تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

بجليءَ جو بحران ۽ سيپڪو مافيا

خيرپور شهر جنهن جا سنڌ جي ٻين شهرن جيان به ساڳيا ئي مسئلا ۽ ساڳيا ئي آزار آهن. انهن منجهان هڪ مکيه مسئلو جيڪو تازو سامهون ٿي اڀريو آهي اهو آهي بجليءَ جو بحران. بجليءَ جو بحران جيتوڻيڪ هونئن ته سموري ملڪ جو هڪ ڳنڀير ۽ حل نه ٿيندڙ مسئلو آهي پر جيئن ته بجليءَ جي فراهميءَ جو ادارو وفاقي سرڪار جي ماتحتيءَ ۾ آهي ۽ وفاقي سرڪار ۾ سنڌ مخالف ڌر ۾ هجڻ ڪري سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ خاص ڪري سيپڪو خيرپور ۾ غير جانبداراڻو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ جانبداراڻو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سميت هٿرادو فالٽ ڄاڻائي خيرپور جي لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ روزانو 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته ٽيڪنيڪل فالٽ پيدا ڪري مختلف يونين ڪائونسلن لقمان، شاهه لطيف، ڀرڳڙي، جيلاني ۽ بخاري سميت سوين محلا سيپڪو گرديءَ جي ور چاڙهيا ويا آهن جنهن سان خيرپور جو عوام آزار جهڙي حياتي گهارڻ تي مجبور بڻيل آهي.
ان حوالي سان خيرپور جي سيپڪو انتظاميا جو چوڻ آهي ته بجلي چوري ٿئي پئي ۽ رڪوري تمام گھٽ آهي. انهن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته جن فيڊرن تي رڪوري ٿئي ٿي انهن علائقن جا فيڊر لوڊشيڊنگ کان آجا آهن. سيپڪو انتظاميا جي اهڙي موقف بعد خيرپور سٽيءَ جو فيڊر جنهن کي ايڪسپريس فيڊر جو نالو ڏنو ويو آهي جتان بجلي بلن جي ادائگي پڻ سئو سيڪڙو آهي اهو پڻ شديد گرميءَ ۾ هٿرادو فالٽ ڄاڻائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وڃي ٿي ۽ ايڪسپريس فيڊر تي پڻ سيپڪو انتظاميا جا هيٺيان ملازم بجلي چوري ڪرائڻ ۾ سهولتڪار بڻيل آهن جڏهن ته خيرپور سٽي ون فيڊر، سٽي ٽو فيڊر، شاهلڌاڻي فيڊر، ريڊيو پاڪستان فيڊر ۽ يونيورسٽي فيڊر تي ٻارنهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ روز جو معمول بڻيل آهي. خيرپور سٽيءَ ۾ سيپڪو جون ٻه سب ڊويزنون آهن هڪ سٽي خيرپور ۽ ٻي لقمان سب ڊويزن جتي سيپڪو پاران ٻه ايس ڊي او ۽ سون جي تعداد ۾ لائين مين ۽ لائين سپرنٽنڊنٽ جو عملو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سيپڪو کان ڪروڙين رپيا ماهوار پگهار کڻي پيو پر ان باوجود به عملي جي سستي ۽ لاپرواهيءَ سبب خيرپور ۾ بجليءَ جو نظام درست ناهي ٿي سگهيو. ذريعن مان اها ڄاڻ به ملي آهي ته خيرپور سب ڊويزن ۽ لقمان سب ڊويزن جا ڪيترائي لائين مين بجلي جي پولن تي چڙهي به نٿا سگهن جن پنهنجي جاءِ تي پرائيويٽ ماڻهو رکي ڇڏيا آهن. اهڙا پرائيوٽ رکيل ماڻهو بجلي چوري ڪرائڻ ۾ بروڪر جو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪي اي سي جي ڪنڍيءَ لڳائڻ لاءِ پيسا وٺي پنهنجو حصو به رکن ٿا ته لائين مين تائين به پهچائين ٿا ۽ لائين مين تي الزام به نه ايندو ته ڪو انهي پئسا ورتا.
قصو مختصر ته پيسا بروڪر پرائيوٽ ماڻهو ورتا. اهڙا ڊرامائي فيصلا سيپڪو يونين ڏهاڙي ڪندي آهي ڇاڪاڻ ته سيپڪو جا ملازم ڊائريڪٽ پيسا ناهن وٺندا پر پرائيويٽ ماڻهن هٿان وصول ڪرائيندا آهن. بجلي چوريءَ جي اهڙين چالاڪين جا داستان کل جوڳا هجڻ سان گڏ ڳڻتيءَ جوڳا پڻ آهن. سيپڪو مافيا جا رکيل پرائيويٽ ماڻهو ٿنڀن تي چڙهڻ سميت ٽرانسفارمر سڙڻ جي صورت ۾ سموري محلي جي رهواسين کان چندو ڪرڻ جهڙو ڌنڌو ڌاڙي ڪرڻ ۾ پڻ سهڪاري ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ انهيءَ چندي مان به کانچا ڪيا وڃن ٿا. ٽرانسفارمر تي خرچ 10 هزار ته چندو 40 کان 50 هزار گڏ ڪري عوام کي چونو هنيو وڃي ٿو، جڏهن ته پرائيويٽ رکيل ماڻهو وري ڳجها ڪنيڪشن به لڳائن ٿا جن جي سيپڪو مافيا کي به ٻاٻور نه ٿي پوي ۽ چورن مٿان مور واري چوڻيءَ کي پاڻي ڏين ٿا. سيپڪو مافيا جي اهڙي ڪاروبار ۾ ٽرانسفارمرن ۾ بجليءَ جو لوڊ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿي رهي ۽ ٽرانسفارمر سڙي وڃن ٿا. ٽي هفتا اڳ يوسي لقمان جا هڪ ئي رات ۾ 11 ٽرانسفارمر اوور لوڊ هجڻ سبب سڙي ويا جنهن سبب لقمان شهر 23 ڏينهن کان اونداهين جي ور چڙهيل آهي جڏهن ته عوام شديد لڱ ساڙيندڙ گرميءَ جي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي. بجليءَ جي مسلسل شٽ ڊائون تي لقمان جي رهواسين جو اهو به چوڻ آهي ته سيپڪو خلاف احتجاج ڪرڻ باوجود به سيپڪو ايگزيڪيوٽو انجنيئر خيرپور بجلي بحال ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي ويتر ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. لقمان جي رهواسين ۽ سيپڪو انجنيئر جي اهڙي احتجاجي تڪرار سبب لقمان جي بجلي بحال ناهي ٿي سگهي ۽ بجلي چورن پاران پيدا ڪيل بجلي بحران جو عذاب بل ڀريندڙ صارفين ڀوڳي رهيا آهن. خيرپور ۾ پيدا ٿيل بجلي بحران تي خيرپور جي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز مسلسل خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي جڏهن ته سماجي تنظيمن ۽ انجمن تاجران پڻ خيرپور جي بجلي بحران تي اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *