تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اٿي رائو ريل

پري ڇو وڃون رڳو چار ڏهاڪا اڳ عام ماڻهن وٽ سٺي زندگي لاءِ محدود موقعا هوندا هئا. لکن جي تعداد ۾ اهڙا ماڻهو هئا جن ڳوٺ کان ٻاهر زندگيءَ ۾ ورلي ڪو سفر ڪيو هوندو، ماڻهو آسمان ڏانهن اڏامندڙ جهاز کي حيرت مان ڏسي “هو هو هو” جون هوڪرون ڪندا هئا ڪيترائي سادا ماڻهو آسمان ۾ اڏامندڙ هيليڪاپٽر ڏانهن ڪلهي تان پوتڙو لاهي ھوا ۾ لهرائي سلام دعا به ڪري وٺندا هئا. متان نه هيليڪاپٽر وارو مڃي، ته زمين تي به ڪي مڙس آهن جيڪي سلام ڪن پيا سڀاڻي ڪو آسمان مان ھڪل ڪري ميار نه ڏيئي ته ميان سلام دعا کان به وئين.
مونکي ياد آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ همراهه ريڊيو وٺي آيو انهن ڏينهن ۾ رينا ڪمپني جا ريڊيا مشهور هئا ريڊيو ڇا هو جهڙي لوهه جي وڏي ٽڻڪ، همراهه اچي وچ کٽ تي ريڊيو رکيو، چوڌاري ماين ۽ ٻارن جا هجوم. انهن ڏينھن ۾ اڃان ريڊيو جي فريڪوئنسي ايڏي تيز نه هئي ان ڪري ريڊيو ۾ ڪلام ڳائيندڙ استاد محمد جمن جو آواز ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ ٿي رهيو هو،
“بوند برهه جي بهار وسي، درد مندي جو ديس وسي پيو”
ڇا ته آواز هو استاد محمد جمن جو پر ريڊيو جو آواز پيو گهٽجي ۽ وڌي، سو ريڊيو جي مالڪ ھڪل ڪري گهر ۾ گڏ ٿيل پاڙي جي مائين ۽ ٻارن کي چيو ابا پري ٿيو ڳائڻي کي گرمي لڳي آهي سو ونجڻو کڻي اچي ريڊيو کي هوا هڻڻ شروع ڪيائين. ڳوٺ ۾ هڪ ئي ڊسپينسر هوندو هو پاڙي اوڙي جا مريض ان کي ڏاڪٽر صاحب چوندا هئا، ڏاڪٽر صاحب مٿان انهن ڏينهن ۾ ميلا هئا، ڪنهن جي ڏاٺ پيو ڪڍي ته ڪنهن جي اک ۾ ڊڀ پيو وجهي، ڪنهن کي شيشي جي سئي دڏ ۾ پيو ٽنبي ته ڪنهن جي پير جي پٽي پيو ڪري بس مريضن جا انبوهه ۽ ڏاڪٽر صاحب جون هڪلون. انهن ڏينهن ۾ اڃان ڊسپينسر عطائي نه ٿيا هئا اهو دور ڊسپينسر جي ڏاڪٽر صاحب هجڻ جو سونهري دور هو. ان دور کان پوءِ ستت ئي منشي ترقي ڪري ماستر ٿيا هئا، اوهان کي خبر آهي الائي نه پراڻي دور ۾ سرڪاري استاد جي آرڊر تي منشي لکيل هوندو هو. منشي محمد موسيٰ ميمڻ، منشي محمد عثمان، منشي غازي خان، منشي ستابو، منشي غلام الرسول پيرزادو پر هئا سڀ سچي پچي جا ماستر جيڪي ٻارن جي ٽڙيل پکڙيل زندگيءَ کي سڌو سنئون ڪري زندگي جي ميدان ۾ لاهيندا هئا انهن ڏينهن ۾ اڃان ماستر مان استاد نه ٿيا هئا ضياءَ جي دور ۾ ماستر استاد ڇا ٿيا، ٽريڪٽر ۽ بس ڊرائيور به استاد ته ماستر به استاد هر طرف استاد ئي استاد. پوءِ انھن علم، سماج، ٻارن ۽ عوام سان به استادي شروع ڪئي.
جڏهن ماستر هئا ته اهي ڳوٺ جا معزز به هئا، ڳوٺ وارن ۾ گهڻا پڙهيا لکيا سمجهيا ويندا هئا انهن ماسترن جو سماجي ڪارج هو. انهن جو ڪردار رڳو اسڪول ۽ ٽيوشن سينٽر تائين محدود نه هو پر هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ سال جي کڻت ۽ اپت جو حساب ماستر جي ايمانداريءَ جي حوالي هو، ميت جو غسل، ڪفن، دفن، جنازي نماز، شادي جي گهور، پئو به ماستر ئي لکندو هو. مسجد جو پيش امام ۽ معالج به ماستر هو اڳتي هلي استادن جڏهن“ استادي” شروع ڪئي ته پنهنجو گهڻو تڻو سماجي ڪارج ۽ سماج جو گهربل ڪردار وڃائي ويٺا، فائنل پاس ماستر“ فائنل معنيٰ علم جو دنگ ٿيو” سي سٺ سال پورا ڪري رٽائرڊ ٿي وڃي پاسائتا ٿيا، ان جي جڳهه تي اچي ويا گريجوئيٽ استاد جن کي فقط هڪ مضمون ۾ مهارت هئي ڪو ميٿس جو ماهر ته ڪو انگريزي جو عالم. ايئن صحت جي شعبي ۾ به مهارت وارا ڊاڪٽر اچي ويا ڪو دل جو، ڪو ڪن، نڪ ۽ گلي جو ته ڪو ڦڦڙن، جيري، گردي ۽ اک جو ڊاڪٽر. هر ڊاڪٽر پنھنجي ڪلينڪ يا آفيس ٻاهران لکرائي ڇڏيو ته آئون آهيان ماهر ڊاڪٽر. هاڻي زندگي ٽڻڪ واري ريڊيو جهڙي ناهي جو ريڊيو مٿي تي کڻي هلجي ريڊيوسسي سڪڙجي موبائيل فون ۾ پهتو آهي ۽ فون وري ڪمري جي ٽيبل کان ٽپ هڻي، اچي پاسي واري کيسي ۾ پهتي آهي. مريض هاڻي ڏاڪٽر بدران ڪوشش ڪري ماهر ڊاڪٽر ڏي وڃن ٿا شاگرد ماستر بدران علم جي ڀنڊار استاد ڏانهن پنڌ ڪن ٿا.
ايئن زندگيءَ ۾ انيڪ موقعا عام ماڻھن کي فراهم ٿيڻ شروع ٿيا آهن تعليمي ادارن ۾ سوين علم جا شعبا کلي ويا آهن ماڻهو ڳوٺن مان نڪري شهرن ڏانهن سفر ڪن ٿا ڪافي ماڻهو دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن به روزگار ۽ تعليم لاءِ پنڌ ڪن ٿا.هي دور پروفيشنل ازم (مهارت ) جو دور ٿي سامهون آيو آهي. ايئن گهڻن موقعن گڏجي ماڻهن لاءِ گهڻ طرفا مونجهارا به پيدا ڪيا آهن اسان جا ماڻهو اوچتو نازل ٿيل گهڻن موقعن مان وقتائتي هڪ چونڊ ڪرڻ بابت انتهائي منجهيل ۽ ڊنل آهن ان ڪري مونجهاري واري حالت ۾ جنهن کي ڊاڪٽر ٿيڻ گهرجي سو انجنيئر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي جنھن کي وڪيل ٿيڻ گهرجي سو صحافي ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي، جنھن کي آرٽسٽ ٿيڻ گهرجي سو وري پائليٽ ٿيڻ جي ڊوڙ ۾ شامل آهي. ايئن اسان جي سماج کي غور سان ڏسو ته سڄو سماج اضطراب ۽ مونجهاري جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندي ملندو، “واٽون ويهه ٿيون ڪوه ڄاڻان ڪهڙا پرين” واري حالت آهي، ماڻهو کي وڃڻو ڪراچي آهي ۽ هو سکر ويندڙ ڪوچ جي ٽڪيٽ ڪٽائي ويٺو آهي ڊگهو سفر ڪري جڏهن منزل تي پهچڻ جي خوشي ۾ ڪوچ کان لهي ٿو ته ان کي باقي زندگي ناڪامي جي ٽرمينل جي فٽ پيريءَ تي مٿي کي هٿ ڏيئي گذارڻا ٿا پون. اسان وٽ پڙهائي جو طريقڪار ۽ ڪامياب زندگي ڏانهن رويو به روايتي ۽ فيشني آهي. نوجوانن کي ٻڌايو ويو ته انجنيئر ٿيڻ معنيٰ پيسن جي ڍيرن تي لانڍي ٺاهي ويهڻ. جنهن کان پڇو ته ڀائو پڙهي ڇا ٿيندي چئي سائين انجنيئر هاڻي پاڪستان ۾ پنج لک کان مٿي انجينئر بيروزگاري جي باھه ۾ سڙن پيا، جيڪي خليج جي ملڪن ڏانهن وڃن ٿا انهن جا اڌ پگهار ته آغامي جي نالي ۾ عرب سڳورا کنيو وڃن گرم موسم ۽ عربن سڳورن جي سخت روين جي ڪري خليج جي ملڪن ڏانهن ويندڙ انجينئرن جو وڏو حصو اتي سماجي گهٽ محسوس ڪندي جالي ئي نٿو سگهي نيٺ ڍور ڍڳا کپائي خليج جي ملڪن ڏانهن ويندڙ صاحب سال اڌ ۾ اچو ڳوٺ جا وڻ وسائي ايئن ٻيو دور شروع ٿيو ته اسان کي هر صورت ۾ ڊاڪٽر ئي ٿيڻو آهي، جيڪي ڊاڪٽر ٿيا انهن مان اڪثريت اوهان کي ميڊيڪل سائنس جي اهم شعبي ۾ ماضي جي ڏاڪٽر واري ڪرت ڪندي ملندا، منهنجي ئي ڳوٺ جي عطائي ڊاڪٽرن جي ماڻهو مار ڪلينڪ جي اندر ايم بي بي ايس پاس ڊاڪٽر صاحب رڳو گول ڦرڻي ڪرسي تي ويهڻ جو پگهار وٺي ٿو، عطائي ڊاڪٽر پاران ان کي مريض ڏسڻ جي اجازت به ناهي بس عطائي ڊاڪٽر کي ڪلينڪ ٻاهران ماهر ڊاڪٽر جي نالي جو بورڊ گهرجي جنھن تي فقط ڊاڪٽر ايم بي بي ايس لکيل هجي جيئن عطائي ڊاڪٽر جي ڪاسائي واري ڪار جاري رهي. هاڻي پاڻ ڏسو اهڙو ايم بي ايس ڊاڪٽر ڪهڙي ڪم جو جيڪو “عطائي ڊاڪٽر” جي پگهار تي جيئندو هجي. هاڻي نئون دور آهي ماڻھن جا آئيڊيل تبديل ٿين ٿا نوجوان ڪوشش ۾ آهن ته هو ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا ۽ سهائي ٽالپر جيان بااثر پوليس آفيسر ٿين ان ڪري اوهان غور سان ڏسو هر ٻيو نوجوان ڪميشن پاس ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، لائبريريون سٿيون پيون آهن سنڌ ۾ لائبريريون جوڙائي ڏيڻ جون تحريڪون شروع ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ اها مثبت پهل آهي پر ان هوندي به ڀلا ڪيترا نوجوان ميرٽ تي ڪميشن پاس آفيسر ٿي سگهن ٿا. پاڻ ڄاڻون ٿا ته ملڪ جو سياسي سسٽم انتهائي ڪرپٽ آهي پبلڪ سروس ڪميشن تي سائينداد جهڙن چست ۽ مست ماڻهن جو قبضو آهي هاڻي ته هي ڳالهه ڪنھن کان به ڳجهي ناهي ته اسان وٽ جيڪي به ڪميشن پاس ڪن ٿا تن ۾ پنجهتر سيڪڙو سرڪاري ڌر سان لاڳاپيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي جو حصو آهي پندرنهن سيڪڙو ڪميشن جي چيئرمين ۽ ان جي ٽيم جو آهي باقي مشڪل سان ڪا ڏهه سيڪڙو ميرٽ ٿئي ٿي.
هي حڪمرانن جا ٽڪساٽ آهن، هي رياست جي ادارن جي طئه ٿيل پاليسي آهي ته ماڻهن کي موڳو ڪريو انھن کي اهڙي رڃ ۾ گهلي وڃو جيڪا رڃ بظاهر پاڻي محسوس ٿئي ۽ اڃارو ان رڃ مان پاڻيءَ جا ٻڪ ڀري پيئڻ جي لاءِ ڊوڙون پائيندو نيٺ ٿڪجي اچي پٽ تي نستو ٿي ڦهڪو ڪري. ان ڪري سنڌ جي ڏاهپ کي سنڌ جي نوجوان جي رھنمائي ڪرڻ گهرجي اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ سنديپ مهيشوري جهڙا هزارين ماڻهو آهن جيڪي نوجوانن جي ڪيئرنگ ڪائونسلنگ ڪن ٿا انهن کي نفسياتي هيجانن، پيار، محبت، سيڪس، واپار، سياست، ناڪامي، ڪاميابي، نوڪري، هنر ۽ فن بابت ڄاڻ ڏين ٿا، هاڻي ته اتي سوين ادارا جڙي ويا آهن جيڪي نوجوانن جي صلاحيتن جي پرک ڪري انهن کي مستقبل بابت آگاهي ڏين ٿا. اسان جا ساڃاهه وند اڃان غزل جي وزن، فاعلن ۽ مفاعلن تي بحث جاري رکيو اچن اسان وٽ نه ڏاهپ سان سرشار سڃاڻ فرد نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ جي ڪم کي اهميت ڏين ٿا نه ئي وري ڪي ادارا آهن جيڪي نوجوانن کي ويهن واٽن مان ڪا هڪ درست واٽ ڏسي وٺن. اسان جي نوجوان کي بي پناه موقعن جي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي کيس پٺي تي ٺپڪي هڻي هرڪو ايئن چئي ٿو
“اٿي رائو ريل ويٺين تان واري وري.”
سنڌ جو نوجوان هن وقت اڪيلائي جي درد کي ڀوڳي رهيو آهي ڪو سرڪاري ادارو هن وقت نوجوانن جي رهنمائي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بدقسمتيءَ سان ڏاهپ جا ڌڻي به ان پاسي پھل ڪرڻ جي لاءِ اڃان سنجيده ناهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *