تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

بالي ووڊ جا ڀٽا ۽ ٽنڊي قيصر ۾ دفن انقلابي پوڙهو!

مون ڪالهه پئي چيو هندوستان جي فلم انڊسٽري ۽ سندن مداحن لاءِ ڪپورن جو موت (ڪپور خاندان جا ايڪٽر) ايئن ھوندو آهي جيئن پاڪستان ۾ لياري سميت ڀٽن جو مري وڃڻ. ڪپور بالي ووڊ جا ڀٽا آهن. ڪالهه هندوستاني فلمي دنيا جو وحيد مراد يا چاڪليٽي هيرو رشي ڪپور هڪ طوفاني ۽ ڀرپور زندگي جنهن کي سندس لفظن ۾ “کلم کلا” زندگي گذاري ويو. ان کان هڪڙو ڏينهن اڳ بالي ووڊ ۾ بلڪل پنهنجي ايڪٽنگ واري زندگي جي اوج کي اڃان ماڻڻ شروع ڪندڙ ئي مس هڪ ٻيو ستارو عرفان خان به هي جهان رنگ و بو ڇڏي ويو. بلڪل ايئن جيئن عرفان خان جي پنهنجي لفظن ۾ “ماڻهو ريل تي سوار هجي کيس گهڻو اڳتي وڃڻو هجي پر کيس ٽي ٽي يا ٽڪيٽ چيڪر اچي چوي بابو تنهجي اسٽيشن اچي ويئي!” ڪيئن اچي ويئي، مونکي ته اڃان اڳتي وڃڻو هو، اها ڳالهه ته ڪنهن سائيڪل چور کي هڪل واري ٿي ني…“وي مروان منزل ٻهون دور هي.” پر ڇا ڪجي، زندگي…
“موت اچي ٿو ميخاني ۾
هر ڪنهن کي هو تاڙي ٿو،
ڪوئي ڪنڌ نه لاڙي ٿو.” (اياز(
سو، عرفان خان چواڻي زندگي ڄڻ ته ليمون هٿ ۾ ڏئي چوي ٿي ته هاڻ مونکي نپوڙي رس ڪڍ. ليمونيڊ ٺاهه. وري رس نڪرڻ وڏي ڏکي ڳالهه آهي.
هندوستان جي فلمي دنيا جي آسمان تان ٻه ستارا ٻن ڏينهن ۾ الوپ ٿي ويا.ستارا مرندا ناهن. هن ڪيس ۾ هن چواڻي “نيلا آسمان سو گيا.” ڪپور فيملي جا اداڪار بالي ووڊ تي نوي سالن کان راڄ ڪري رهيا آهن. ڪپور هندوستان ۾ گانڌين، پاڪستان ۾ ڀٽن ۽ آمريڪا ۾ ڪئنيڊين وانگر آهن. پر ورهاڱي کان گهڻو گھڻو اڳ گڏيل هندوستان تي انگريزن جي بيٺڪي راڄ دوران پشاور جي قصه خواني بازار جي ڪپور خاندان جي هڪڙي غريب پوليس واري کي ڪهڙي خبر ته سندس خاندان ۽ نالو سموري هندوستان تي ستارن جي کير ڌارا بڻجي ويندو.اهو ڪپور پوليس وارو، جيڪو رشي ڪپور جي پنهنجي آتم ڪٿا موجب قصه خواني جي بازار ۾ سندس پوليس واري پڙ ڏاڏي جي گهوڙي سواري سندس انگريز خر مغز بالادست کي نه وڻي، هن پٺاڻ جوشيلي جوان کي سندس گوري باس سان منهن ماري ڪري نوڪري وڃائڻي پئي. پر اهو رشي ڪپور جو ڏاڏو پرٿوي راج ڪپور هو، جنهن بمبئي وڃي سندس آخري نالي يعني ڪپور خاندان کي فلم ۽ ٿئيٽر جي آسمان تي رسايو. هڪ ٻه نه، پنجن ستارن سان… راج ڪپور، شمي ڪپور، ششي ڪپور، رشي ڪپور ۽ هاڻ رنڌير ڪپور، رنوير ڪپور. ڇهه پيڙهيون، پورا ڏهه سال گهٽ هڪڙي صدي. جن کي هاڻ مان بالي ووڊ جا ڀٽا چوان ٿو.
اوهان به سوچيندا هوندا ته ڀلا بالي ووڊ جي هنن ڀٽن يعني ڪپور ائڪٽرن ۽ ٽنڊي قيصر ۾ دفن پوڙهي انقلابي جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق؟ قصه خواني کان جيڪو مست قصو شروع ٿيو سو بمبئي مان ڦرندو ٽنڊي قيصر ڪيئن پهتو. مان سوچيان ٿو باليووڊ هجي يا لالي ووڊ، ڏکڻ ايشيا ننڍي کنڊ جي فلمي دنيائن تي هلندي ڦرندي تاريخ يا انسائيڪلو پيڊيا (اها وڪيپيڊيا کان گهڻو اڳ کان آهي) آهي ته اهو منهنجو پيارو فدا حسين شاهه آهي، جنهن کي مان مذاق ۾ چوندو آهيان “مٽياري ڪي جنگل ۾ مور ناچا، تو ڪس ني ديکا.”
پر هتي به هڪڙي ٻئي مور ۽ ان جي ناچ جي ڳالهه آهي ۽ اهو اسان جو اهو پوڙهو انقلابي آهي جيڪو هاڻ ٽنڊي قيصر جي مٽي ۾ مدفون آ. ايئن جيئن هتي انبن جا وڻ پاڙون کتل آهن.ڌرتي ۾ کتل ڏيهان ڏيهه خوشبو ڏيندڙ. اتان جا ماڻهو به اهڙا. پر هي پوڙهو انقلابي اتان جي مٽي جو ڄائو نه هو. پر هن سنڌ جي مٽيءَ کي پنهنجو ڪيو.
تنهنجي مٽي منجهه ملان جي آئون امرتا پايان.
اهو پوڙهو انقلابي ڪامريڊ عزيز سلام بخاري هو. اتر هندوستان جو سيدزادو. ڳاڙهو ڳٽول جهڙو قصه خواني جو لالو. حسن درس به هن جو ننڍڙو پوئلڳ.
عزيز سلام بخاري ڊان اخبار ۾ پيلي صفحن (جن پنن تي اسين ماني رکي کائيندا هئاسين) جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ ملڪ جي مشهور صحافي اسان جي پياري جاويد بخاري جو والد هو. هن جو تعلق هندوستان جي ترقي پسند تحريڪ يا کاٻي ڌر سان هو ۽ هو ورهاڱي وقت هندوستان کان پاڪستان لڏي سنڌ آيو هو. سي پي ۽ يوپي کان آيل سندس “پارٽي” جو حڪم هو ته هو سنڌ ۾ ڪم ڪري. ڪل وقتي ڪارڪن ۽ ذميوار. پر عزيز سلام بخاري سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ نوجوانن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن جو ان ڳالهه تي ويساهه هو، ايستائين اوهين انقلابي ۽ ترقي پسند نه ٿا ٿي سگهو جيستائين توهان سنڌ جي ڌرتي ۽ ان جي ٻوليءَ کي پنهنجو نه ٿا ڪيو. انهي ڳالهه تان سندس روسي چيني “پارٽي” عزيز سلام کي ڌڪي ڌار ڪيو پر عزيز سلام ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جي مارن سان اهو سڱ ڇنڻ لاءِ ڪونه ڪيو هو. هو تمام عمر سنڌ جي هارين، شاگردن، استادن، اديبن ، دانشورن، کاٻي ڌر جي ڪارڪنن، پورهيتن، پورهيتن جي يونين جي ڪارڪنن ۾ ڪم ڪندو رهيو، يا عمر “زير زمين”رهيو. انقلابي ڪتاب ۽ چوپڙيون ٿيلھي ۾ ڀري جنهن تي ڪنهن ميڊيڪل ريپ (ريپريزنٽيٽو) جو گمان ٿيندو. ڪڏهن سکر، ڪڏهن لاڙڪاڻي، حيدرآباد، لياري ڪراچي، ڪوٽڙي ته اڪثر ٽنڊو قيصر.
منهنجو دوست مومن خان به هن جو ساٿي، ته پيارو مقبول نظاماڻي به، ته محب نظاماڻي به ته صحافي قادر نظاماڻي (مرحوم پي پي آءِ ۾ هو، ڇا ته ماڻهو هو)، اڪبر لغاري به ته، سائين قادر بخش طالباڻي،ٽريڊ يونينسٽ رضا شاهه به . ٻيو ته ٺهيو ڪالهه منهنجي دوست مسعود حيدر به پئي ٻڌايو ته هو به سندس ڪامريڊ هو. هن پئي چيو ته هر مهيني پارٽي فنڊ جيڪو هو طفيل عباس کي ڏيندو هو، ڪاش هو اهو عزيز سلام بخاري کي ڏي ها. هن جا سنڌ ۾ ڪيئي سياسي ڪارڪن ۽ پڙهيل ڳڙھيل ترقي پسند نوجوان نظرياتي اولاد ها. بڙا هي درد ڪا رشته يه دل غريب سھي…
حسن درس مونکي ٻڌايو هو ته هو “پوڙهي” جون گهڻيون ڳالهيون ته سمجهي نه سگهندو هو. پر تمام ننڍڙي عمر ۾ هو انهي پوڙهي جي شخصيت کان متاثر هو ۽ هو هن جي اڇي ڪپڙي واري ٽوپي ۽ عينڪ پائي حيدرآباد جي ڪچي آبادي اسلاميه ڪالوني وارين گهٽين ۾ وڃي گهمندو هو. هو ڪو خشڪ نظرياتي انقلابي ڪونه هو. هو ٿئيٽر آرٽ، شعر و شاعري ۾ به وڏي دلچسپي رکندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪٿڪ ۽ ڀارت ناٽيم ۽ ٻين رقص جي قسمن ۽ انگن تي به ڳالهائي سگهندو هو. اهي جيڪي هن بمبئي ۾ پرٿوي راج ٿئيٽر ۾ ڪم دوران کانئس سکيا هئا. عزيز سلام بخاري جي ورهاڱي ۾ نقل وطني ڪري پاڪستان نه اچي ها ۽ سنڌ کي هو پنهنجو راج ڪپور جي فلم ۾ گاني وانگر “جينا يهان مرنا يهان” نه بڻائي ها ته هو هندوستان جو مشهور ائڪٽر هجي ها، رقاص هجي ها.
رشي ڪپور جي موت تي اهو فلم وانگر منهنجي ذهن تي هلي ويو. ڪيڏين وڏين وڏين فلمن ۾ ڪم ڪرڻ واري عرفان خان جي پنهنجي زندگي جي فلم ڪيتري نه شارٽ فلم ٿي پئي. ڪالهه فيس بوڪ تي ڪنهن دوست مونکي چيو ته عرفان خان جو وڇوڙو حسن درس جي جدائي جهڙو آ. مان چيو اوهان اسان مان ڪيترن کي اڃان به سميتا پاٽيل نه ٿي وسري. حسن درس ۽ ان جي هن سٽ وانگر؛
“اسان جي ڳالهه جي ڳل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.”

Bookmark the permalink.

One Response to بالي ووڊ جا ڀٽا ۽ ٽنڊي قيصر ۾ دفن انقلابي پوڙهو!

  1. ghulamalikhosani says:

    کمال ھے , بس جمال ھے
    ,حسن تحریر بےمثال ھے,
    دوسرا نہ کوئی دھمال ھے.
    مجتبی’ مصور مھربان ھے, .غ.ع

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *