تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

اڄ کان شروع ٿيندڙ برسات ۽ حيدرآباد انتظاميا

موسميات کاتي پاران سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيز برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ برساتي نالن جي صفائي انتظاميا لاءِ چئلينج بڻجي وئي آهي. ان کان اڳ جڏهن موسميات کاتي سنڌ ۾ سانوڻي جي برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي ته انتظاميا 15 ڏينهن اڳ برساتي نالن جو نالي ماتر ڪم ڪرائي ڄڻ ته پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو هو پر انتظاميا جي لاپرواهي سبب حيدرآباد شهر توڙي وچ وارو مک نالو اڃا تائين صاف نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري هيلوڪي برسات ۾ شهر ۾ جيڪڏهن 15 کان 20 ملي ميٽر برسات پئي ته نالي ڀرسان آباد سمورا هيٺانهين وارا علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويندا.
جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ مجموعي طور برسات توڙي سيوريج جو پاڻي چئن حصن ۾ نيڪال ڪرايو وڃي ٿو جنهن ۾ حيدرآباد سٽي مان سيوريج جو پاڻي لياقت ڪالوني مان نڪرندڙ مک برساتي نالي ذريعي پڃاري واهه ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. لياقت ڪالوني مان برساتي نالو ميمڻ اسپتال روڊ کان ٿيندو گرونگر چوڪ ۽ جنهن کانپوءِ ريلوي اسٽيشن کان آمريڪن ڪوارٽر واري علائقي ڏانهن داخل ٿئي ٿو. ڄاڻايل نالي جي گذريل ڪيترن ئي سالن کان صفائي نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري برساتي نالو گندگي ۽ غلاظت سان ايترو ته ڀرجي ويو آهي جو هاڻي ان ۾ سيوريج جو پاڻي به ڇوڙ نٿو ٿئي. علائقي مان نيڪال ٿيندڙ سيوريج جو پاڻي برساتي نالي ۾ داخل نه ٿيڻ سبب هن وقت لياقت ڪالوني، پريٽ آباد، ڦليلي، ٽيون نمبر تلاءُ، حالي روڊ، آمريڪن ڪوارٽر سميت نالي جي ڀروارا علائقا سيوريج جي پاڻي سان ٻڏل آهن مٿان وري اڄ کان موسميات کاتي پاران تيز برساتن جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت قاسم آباد مان برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ واڌو واهه کي استعمال ڪيو وڃي ٿو. واڌو واهه جو ڇوڙ شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندو لطيف آباد مان ايندڙ برساتي نالي ۾ داخل ٿئي ٿو جتان ان نالي جو پاڻي پڃاري واهه ۾ ڇوڙ ٿيندو رهي ٿو.
ٽي ايم اي قاسم آباد ته واڌو واهه جي ٿوري گهڻي صفائي ڪرائي ڇڏي آهي پر ايڇ ايم سي پاران لطيف آباد ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قائم ٿيل نالي جي صفائي اڻپوري ڪرائي وئي آهي. نالو رڳو لطيف آباد 12 نمبر واري علائقي مان صاف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته باقي 11 نمبر توڙي 8 نمبر وارن علائقن ۾ نالو هن وقت به گندگي سان ڀريل آهي. موسميات کاتي پاران تيز برساتن جي اڳڪٿي کانپوءِ سنڌ ۾ رين ايمرجنسي جو الرٽ پڻ جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اڱاري واري ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به برساتي نالن جي صفائي سميت اپائن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميرپورخاص کانپوءِ حيدرآباد پهتو جتي حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندن توڙي عملدارن کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نالن جي صفائي جو ڪم ذري گهٽ انهن مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر جو ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ وڏي وزير کي اهو به ٻڌايو ته هن ڊويزن لاءِ جاري ٿيل 70 ملين فنڊ مان هن وقت تائين 20 ملين حيدرآباد لاءِ رکيا آهن جنهن مان 15 ملين هن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ 5 ملين ميئر طيب حسين حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ڪمشنر جي وڏي وزير کي بريفنگ پنهنجي جاءِ تي پر وڏي وزير سميت ڪمشنر کان حيدرآباد جي ايم پي ايز ڄام خان شورو، عبدالجبار خان توڙي شرجيل انعام ميمڻ اها ڳالهه پڇڻ جي زحمت نه ڪئي ته ايڏي وڏي رقم جاري ٿيڻ باوجود برساتي نالن جي صفائي اڃا تائين ڇو نه مڪمل ڪرائي وئي آهي. ضلعي انتظاميا ڪجهه ڏينهن اڳ برساتي نالن جي صفائي کان لاچاري ظاهر ڪندي اهو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪيو جنهن شروع ۾ ته سروي به ڪئي پر بعد ۾ نالن جي صفائي کان لاچاري ظاهر ڪندي جواب ڏئي ڇڏيو. ان کانپوءِ ٻيهر ڊپٽي ڪمشنر برساتي نالن جي صفائي وارو ڪم پنهنجي نگراني هيٺ واسا کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان ڳالهه کي به لڳ ڀڳ هفتو ٿي ويو آهي پر اڃا تائين برساتي نالا گندگي سان ڀريل آهن. گذريل سال به انتظامي لاپرواهي سبب برساتي نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي جنهن ڪري قاسم آباد توڙي سٽي وارا علائقا ڪيترائي ڏينهن برساتي پاڻي ۾ ٻڏل رهيا. ايتري قدر جو برسات جو پاڻي رستن، چوڪن ۽ گهٽين کانپوءِ گهرن ۾ به داخل ٿي ويو هو. هيل به جيڪڏهن برساتي نالن جي صفائي نه ڪرائي وئي ته اهي خدشا وڌي ويا آهن ته برساتي نالن ڀرسان شهر جي اڌو اڌ آبادي جيڪا هيٺانهين وارن علائقن ۾ رهائش پذير آهي اها برسات سبب سخت متاثر ٿيندي.
جيتوڻيڪ اڱاري واري ڏينهن وڏي وزير جي حيدرآباد دوري جي شيڊول ۾ سٽي تعلقي جي مک تلسي داس واري پمپنگ اسٽيشن، قاسم آباد جا لنڊن ٽائون، سحرش نگر وارا علائقا ۽ لطيف آباد يونٽ نمبر 12 جو برساتي نالو وزٽ ۾ شامل هئا پر عملدارن پنهنجي غفلت ۽ لاپرواهي لڪائڻ لاءِ وڏي وزير کي انهن علائقن جا دورا ئي نه ڪرايا جنهن ڪري وڏو وزير به عملدارن جي کوکلي بريفنگ ٻڌي اجلاس بعد پبلڪ اسڪول کان واپس ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويو. برساتي نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب ڳتيل آبادي ۾ رهندڙ شهري سخت پريشان آهن. سندن ساهه مٺ ۾ آهي پر انتظاميا کين شهرين جي ڄڻ ته ڪا به پرواهه ئي نه آهي جنهن ڪري انهن اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ئي نه ڪيو آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ انتظاميا لاءِ برساتي نالن جي صفائي هاڻي ڄڻ ته وڏي چئلينج سان گڏ مٿي جو سور بڻجي وئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *