جو وڏو وزير شهر جو دورو ڪرڻ بدران چند منٽن ۾ ٿرپارڪر روانو ٿي چڪو هو 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *