تازا ترين
  • *گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال سبب شهر گند جي ڍير ۾ تبديل، شهرين جو احتجاج *انتظاميه جي نااهلي ۽ ٽائون ملازمن جي احتجاج سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي: شهر*
  • *باڊهه ۾ شهرين جو پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو *شهرين درگاهه شريف چوڪ کان ريلي ڪڍي ٿاڻي جي مين گيٽ آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو *پوليس امداد گوپانگ کي تيل چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي، کيس آزاد ڪيو وڃي: شهري*
  • *اسپين کان آيل وفد پاران خيرپور جي تاريخي ماڳن جو دورو، عمارتن جي خوبصورتيءَ جي واکاڻ *اسپين کان آيل جون ۽ ماريا ڪوٽڏيجي قلعي، شاهي محل، وائيٽ هائوس ۽ فيض محل خيرپور جو دورو ڪيو *پاڪستان تاريخي جڳهن ۽ ماڳ مڪانن جي حوالي سان شاهوڪار ملڪ آهي جون/مس ماريا *ٽالپور هائوس ڪوٽڏيجي ۾ مير ظهير عباس ٽالپر اسپين کان آيل وفد کي اجرڪ ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون *
  • *دادو شهر گٽر اٿلڻ سبب گندگي جي ور چڙهي ويو، شهرين جو احتجاج *شهر ۾ بيٺل ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي نااهل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: شهري*
  • *حيات پتافي: هڪ هفتو اڳ بجلي جون تارون گهر مٿان ڪرڻ سبب فوت ٿيل ناري ثمينا وارو معاملو*مسمات ثمينا جي وارثن جو احتجاج،ناري جو قتل ڪيس واپڊا عملدارن تيداخل ڪيو وڃي: مطالبو*
  • *چوھڙجمالي:درگاهه شاهه يقيق وٽان پيرسن عورت جو لاش ھٿ *چوهڙ جمالي: پيرسن عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو *چوھڙجمالي: فوتي عورت پنهنجي ذهني معذور نياڻيءَ جي علاج لاءِ ترسيل هئي: شهري*
  • *ڪراچي: اين آءِ سي ايڇ ۾ ھڪ ڊاڪٽر کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق: اسپتال انتظاميه *نيفورو وارڊ ۾ داخل ٽن ٻارن کي پڻ ڪورونا جو خدشو، کين ڪورونا لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو*ڪراچي: ٽنهي ٻارن جي انڊس اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي وئي، هڪ ليڊي ڊاڪٽر کي به ڪورونا جو خدشو *نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ ھيلٿ ۾ به ٽي ڏينهن اڳ ٻن ملازمن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي*
  • *ڏهرڪي ويجهو ڳلو ڪپي قتل ڪيل سيد عنايت شاهه جو ڪيس هڪ نامعلوم جوابدار تي داخل *پوليس مقتول جي ڀاءُ منظور شاهه جي فرياد تي نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد ۽ سجاول ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون *حيدرآباد جي ماڻڪ ڀٽي ڳوٺ ۾ 5 ڏينهن کان بجلي بند، ٻوسٽ سبب پيرسن عورت دم ڏئي ڇڏيو، رهواسي سراپا احتجاج *سجاول جي مختلف علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري پريشان، اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي گهر*
  • *مدئجي ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳاهيجا ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرلٽ جي وڌندڙ وارداتن خلاف احتجاجي ريلي *پوليس جي نااهلي سبب چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا وڌي ويا، رهواسي غير محفوظ آهن: مظاهرين*
  • *هالا ڀرسان ڇلگري وٽ ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر، گمبٽ واسي 5 گهر ڀاتي زخمي *پوليس زخمين کي اسپتال منتقل نه ڪيو، خانگي گاڏي ذريعي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *ملير: نئين سبزي منڊي ويجهو گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي شامدار طور ٿي، زخمي اسپتال منتقل*
  • *سنڌڙي: سامارو شاخ کي ڳوٺ علي بخش مري وٽان گھارو *ڳوٺ علي بخش مري ۽ پانڌي مري جي رھواسين جو سامارو موري تي احتجاج *مٿان پرونمل کان برساتي پاڻي سامارو شاخ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي: احتجاج ڪندڙ*
  • *پليجاڻي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *پٽڙي ڪراس ڪندڙ 26ورهين جي غلام نبي ڏيٿو کي ملت ايڪسپريس جو ٽڪر لڳو *
  • *خانپومھر : شاھپورمھر ويجھو بمبلي مائينر مان 6 ورھين جي نينگر جو لاش ھٿ *بمبلي مائينر ۾ لاش لڙھندو ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڏنو *نينگر جي سڃاڻپ ميرپورماٿيلو واسي اياز علي ڌوھو جي نالي سان ٿي *

بحران جو حل چهري جي تبديلي ناهي

ملڪ ۾ عام چونڊن بعد جنهن تيزي سان تبديلي جا نعرا لڳا هئا ، اهي نعرا هاڻي وري وزير اعظم عمران خان کي هٽائڻ جي نعرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. وزير اعظم جي تبديلي جون اهڙيون ڳالهيون مخالف جماعتن جا ماڻهو ته ڪري ئي رهي رهيا آهن پر خود پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪافي اڳواڻ ذاتي ڪچهرين ۾ اهو چئي رهيا آهن ته مائنس ون فارمولي تي عمل لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن، خاص طور خان صاحب جي وڃڻ کان پوءِ پارٽي جي جن اڳواڻن کي امڪاني فائدو پهچندي نظر اچي رهيو آهي ، انهن جا حمايتي به اهڙين ڳالهين تي نه رڳو خوش آهن پر سڏي ماڻهن کي ٻڌائين ٿا ته اسان جو وارو اچڻ وارو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ به ناهي ته پي ٽي آءِ ، جيڪا هڪ پارٽي بدران عمران خان جي چاهيندڙن جي هجوم طور سامهون آئي ، اها هڪ سياسي جماعت ۾ تبديل ٿيڻ کان پهرين ئي اقتدار ۽ اختيارن جي ويڙهه ۾ مختلف گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي ،جتي مرڪز ۾ به چئن وڏن گروپن جون ڳالهيون هلن ٿيون ، اتي سنڌ ۾ به سندن پارٽي چئن وڏن گروپن ۾ ورهائجي چڪي آهي اختلاف ايترا وڌيڪ ويا آهن جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ته ڇا اسيمبلي اندر هڪ ٻئي جي تقرير به ناهن ٻڌندا. هي سڀ اهي گروپ آهن جن جا سربراهه مرڪز ۾ ويٺا آهن ، انهن سڀني گروپن جو سڄو ڌيان عمران خان جي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ بدران هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ تي آهي. انهن ئي اختلافن جي ڪري ڪابينا ۾ هيترا ڀيرا تبديلي اچي چڪي آهي اڌ کان وڌيڪ ڪابينا چونڊيل نمائندن بدران خاص معاونن حوالي ٿي چڪي آهي اندروني اختلاف ۽ گروپ بنديون ته سڀني پارٽين ۾ رهنديون آيون آهن اقتدار جي ڏينهن ۾ اهي زور وٺنديون آهن پر ايئن ڪڏهن ناهي ٿيو ته هڪ ئي پارٽي جا وزير ٽي وي پروگرامن ۾ ويهي هڪ ٻئي جي ڪردارڪشي ڪن ، هڪ ٻئي تي الزام هڻن ، هڪ ٻئي جي ڪارڪردگي تي آڱريون کڻن ، پارٽي قيادت خاموش هجي ۽ انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿئي.
اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته پي ٽي آءِ اندر اختلاف رکندڙ ايترا زور آهن جو سندن وزير اعظم ، جيڪو پارٽي سربراهه به آهي اهو به بيوس آهي. پارٽين ۽ حڪومتن کي ٻاهر کان وڌيڪ گهرو سازشون ۽ اختلاف نقصان پهچائيندا آهن ان ڪري مستقبل جو هر ٻيو ڏينهن پي ٽي آءِ سرڪار لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون کڻي اچي رهيو آهي صرف پي آءِ اي جي پائلٽن بابت وفاقي وزير جي بيان هن ملڪ جي معاشي مستقبل تي اهڙا اثر ڇڏيا آهن جو عمران خان جي حڪومت ۽ هن ملڪ کي ان مان نڪرڻ ۾ وقت لڳندو. ڪورونا جهڙي عالمي وبا ۾ جتي وزير اعظم کي سڄي قوم کي گڏ کڻي هلڻ کپي ها ، ان بحراني دور ۾ وزيراعظم اهڙا فيصلا ڪيا جو عوامي ٻولي ۾ ايئن چئجي ته ماڻهو کلائي چٽ ڪيا ،ان کان سواءِ حڪمران جماعت جي وزيرن ۾ هلندڙ ڏڦيڙ ، اصل اقتدار ڌڻين جي ناراضگي ، وزير اعظم جي “نهين ڇوڙون گا” واري ڳالهه جي پڇ مان هٿ نه ڪڍڻ ، ڪنهن به معاشي پاليسي تي ڪم ڪرڻ ته ٺهيو ، پر ان لاءَ سوچڻ به نه ،اهڙا مسئلا آهن جيڪي سڀ عمران خان جي حق ۾ ناهن ،حق ۾ ته ڇا مورڳو سندن اقتداري مستقبل جي ڄمار کٽائي رهيا آهن ان جو خان صاحب کي احساس ئي ناهي. اهڙي ماحول ۾ عمران خان جي پنهنجي ئي واتان قومي اسيمبلي ۾ ڪيل مائنس ون واري ڳالهه ، بلاول ڀٽو جو اهو ٽوئيٽ ، ته قوم کي عمران خان کانسواءَ ڪوبه وزير اعظم قبول هوندو ، عمران خان صرف پي ٽي آءِ جو وزير اعظم آهي ، واريون ڳالهيون اهو ثابت ٿيون ڪن ، ته پردي جي پٺيان مائنس ون جون ڳالهيون هلي رهيون آهن ، مائينس ون واري هن افواهن واري ماحول ۾ سڀ کان اهم سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ملڪ جنهن بحران جي ور چڙهيو آهي ڇا ان جو ذميوار اڪيلو عمران خان آهي ڇا اڪيلي عمران خان جي وڃڻ سان سڀ مسئلا حل ٿي ويندا؟ گڏوگڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته مائنس ون تحت جيڪڏهن عمران خان وڃي ٿو ته سندس پارٽي اندر اهڙو ڪهڙو ٻيو ماڻهو آهي جيڪو هن ملڪ کي بحران مان ڪڍي ويندو. عمران خان جي موجودگي ۾ پارٽي ايترن گروپن ۾ ورهائجي وئي آهي اها وڌيڪ اندروني اختلافن جي ڪهڙي ڏاڪي تي ٿي پهچي . منهنجي خيال ۾ مائنس ون فارمولو گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ لاءِ ته ڪا سٺي خبر ته نه هوندو ، مورڳو پارٽي جو حال ق ليگ جهڙو ٿي ويندو.
ملڪ کي صرف عمران خان کي هٽائڻ سان بحران مان نه ٿو ڪڍي سگهجي ، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن واقعي سنجيدگي سان ڪوششون ٿي رهيون آهن ته ملڪ جي سموري سياسي قيادت کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪرڻا پوندا . ڇاڪاڻ اها هڪ حقيقت آهي ته پنجاب وڏو صوبو آهي سياسي حوالي سان ان جي پنهنجي اهميت آهي ، پنجاب جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت مسلم ليگ نواز آهي ، جنهن جي سڄي قيادت هن وقت عتاب هيٺ آهي ٻيو وڏو صوبو سنڌ آهي ان جي وڏي پارٽي پ پ پ آهي ڀلي سنڌ ۾ ڪنهن به مجبوري تحت پ پ پ کي حڪومت ڏني وئي آهي پر ان کي به صحيح ڪم ڪرڻ نه پيو ڏنو وڃي ، کوڙ معاملن ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن ، گڏوگڏ بلوچستان ۾ پارلياماني سياست ڪندڙ اخترمينگل ناراض آهي، اي اين پي کي ديوار سان لڳايو ويو آهي ، اهڙي ماحول ۾ اصل اقتدار ڌڻي جيستائين سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اقتداري ايوانن ۾ تبديلي جو ڪوفارمولو نه ٿا ٺاهين ، تيستائين چهري جي تبديلي سان هي ملڪ ڪنهن بحران مان نڪري نه ٿو سگهي. پاليسيون فرد نه پر حڪومتون ٺاهينديون آهن ، وفاقي سرڪار کي ٻه سال ٿي ويا آهن پر اها اڃان تائين نعرن تائين محدود آهي اها ڳالهه مخالف جماعتن جي ڪافي درست ٿي لڳي ته وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کي هاڻي ڪنٽينر جي سياست ڇڏي هيٺ اچڻ گهرجي. وفاقي سرڪار ٻن سالن ۾ هڪ به اهڙو فيصلو ناهي ڪري سگهي ، جيڪو عوامي ڀلي وارو هجي ، جنهن جي ماڻهن ۾ واکاڻ ٿي هجي ، خاص طور هن ڪورونا واري عالمي وبا ۾ وفاقي سرڪار جا فيصلا انتهائي تنقيد جو نشانو بڻيا، ان ڪري موجوده حڪومت مان ڪا بهتري جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي. حڪومت تي تنقيد کي ماضي ۾ ٿيل تنقيدن جي فريم ۾ نه ٿو آڻي سگهجي ،
اسان وٽ پاڪستان ۾ شروع کان روايت رهي آهي ته جيڪا به پارٽي اقتدار ۾ ايندي آهي ان جو سڄو زور پاڻ کي مڪمل عوام دوست ۽ ملڪ جو سڄڻ ثابت ڪرڻ تي هوندو آهي جڏهن ته سندن مخالف جماعتون پهرين ڪجهه ڏينهن ڌانڌلين جا الزام هڻڻ بعد هڪ اهڙي مهم جي شروعات ڪنديون آهن ته هن حڪومت جي دور ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويندو. پاڪستان ۾ صرف بي نظير ڀٽو جي شهادت بعد ڪجهه مهينن لاءِ اهڙو ماحول نه هو ، ڇاڪاڻ ته ميثاق جهموريت تي عمل ڪيو ويو هو ، پ پ پ جي وفاقي سرڪار ۾ مسلم ليگ به شامل هئي ، پاڪستان جون ٻيون جماعتون به بي نظير ڀٽو جي شهادت سبب ماٺ هيون ، پر اهو سلسلو هڪ سال به نه هلي سگهيو ، سياسي پارٽين هڪ ٻئي خلاف اها ئي مهم شروع ڪئي جيڪا ضيائي دور جي خاتمي کان پوءِ شروع ٿي هئي ، پر هن ڀيري مخالف جماعتن جي مهم بدران خود حڪومتي فيصلا ئي سرڪار لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. عمران خان واحد سياستدان آهي جنهن تي تنقيد لاءِ ٻئي ڪنهن دليل بدران سندس ئي چيل ڳالهيون رکيون وڃن ٿيون ، هن ماحول ۾ عمران خان کي ٻئي ڪنهن مان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي ، خود تبديلي جي خواهشمندن کي چهري بدران حقيقي تبديلي لاءِ سوچڻ گهرجي ، چهري جي تبديلي سان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *