تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

اُٿو، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي!

جڏهن به مڪاني ۽ صوبائي حڪومت يا وفاقي ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ تلخيون وڌيون آهن ته ڪراچي اهم ترين مسئلو بڻجي اڀريو آهي. پر هن ڀيري مڪاني ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي پ پ حڪومت سان هٿ ڳنڍيا آهن جو سندن خيال ۾ پ پ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب هي شهر انيڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي. هن ڀيري معاملو تمام ڳنڀير آهي. ڪجهه ماڻهو ڪراچي کي وفاقي حڪومت جي حوالي ڪرڻ جي گهر ڪري رهيا آهن، ڄڻ وفاقي حڪومت جي گڊ گورننس يا اهليت جو رڪارڊ ڪو موچارو هجي، ڄڻ ڪراچي مٿان ججهي انگ ۾ وفاقي آفيسرن جو ڪنٽرول نه هجي، خاص طور تي ٻن اهم معاملن ۾ هڪ سيڪيورٽي ۽ ٻيو روينيو. ان کانسواءِ شهر جا بندرگاهه، ايئرپورٽ ۽ بين الصوبائي مواصلاتي نظام پڻ وفاق جي هٿ هيٺ آهن. وڌيڪ اهو ته سنڌ جو وڏو وزير ڪيترن ئي سالن کان شهر جا معاملا ايپڪس ڪميٽي وسيلي هلائيندو رهيو آهي جنهن ۾ فوجي آفيسرن ۽ وفاقي ڳجهين ايجنسين جا عملدار به شامل هوندا آهن. ڪراچي جا صنعتي ۽ مالياتي ادارا به گهڻي ڀاڱي سنڌ کان ٻاهر جي ماڻهن وٽ آهن جيڪي ڪراچي ۾ سيٽل ٿيل آهن. آخر ۾ ضلعي، پوليس ۽ ٽيڪس ڪامورا شاهي جا اڪثر آفيسر به وفاقي حڪومت وٽان آيل هجن ٿا جن ۾ ٻه اهم آفيسر، صوبي جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس شامل آهن.
اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪراچي شهر جو مُنو حصو وفاقي/دفاعي ادارن جي قبضي هيٺ آهي. شهر ۾ ڇهه فوجي ڪينٽونمينٽ آهن، ڊي ايڇ اي پاران هلندڙ هائوسنگ اسڪيمس جڏهن ته نيوي، ايئرفورس ۽ عسڪري جون وڏيون رهائشي ۽ واپاري اسڪيمس ان کان علاوه آهن. شهر جي هڪ وڏي حصي تي ريلوي جي به رهائشي ۽ تجارتي مقصدن لاءِ والار آهي. ڪي پي ٽي، پورٽ قاسم ۽ اسٽيل ملز به صوبائي دائره اختيار ۾ نٿا اچن. حقيقت ۾ ڪي ايم سي جي اختيار ۾ شهر جو رڳو چوٿون حصو آهي ۽ اهو حصو به ان وقت وڌيڪ سُسي وڃي ٿو جڏهن ڊي ايڇ اي جي نگراني ۾ سپر هاءِ وي سان هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي نظر وجهجي ٿي جتي شهر آباد پيا ٿين ۽ آبادي جو توازن صدين کان آباد مقامي سنڌين بدران ڌارين جي حق ۾ ٿيندو پيو وڃي.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ايندڙ ادارن/ جڳهين جي سيڪيورٽي جو خرچ صوبائي حڪومت ڀريندي آهي، جيتوڻيڪ ڪينٽونمينٽس وارا شهرين کان مختلف مدن ۾ پيسا اوڳاڙيندا آهن پر اهي صوبائي حڪومت کي حصو ناهن ڏيندا. ٻيو ته ٺهيو پر ڪينٽونمينٽس تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران جيڪو معمولي ٽيڪس واجب الادا آهي اهو به ڪيتري ئي وقت کان بند آهي.اهو ڄاڻائڻ به ضروري آهي ته بحريه ٽائون ڪراچي پاران صوبائي حڪومت کان مختلف هنڌن تي زمين جي ٽڪرن عيوض انتهائي گهٽ اگهه تي وڏي زمين ورتي وئي. سپريم ڪورٽ ان معاملي تي پاڻمرادي نوٽيس ورتل ڪيس تي فيصلو ٻڌائيندي بحريه ٽائون کي سنڌ حڪومت کان ورتل زمين جي معاوضي طور 460 ارب رپيا موٽائڻ جو حڪم ڏنو. جيتوڻيڪ اخلاقي ۽ قانوني طور اهي پيسا سنڌ حڪومت کي ملڻ گهرجن پر اڃان تائين وفاقي حڪومت جو اهو موقف آهي ته جيئن ته اهي پيسا سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيا آهن، تنهنڪري اهي وفاقي حڪومت کي ملڻ گهرجن.
مٿئين صورتحال مان چڱي ريت واضع آهي ته ڪراچي ڪيترو سنڌ حڪومت جي “ڪنٽرول” ۾ آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي سنڌ ۾ ته آهي پر اهو مڪمل طور تي سنڌ حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ ناهي، ان جي بدران ڪراچي جون گهڻي ڀاڱي زمينون، روينيو، سيڪيورٽي ۽ مالياتي معاملا سڌي يا اڻ سڌي ريت وفاق جي هٿ هيٺ آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو ڪهڙو منطق بچي ٿو؟ ٻيو ته ايئن ڪرڻ سان 2 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري هن شهر جي گورننس ڪيئن بهتر ٿي ويندي؟ ۽ ان سان انهن ماڻهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو جيڪي اڳ ئي وفاقي حڪومت جي سول ايجنسين جي هٿ هيٺ رهن پيا؟ آخر ۾ ڇا انتظام بهتر ڪرڻ سان هن شهر جون ٻيون بيماريون لساني، سياسي ۽ سماجي توڙي معاشي ختم ٿي وينديون؟
ٻيو ته اهي سوال وڌيڪ شڪ شبهن کي تڏهن جنم ڏين ٿا جڏهن وفاق جي ڪنٽرول هيٺ گادي واري هنڌ اسلام آباد کي ڏسجي ٿو جيڪو ڪراچي جي ڀيٽ ۾ معمولي آبادي ۽ جاگرافي وارو شهر آهي. ڇا اسلام آباد ڏوهن، ڪرپشن، حددخلين، سياسي مداخلت کان پاڪ آهي؟ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اسلام آباد جي چونڊيل ميئر کي وفاقي حڪومت ڪرپشن الزامن جي بنياد تي هٽائي ڇڏيو هو جنهن جي هن ترديد ڪئي هئي. تازو ئي اسلام آباد هائيڪورٽ راول ڊيم ڀرسان نيوي پاران تعمير ڪيل اڏاوت کي ڊاهڻ جو حڪم ڏنو هو. تازو ئي شهر مان هڪ صحافي کي کنڀيو ويو. ڪراچي به لڳ ڀڳ اهڙن ئي مسئلن کي منهن ڏئي ٿو جن ۾ ڏوهه، ڪرپشن، سياسي مداخلت، طاقتور ادارن ۽ ايجنسين جو زور، پر ان جو دائرو وسيع آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي تجويز جا قانوني ۽ آئيني پهلو ڪهڙا آهن. آئيني حوالي سان صوبي جي حدن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ لاءِ نه رڳو پارليامينٽ ۾ 2 ڀاڱي ٽي جي اڪثريت لازمي آهي پر سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ. پي ٽي آءِ حڪومت وٽ نه ته پارليامينٽ ۽ نه ئي سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي اڪثريت آهي ته پوءِ اهڙو هاڃيڪار خيال پيش ئي ڇو ڪيو ويو؟ ۽ حيرت انگيز طور ايم ڪيو ايم به ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي ان احمقاڻي خيال جي حمايت ڪري ٿي اهو ڄاڻندي به ته جيڪا اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ کيس ٿوري گهڻي حمايت حاصل آهي اها به وڃائي ويهندي. ايم ڪيو ايم کي اها خبر هجڻ گهرجي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ کانپوءِ اترين علائقن مان آبادي جي جيڪا وڏي ٻوڏ هن شهر جو رخ ڪندي سا ٻين آبادين جي ڀيٽ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو انگ ويتر گهٽائي ڇڏيندي ۽ پي ٽي آءِ توڙي ٻين اسٽيبلشمينٽ/ وفاق پرست حامي پارٽين جي اڳواڻي ۾ ٺهندڙ شهري حڪومت ۾ وٽس جونيئر پارٽنر ٿي رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه هوندو. ان کان علاوه هينئر ته ايم ڪيوايم جو ووٽ بينڪ ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن سان ملي کين اتحادي حڪومت جوڙڻ يا صوبائي معاملن ۾ اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڳڻپ جوڳيون سيٽون فراهم ڪري ٿو پر ڪراچي وفاق حوالي ٿيڻ کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو ووٽ بينڪ نه رڳو ورهائجي ويندو پر کين آبادي جي وڌڻ سان شهر جي وڏي ترقياتي حصي کان به محروم ٿيڻو پوندو.
جيتري قدر پي ٽي آءِ پاران ڪراچي کي وفاق هيٺ ڏيڻ جو تعلق آهي ته ان جو سبب اهو آهي ته پي ٽي آءِ وٽ ڪراچي کان ٻاهر ڪو ووٽ بينڪ ڪونهي. ٻيو اهو ته ڪراچي جي قيمتي زمين، وسيع روينيو ۽ بندرگاهن توڙي ساحلي پٽي جهڙا اسٽريٽجڪ اثاثا هٿ وس هجڻ بعد اسٽيبلشمينٽ جي جونيئر پارٽنر هجڻ جي ناتي کيس ملڪي سياست ۾ ڪجهه فائدو رسندو. حقيقت ۾ ايم ڪيو ايم کي اها خبر ناهي ته کين مقامي سياسي قوتن سان الحاق ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ سندن جاءِ هوريان هوريان ۽ مستقل طور تي پي ٽي آءِ والاري وٺندي، جنهن کي طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي ۽ اها ايم ڪيو ايم جي وفاداري کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ڀلي ايم ڪيو ايم ڪيڏيون به وضاحتون ڪري ته سندن لنڊن واري سربراهه الطاف حسين سان ڪو تعلق ناهي. هڪ ڀيري جو ڌڪ کاڌل ٻئي ڀيري هوشيار هوندو آهي، ايئن اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به دل سان ايم ڪيو ايم تي اعتبار نه ڪندي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان کي سنڌ جي وحدت لاءِ پيدا ٿيندڙ خطرن ۽ حق حڪمراني لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ پهرين ته اهو مڃڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت ۽ سندس مقامي اتحادي سنڌ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو فائدو وٺي رهيا آهن ۽ ڪراچي واسي به شهر جي معاملن تي ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو ڪافي عرصي کان اذيتون برداشت ڪندا رهيا آهن، خاص طور تي تازو ئي برساتن دوران جڏهن ڪا حڪومت، ڪي ايم سي، ڊي ايڇ اي، ڪينٽونمينٽ، بجلي، گيس ۽ پاڻي فراهم ڪندڙ ادارا پريشان ۽ دربدر ماڻهن جي سار لهڻ لاءِ موجود ئي ڪونه هئا. ان ڪري وفاق پاران ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ڪميٽي جتي سنڌ مخالفن جي سازشن اتي ئي پ پ حڪومت جي ناڪامي جو نتيجو آهي. پ پ حڪومت صوبي مٿان گذريل 13 سالن کان حڪمران آهي، جنهن مڪاني حڪومتن کي ڪمزور ڪري رکيو آهي جنهن جا نتيجا تباهه ڪندڙ نڪتا آهن. حڪومت نه ته مڪاني حڪومتن کي مضبوط ڪيو نه ئي پنهنجي گورننس کي سڌاريو، نه مالياتي شفافيت ۽ نه ئي شهري خدمتن کي بهتر بڻايو. پ پ حڪومت کي اهو ادراڪ ئي ناهي ته سندس بدتر ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن جو نشانو سنڌ جي وحدت ۽ آئيني خودمختياري کي بڻايو ويندو. اصل ۾ پ پ جي مک قيادت ڪرپشن ڪيسن ۾ ڦاٿل ۽ نيب توڙي اسٽيبلشمينٽ اڳيان لاچار بڻيل آهي. تنهنڪري پ پ قيادت جي ٻانهن مروڙ سان سنڌ کي پنهنجي آئيني اختيارن ۽ وسيلن کان محروم رکيو پيو وڃي. عمران خان توڙي سندس آقائن کي چڱي ريت خبر آهي ته پ پ قيادت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پنهنجي مقبوليت تيزي سان وڃائي آهي جتي ماڻهو بنيادي سهولتن، روزگار، تعليم، صحت جي سهولتن کان وانجهيل جانورن کان به بدتر زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پ پ قيادت لکين ماڻهن کي وڏيرڪن جاگيرداراڻن عنصرن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي پڻ اسٽيبلشمينٽ جا حمايتي آهن ۽ جيڪي انهن علائقن ۾ پسماندگي جو جمود برقرار رکيون پيا اچن.
اسان کي اميد آهي ته بلاول ڀٽو پ پ ۾ نئين قيادت جو علمبردار ٿيندو ۽ هو انهن ٻهراڙي وارن علائقن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو جيڪي پ پ کي سدائين اقتدار ۾ آڻيندا رهيا آهن. اسان جا شهر ۽ ڳوٺ مستقل طور سماجي معاشي ترقي ۽ بهتر حڪمراني کان محروم بدترين حالتن ۾ زندگي گذاريندا رهيا آهن. پ پ جي دوکي بازي جيڪري ڪوبه ناهي جيڪو عوام جي شهري ۽ سياسي حقن جو تحفظ ڪري سگهي. پ پ جا ڪرپٽ، قبائلي ۽ڀوتار اتحادي سنڌ جي ٻهراڙين مٿان حڪمراني ڪندا رهيا آهن، پر جڏهن به مخالف سياسي هوا گهلي آهي ته انهن پ پ کي ڇڏي سدائين پنهنجي ذاتي مفادن ۽ ايجنڊا جو تحفظ ڪيو آهي، سماج کي پسمانده رکي، زمينون ۽ ٻيلا ڦٻايا آهن، پنهنجي سياسي مفادن لاءِ پوليس ۽ مقامي انتظاميه جو استعمال ڪيو آهي ۽ سياسي بنيادن تي نوڪريون ڏيئي حقدارن جو حق ماريو آهي. اهي ڀوتار سنڌ کي قبائلي جهيڙن ۽ لاقانونينت ۾ يرغمال بڻائي رکڻ چاهين ٿا ته جيئن هو ماڻهن کي پنهنجي من پسند پوليس وارن ۽ انتظاميه جي مدد سان ڪنٽرول ڪري سگهن.
پر هاڻي ناانصافي تي ٻڌل غاصب سياسي نظام بحران جي ان حد تي اچي پهتو آهي جتي پوليس ۽ انتظاميه وسيلي ماڻهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو آهي. ماڻهو هاڻي بي صبري سان جمهوريت جو ثمر چاهين ٿا، برابري جا معاشي موقعا، سستو انصاف، تحفظ ۽ سڀ کان وڌيڪ عزت نفس چاهين ٿا. پر پ پ حڪومت اڃان تائين سندن داد نٿي ڪري ۽ بدستور سمورا فنڊز، سرڪاري زمينون ۽ عوامي عهدا انهي ساڳي پراڻي بدبودار ڪردارن، ڪرپٽ قبائلي، ڀوتارن ۽ بيوروڪريٽن حوالي ٿيل آهن. پ پ قيادت ڄاڻي واڻي اسان جي شهرن ۽ وستين کان اکيون ٻوٽي ويٺي آهي جيڪي 18هين صدي جو ڏيک ڏين ٿا جڏهن ماڻهو بنيادي سهولتن کان وانجهيل زندگي گذاريندا هئا. پر هاڻي اهو سڀ بند ٿيڻ گهرجي. اسان سان ڀٽوز جي نالي ۾ گهڻي دغابازي، ڪوڙ ۽ ٺڳي ٿي چڪي. سنڌ جي هٿن مان وقت نڪري پيو. اسان جي ڊيموگرافي تيزي سان تبديل ٿي رهي آَهي، اسان جون زمينون بااثر بلڊرن ۽ ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ رهڻ جي جاءِ نه پئي ڇڏي وڃي ۽ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه اها ته اسان جي ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ تيزي سان سيٽلرس پاران ڪالونائيز ڪري ايڪو سسٽم ۽ سامونڊي جيوت تباهه ڪئي پئي وڃي، صديون پراڻن ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کان زمينون ڦٻائي بلڊرن حوالي ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ پ پ جي مک قيادت به پارٽنر آهي.
ياد رکو! جيڪڏهن اسان پنهنجون زمينون ڌارين هٿان وڃايون ته اسين سنڌ جي وحدت کي برقرار رکي نه سگهنداسين. زمين ڊيموگرافي، معاشي ترقي ۽ سڀ کان وڌيڪ مالڪاڻن ۽ سياسي حقن لاءِ نهايت اهم آهي. بدقسمتي آهي جو صدين کان ڳوٺن ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن وٽ زمين جا مالڪاڻا حق ناهن، تنهنڪري سندن حقن جي لتاڙ ڪندي ڪراچي کان ڪيٽي بندر، بدين ۽ ساحلي پٽي تائين جي اهم اسٽريٽجڪ هنڌن واري زمين بلڊرن حوالي ڪئي پئي وڃي.پ پ جي قيادت اهي ساڳيا حربا استعمال پئي ڪري جيڪي صيهونين استعمال ڪيا. فلسطينين کان پهرين زمين کسي وئي، پوءِ کين اقليت ۾ بدلايو ويو ۽ آخر ۾ کين پنهنجي ڌرتي تان نيڪالي ڏني وئي. اسان جي اصلوڪن سنڌين لاءِ به ساڳيو خطرو آهي، تنهنڪري انهي لٽ ۽ ڦرمار خلاف اٿو، انهي کان اڳي جو گهڻي دير ٿي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *