تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

بحرين ، اسرئيل ٺاھه ۽ فلسطيني جدوجھد

گذريل مھيني کان جيڪي خبرون عرب رياستن کان ملي رھيون آهن انھن ۾ فلسطيني جدوجهد لاءِ ڪا سٺي خبر نه پئي ملي. UAE کان پوءِ ڪالھه بحرين به اسرائيل سان پنھجا لاڳاپا بھتر ڪرڻ ۽ ان کي تسليم ڪري ورتو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس انتظاميا سفارتي ڇڪتاڻ جي باوجود اسرائيل سان عرب ملڪن جي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، جنهن ۾ کين تقريبن ھڪ مھيني ۾ ٢ اھم ڪاميابيون مليون آهن ، گڏيل عرب امارات کان پوءِ بحرين به ھن معاھدي ۾ شامل ٿي ويو آهي. گڏيل بيان ۾ آمريڪا ، بحرين ۽ اسرائيل جو چوڻ آهي ته معاهدو جمعي ڏينهن اسرائيلي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ بحرين جي بادشاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات بعد ٿيو.
صدرٽرمپ معاھدي کي ”تاريخي پيش رفت“ قرار ڏنو. هي معاهدو صرف هڪ مهيني بعد ٿيو آهي جڏهن گڏيل عرب امارات پهريون خليجي عرب ملڪ آھي جنھن اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ بابت هڪ معاهدو ڪري چڪو آهي ، واپار ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گذريل سال کان بي ترتيبي رابطن کي ختم ڪيو ويو ھئو.
بحرين چوٿون عرب ملڪ آهي جيڪو مصر ، اردن ۽ يو اي اي کان پوءِ اسرائيل سان اهڙي ڊيل تي پهچي چڪو آهي.
ھن معاھدي کانپوءِ اهي ملڪ مصر، گڏيل عرب امارات ۽ اردن شامل آھن جن هن معاھدي جي مڪمل ۽ کليل حمايت ڪئي آهي جڏهن ته ٻين عرب ملڪن ھن معاھدي تي تنقيد ڪئي آهي.
فلسطيني اٿارٽي بحرين ۽ اسرائيل ڳالهين واري معاملي کي عرب رياستن جي هڪ ٻئي سان غداري قرار ڏئي مذمت ڪئي آهي .
يو اي اي ،اسرائيل ڊيل جيڪا گذريل مهيني اعلان ڪئي وئي اها فلسطيني عوام جي مقصدن ۽ جدوجهد جي خلاف تصور ڪئي وڃي ٿي حماس ، جيڪا غزه جي پٽي تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ٿي،انهي جي ترجمان اي ايف پي سان ڳالهائيندي چيو ته ھي معاھدو هڪ “جارحيت” آهي جيڪو فلسطيني مقصد لاءِ “ تعصب” ظاھر ڪري ٿو.
ھڪ راءِ اھا به آهي ته ھي معاھدو صدر ٽرمپ جي سفارتي ڪاميابي آهي ، جيڪو بحرين ۽ گڏيل عرب امارات سان معاهدن جي شڪل ۾ سامهون آيو آهي. ھي معاھدو وچ اوڀر جي ملڪن ۾ هڪ نئين سفر جي شروعات آھي ۽ اھو تاثر پيدا ڪيو وڃي ٿو ته ھن معاھدي کان پوءِ صدر ٽرمپ انتظاميا هن علائقي ۾ امن ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
ھڪ ڳالھه دلچسپ اھا به آهي ته آمريڪا ۾ ٣ نومبر ٢٠٢٠ع تي صدارتي اليڪشن جو شيڊول اچي چڪو آهي تازو اسرائيل سان ڪيل ھي ٻئي معاھدا صدارتي اليڪشن ۾ صدر ٽرمپ کي ڪيترو فائدو ڏيندا ؟ ھي ھڪ سوال آهي ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم جي لاءِ بين الاقوامي ۽ ملڪ اندر ھن معاھدي کي ڪيش ڪرائڻ جي ضرور ڪوشش ڪندو، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ ھي ٻئي معاھدا پنهنجي موجودگي ۾ آمريڪا مان جاري ڪيا آهن جنهن سان ھو آمريڪي عوا۾ جي حمايت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ ٽرمپ کي “صدي جي ھن ڊيل” ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جو موقعو ملندو جيڪو هو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿي سگھي ٿو.
ھتي آءُ ياد ڏياريندو ھلان ته اسرائيل جو اردن سان معاھدو ١٩٩۴ع ۾ ٿيو جنهن کي تقريبن ٢٦ سال گذري چڪا آهن، مگر گڏيل عرب امارات واري معاھدي کان پوءِ ھي معاھدو صرف ٢٩ ڏينھن کان پوءِ سامهون آيو آهي.
ھن خطي جا ڪجهه ملڪ ڪافي وقت کان جنگي حالت ۾ آهن سعودي عرب کان ايران تائين، ايران کان عراق تائين ، ترڪي کان شام ۽ اسرائيل کان فلسطين تڪرار سموري عالم اسلام کي جنجهوڙي وڌو آهي ۽ ھن خطي ۾ سعودي عرب جو اھم ڪردار آهي مگر سعودي عرب جو ڪردار خاص طور اسلامي ڀائيچاري لاءِ ڪو واکاڻ جوڳو نه آھي. ھن سموري خطي ۾ آمريڪي ڪردار کي به پاسي تي نه ٿو ڪري سگھجي جاگرافيائي طور تي اسرائيل ھن خطي ۾ ڪا مضبوط پوزيشن ته نه ٿورکي مگر آمريڪي حمايت ھجڻ ڪري ھن خطي ۾ تقريبن مسئلن جي پيداوار ھتان ٿئي ٿي جنهن جو سبب خطي ۾ اسرائيلي اثررسوخ قائم ڪرڻ آھي، ان کان علاوه ھي سمورو خطو قدرتي وسيلن سان ڀريل ھجڻ ڪري آمريڪي نظرن کان اوجھل نه ٿو رھي سگھي.
دفاعي لحاظ کان بحرين خطي جو ڪو طاقتور ملڪ ته نه آهي ، پر هڪ عرب ملڪ جي حيثيت سان بحرين ھڪ مخصوص اھميت رکي ٿو ، بحرين سان ڪيل معاھدي کان پوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا لاءِ رستو ھموار ٿيندو ته ھو ٻين عرب يا اسلامي ملڪن سان اسرائيلي حمايت ۾ ٻيا معاھدا ڪرائي سگهي، جنهن سان اسرائيل کي مڃتا ڏيڻ سان گڏوگڏ ھن خطي ۾ سرسي پڻ ملندي.
فلسطيني جدوجهد 1948ع ۾ اسرائيل جي رياست جي قيام سان شروع ٿي. ھي مسئلو 1920ع کان اسرائيل ۽ عربن جي وچ ۾ پيدا ٿيو ۽ -48 1947ع جي خانه جنگي ۾ وڏي پيماني تي دشمني شروع ٿي وئي. جيڪا اڃان تائين ختم نه ٿي آهي. عرب ملڪن جي ھن عمل سان فلسطينن جي جدوجهد کي ته تمام گھڻو ڇيھو رسيو آهي پر اھي چارئي عرب ۽ اسلامي ملڪ جن ھن معاھدي تي صحيح ته ڪئي آھي پڻ آمريڪي چالاڪين کان بچي نه سگھندا، ڇاڪاڻ ته اسڪرين تي ته اسرائيل آهي پر حقيقت ۾ آمريڪا خود ھن خطي ۾ رھڻ چاھي ٿو جنهن لاءِ ھو اڳ ۾ اسرائيل لاءِ ماحول سازگار ڪرڻ چاھي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *