تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

بجلي چوري تي حيسڪو وارا ئي مجبور ڪن ٿا

بجلي زندگي جو ضروري حصو بڻجي وئي آهي جنهن ڪري ان جو ناجائز فائدو وٺندي حيسڪو انتظاميا عوام کي گرمي جي عذاب ۾ وجھي رهي آهي ۽ ماڻهن جي مجبوري جو فائدو وٺي کانئن غير قانوني اوڳاڙي ڪئي ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو غريب سندن ناجائز فرمائش پوري نه ٿو ڪري ته بجلي کان محروم ڪيو ٿو وڃي. ڪو سرندي وارو بجلي ٻارڻ لاءِ حسيڪو جون قانوني گھرجون پوريون ڪري ميٽر لڳائي ٿو ته اهو لائين مينن ، لائين سپريٽنڊنٽن ۽ ايس ڊي او سميت حيسڪو جي سمورن عملدارن لاءِ ڄڻ اکين جو ڪنڊو ٿي پوي ٿو، ان کي هڪ يا ٻه مهينا بل ميٽر جي وولٽيج مطابق موڪلي پوءِ ريڊنگ وارن جي مدد سان غيرقانوني يونٽ لڳائي ڊٽيڪشن لڳايا وڃن ٿا ۽ کيس مجبور ڪيو ٿو وڃي ته ميٽر بدران چوري جي بجلي استعمال ڪري ۽ عملي کي ماهوار خرچي ڏئي. پر چوري جو ڏوهه وري عوام تي ڏنو ويندو آهي ۽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. سخت گرمي هوندي به سنڌ جي هر شهر ڳوٺ ۾ 8 کان 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي پر ان جي حيسڪو ، سيپڪو ۽ واپڊا عملدارن کي ڪير به چوڻ وارو ناهي هوندو.حيسڪو عملو وري قانون تي هلڻ بدران پنهنجا ئي قانون ٺاهي ڇڏيا آهن . جيڪڏهن ڪو بجلي جو صارفين بل ادا نه ڪري ته ان جي بجلي جو ڪنيڪشن ڪاٽڻ گهرجي پر هتي وري ان جو ڪنڪيشن ڪٽيو وڃي ٿو.۽ ميٽر به غيرقانوني طور کڻي ويندا آهن. جيڪڏهن بنا ميٽر جي ڪنيڪشن لڳل آهي ته اهو ڪنيڪشن ڪٽي حد جي ٿاڻي تي بجلي چوري ڪرڻ جي رپورٽ ڏني وڃي ، پر اسان وٽ بجلي ڪنيڪشن ته ڪٽيو ٿو وڃي پر لڳل تار کنئي ٿي وڃي، جيڪا مال خاني ۾ جمع ٿيڻ بدران ڪاٻاڙي جي دڪانن تي وڪرو ٿيندي آهي. تعلقي مانجھند ۾ ٻه حيسڪو جا ساڳيا افعال آهن.
مانجھند تعلقي ۾ 530 ننڍا وڏا ڳوٺ آهن. هن تعلقي ۾ ٻه گرڊ اسٽيشنون لڳن ٿيون هڪ خاڻوٺ ٻئي شالماڻي گرڊ اسٽيشن، اتي حيسڪو عملدارن جي زيادتين جا قصا ڀريا پيا آهن، آفيسر شاهي ته پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهي آهي پر هتي جا لائين مين، ميٽر ريڊر به عوام لاءِ عذاب بڻيل آهن ،انهن غريبن جي لاءِ جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. آفيسر ته بس پنهنجي حصي سان مطلب رکن ٿا لائين مينن کي پورو تعلقو ڏئي ڇڏيو اٿن، اهي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻيل آهن،لائين مين پاڻ ته ڪڏهن به ڪنهن بجلي جي پول تي چڙهي ڪو ڪم ناهي ڪيو پر انهن جا رکيل خانگي ملازم عوام جي لاءِ زحمت بڻيل آهن جيڪي غيرقانوني ڪنيڪشنن جا بادشاھه آهن جيڪي ماهوار اوڳاڙي ڪندا آهن پئسا نه ڏيندڙ جا ڪنيڪشن ڪاٽا به اهي ڪندا آهن ته لڳائيندا به اهي ئي آهن انهن جو عوام جي سورن تڪليفن سان ڪجهه نه وڃي. اهي صرف پئسن سان مطلب رکن ٿا. مانجھند تعلقي جي شالماڻي گرڊ اسٽيشن جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان محروم آهن جن مان ڪيترن ئي ڳوٺن جي گذريل 8 مهينا کان بجلي ڪٽيل آهي جنهن ڪري اهي ڳوٺاڻا عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن بجلي نه هجڻ جي ڪري انهن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. جڏهن ته انهن ڳوٺن جو بجلي تي هلندڙ ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي. سنڌ جا اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي ماڻهو جديد دور ۾ پٿرن جي دور واري زندگي گذاري رهيا آهن . دنيا وڃي الائي ڪٿي پهتي آهي پر مانجھند تعلقي جا ڪيترائي ڳوٺ اڃان بجلي به حاصل ڪري ناهن سگهيا،جتي بجلي آهي ته اتي 18 ،18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ٿي وڃي. يا وري اهي حيسڪو عملدارن جي ناجائزين ۽ ڏاڍاين جو شڪار آهن. هن تڪ مان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھه، پيپلزپارٽي جو ايم اين اي سڪندر راهپوٽو ، پيپلزپارٽي جو ايم پي اي ملڪ اسد سڪندر ڪامياب ٿيا پر اليڪشن گذري وڃڻ کان پوءِ هن تعلقي مانجھند جو عوام ڪنهن کي به ياد ناهي. عوام اڄ به انهن جي بنگلن تي پنهنجن مسئلن جي لاءِ دربدر ٿيندو رهي ٿو سندن ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *