تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اچو ته ڪو نئون جھان جوڙيون !!!!

اسان ان سنڌ جا رهواسي آھيون جتي ھن وقت ھر پاسي افراتفري آھي. سنڌ جتي ھر ڏينھن اڀرندڙ ھڪ سج ھڪ نئون سور کڻي اڀري ٿو. ان سورن واري سنڌ ۾ ھرروز اسان ڪنھن نه ڪنھن ڏک تي افسردا ٿي پنھنجا سينا ڪٽي ماتم ڪريون ٿا.
ڪڏھن پيرن جي ڪرامتن پويان لٽجون ٿا ته ڪڏھن ڀوتارن ھٿان پنھنجي ننگن ۽ دنگن جي ڀيل ٿيندي ڏسي به ٻڙڪ ٻاھر ڪڍڻ کان قاصر آھيون ته ڪٿي وري آفيسر شاھي جون شھنشايون اسان جي لاچاري مٿان ڏند ڪڍي اسان کي روز نوان وڍ ڏين ٿيون.
ڪٿي ڪي سون جھڙيون چمڪندڙ جوانيون ڪارنھن جي الزام ھيٺ ڪسجي ھن سماج جي ڪارين رسمن کي آخري ڀونڊو گھروڙي ڪارين جي قبرستان ۾ وڃي سمھن ٿيون  جتي وڃي انھن کير جھڙين اجرين نياڻين جي قبرن تي گل رکڻ  جي به اجازت ناھي ھوندي.
ھن وقت سنڌ جي نوجوان نسل مٿان ھڪ وڏي ذميواري پئي اچي ته اھي پنھنجي ابن ڏاڏان جيان ڀوتارن جي بنگلن تي پاڻي ڀرڻ بدران انھن دوکي جي ديوارن کي ھڪ لت ھڻي ڀوتارن جي قائم ٿيل دٻدٻي ۽ وحشت خلاف اٿي کڙا ٿين. ھاڻ وقت اچي ويو آھي ته ھر پنجن سالن کان پوءِ نسل در نسل ڪوڙ ھڻي ووٽ وٺندڙن کان سوال پڇن.
اسان صديون رنا آھيون اسان صرف سور پٽيا آھن پر روئڻ ۽ پٽڻ سان ھي بدبودار سسٽم ختم ناھي ٿيڻو ھن سسٽم سان ويڙھه لاءِ اسان کي اٿڻو پوندو. اگر اوھان چاھيو ٿا ته ھڪ اھڙي سماج مان چوٽڪارو ملي جتي انسان کي صرف چاڪي جي ڏاند جيان وھايو ٿو وڃي ته اوھان کي اھڙي سماج عنصرن سان وڙھڻ لاءِ علم سان هٿياربند ٿيڻو پوندو .
جديد تعليم ئي وسيلي ئي اسان ھڪ نئون سماج جوڙي سگھون ٿا، اسان جي نوجوان کي ڊگريون ھٿ ۾ کڻي عمر ڳارڻ کان بھتر آھي ته ڪو ٽيڪنيڪل مڪينڪل سافث ويئر جو ھنر سکڻ گهرجي.
اسان جيڪي ڪجھه انفرادي طور ڪريون ٿا ھن سماج کي بدلائڻ لاءِ ڪا تبديلي آڻڻ لاءِ اھو ڪم اگر اسان اجتماعي طور ڪنداسين ته يقينن اسان ڪامياب ٿينداسين .
اسان جا کوڙ اھڙا ماڻھو آھن جن جي اندر ۾ تبديلي جي تڙپ آھي پر انھن سڀني کي گڏجڻ جي ضرورت آھي انھن سڀني کي ڪنھن اڳواڻ جي ضرورت آھي.
يقينن اسان اوھان ھڪ اھڙو سماج جوڙي سگھون ٿا جتي ڪا به  ماروي ماندي نه ھجي جتي ڪنھن ڳڀرو جو لاوارث لاش نه ملي جتي ڪا سون جھڙي جواني پنھنجي ديس جي ڳالھه ڪرڻ جي پاداش ۾ سلاخن پويان نه سڙي جتي پيرن جي حويلين ۾ جوانيون جھور نه ٿين ،جتي ڪو وڏيرو جرڳي ۾ معصوم نياڻين جا سڱ چٽي ۾ نه ڏئي. ھا اھڙو سماج جتي ڪو ڏاڍو گابو نه ھجي جتي جو قانون صرف ھيڻي تي حرڪت ۾ نه اچي ھڪ اھڙو سماج اوھان ۽ اسان جوڙي سگھون ٿا شرط آھي ته اگر “پنھنجو ڇا وڃي ”واري روش ختم ڪريون.
اسان جيڪي  سنڌ کي پنھنجي امڙ سمجھون ٿا اھي اچو ته سنڌ ۾ ھڪ نئون سماج جوڙيون جنھن ۾ سڀ سڪون محسوس ڪيون جنھن ۾ ڪنھن کي ڪنھن جي غلامي جو احساس نه ھجي جنھن ۾ ڪو ٿاڻو يا گھاڻو نه ھجي. اھڙو سماج جڏھن ٺھي پوندو تڏھن يقينن سنڌ جنت جھڙي ٿي پوندي پر ان کان اڳ سنڌ جي سموري ساڃاھ کي گڏجڻو پوندو !!!!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *