تازا ترين
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

اي پي سي کان اڳ مخالف ڌر ۾ وري وڇوٽيون

جڏهن فوجي عدالتن جي قيام لاءِ منظوري ڏني پئي وئي ۽ پيپلزپارٽي مٿين دل کان ئي سهي پر ان جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو تڏهن پيپلزپارٽي جي سينيٽر ميان رضارباني تاريخي تقرير ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو هو ۽ جڏهن سينيٽ ۾ اربع ڏينهن ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي فوجي عدالت پاران ٻڌايل موت جي سزا خلاف کيس نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس پيش ڪرڻ سان گڏ ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم سميت قومي اسيمبلي پاران اربع ڏينهن تي ئي منظور ڪيل ٻن بلن کي سينيٽ ۾ منظوري لاءِ ساڳئي ڏينهن تي پيش ڪيو پئي ويو تڏهن هڪ ڀيرو وري ميان رضارباني سينيٽ ۾ شاندار تقرير ڪئي آھي ڀاري ۽ ڀرجي آيل آواز ۾ ميان رضا رباني دونهيندار تقرير ڪري پنهجي پارٽي کي رڳڙي ڇڏيو. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي نظرثاني جي حق ڏيڻ لاءِ جاري آرڊيننس تي اجلاس ۾ تقرير ڪندي پيپلزپارٽي جي ميان رضارباني چيو ته پارليامينٽ آئيني طور هڪ عظيم ۽ بالادست ادارو آھي پارليامينٽ ماضي ۾ تاريخي فيصلا ڪيا جن سان قوم ۽ وفاق مضبوط ٿيو پارليامينٽ ضياءَ، پرويز مشرف خلاف ٿي بيهي رهي. اڄ سوچان ٿو ته پارليامينٽ کي ڇا ٿي ويو آھي اهو جڏهن سوچان ٿو ته لڳي ٿو ته ٻئي هٿ ، پير ۽ ڳچي تي ڏورون ٻڌل آھن ۽ محسوس ڪري رهيو آھيان ته اهي ڏورون ڇڪيون پيون وڃن سوچان ٿو ته پارليامينٽ جي عزت اڄ به آھي مان پنهنجي پارٽي تي نظر وجهان ٿو ته نظر اچي ٿو ته ان وقت پارٽي جي نمائندگي ذوالفقار ڀٽو ڪري رهيو هو ۽ اڄ مون جهڙو شخص جنهن جا هٿ ۽ پير ٻڌل آھن اهو نمائندگي لاءِ ويٺل آھي. فرق اداري ۾ نه پر اسان ۾ آھي انتهائي افسوس جي ڳالهه آھي ته مان ڪٽ پتلي وانگر هٿ پير هلايان ٿو جڏهن ڪٿان ڏور ڇڪجي ٿي. هن چيو ته حڪمران اشرافيا منهجي ڏور ڇڪي ۽ مون کان عدالتي نظام جي برابر فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ پيوند لڳرايو ويو مون ڏور ڇڪڻ تي بل پاس ڪري ڇڏيو پوءِ چيو ويو ته مدت ۾ توسيع جو بل پاس ڪرڻو آھي ايتري تائين مون برداشت ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ ڏورون ڪو پاڪستاني ته هلائي رهيو آھي. هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته منهنجون ڏورون دنيا جي اسٽيبلشمينٽ جي هٿ ۾ اچي ويون آھن هن ڪلڀوشن بابت پيش ٿيندڙ آرڊيننس جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو آرڊيننس ڀارتي جاسوس ۽ دهشتگرد بابت آندو ويو آھي. سوچان ٿو ته ان لاءِ منهنجي ڏور عالمي سامراج هلائي رهيو آھي ان آرڊيننس ذريعي ڀارتي دهشتگرد کي فوجي عدالت مان مليل سزا خلاف نظر ثاني جو رستو ڏنو پيو وڃي اگر پشاور هاءِ ڪورٽ فوجي عدالت جي فيصلي کي ختم ڪري ٿي ته ان تي اسٽي اچي وڃي ٿو ۽ بحث شروع ٿي وڃي ٿو ٻٽي معيار جون ڳالهيون ٻڌيون هيون پر ٻن دهشتگردن لاءِ به ٻٽا معيارڇو آھن هڪ دهشتگرد کي آرڊيننس ذريعي سهولت ڏني پئي وڃي ٻئي کي ڪورٽ سهولت ڏني ته ان سزا کي روڪيو ويو. هن ايوان ۾ پيش ٿيندڙ قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل ايف اي ٽي ايف جي بلن بابت ڳالهائيندي چيو ته ايف اي ٽي ايف عالمي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي پاڪستان جي شهرين جا بنيادي آئيني حق پائمال ڪري رهيو آھي آءِ ايم ايف ،ايف اي ٽي ايف ، ورلڊ بينڪ ۽ ڪورونا جي آڙ ۾ شهرين جا حق کسيا پيا وڃن. مون اهي ڳالهيون ته ڪيون پر مان ڏورن ۾ ٻڌل آهيان منهنجي ڏور وري هلائي ويندي ۽ مان وري رقص ڪرڻ شروع ڪندس. ميان رضارباني جي تقرير جو اهو حصو سياسي پارٽين جي پاليسين کي صاف ۽ چٽو ڪري ٿو. ڏسجي ته ايف اي ٽي ايف جي منظور ٿيل ٻنهي بلن توڙي ڪلڀوشن ياديو واري آرڊيننس حڪومت کي ته وائکو ڪيو ئي آھي پر انهن مامرن مخالف ڌر کي به وائکو ڪري ڇڏيو آھي جنهن ڪلڀوشن بابت آرڊيننس کي بلاول ڀٽو کان وٺي خواجا آصف تائين ڪلڀوشن لاءِ اين آر او قرار ڏئي لڳاتار ٻن ڏينهن تائين قومي اسيمبلي ۾ گوڙ هنگامو ڪري ان آرڊيننس کي پيش ٿيڻ نه ڏنو پر ٽئين ڏينهن تي اهو آرڊيننس جڏهن پيش ٿيو تڏهن مخالف ڌر ايئن خاموش هئي جو ڄڻ اها ان آرڊيننس تي نه ڳالهائڻ جو روزو رکي آئي هجي. اگر اهو ڀارتي جاسوس لاءِ اين آر او هو ته پوءِ ٻن ڏينهن بعد نه رڳو اسيمبلي ۾ خاموشي ڇو ڪئي وئي پر سينيٽ جتي مخالف ڌر کي اڪثريت آھي اتي ان آرڊيننس کي ڇو پيش ٿيڻ ڏنو ويو مخالف ڌر اگر چاهي ها ته اتي به گوڙ ڪري پئي سگهي. خير هاڻي اهو آرڊيننس پيش ٿي چڪو آهي هاڻ ان کي قانون بنائڻ جو مرحلو به سامهون اچي سگهي ٿو پر مخالف ڌر اگر چاهي ته ڪلڀوشن بابت آرڊيننس کي رد ڪرڻ لاءِ سينيٽ ۾ قرارداد به آڻي سگهي ٿي جتي مخالف ڌر کي اڪثريت به آھي ۽ جيئن ئي قرارداد سينيٽ مان منظور ٿئي ٿي ته اهو آرڊيننس رد ٿيل تصور ٿيندو جيڪڏهن مخالف ڌر واقعي سمجهي ٿي ته ڪلڀوشن کي اين آر او ڏنو پيو وڃي ته آرڊيننس کي رد ڪرائي باقي ان آرڊيننس تي رڳو سياست ڪرڻي آھي ته پوءِ ايئن بيانن ذريعي ئي گذارو ڪيو ويندو. ايف اي ٽي ايف جي ٻن بلن جي منظوري کان هڪ ڏينهن اڳ يعني گذريل اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاه محمود قريشي جيڪا تقرير ڪئي ان کي جيڪڏهن مخالف ڌر مٿان ڊرون حملو قرار ڏجي ته غلط نه ٿيندو ڇو ته ان پنهنجي تقرير ذريعي عوام کي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي بلن جي منظوري عيوض پيڪيج تحت نيب ۾ ترميمون ڪرائي احتساب کان بچڻ گهري ٿي.
شاهه محمود رڳو تقرير نه پر مخالف ڌر پاران حڪومت کي پيش ڪيل نيب قانون ۾ 35 ترميمن تي ٻڌل مسودي ۾ شامل اهم ترين ترميمون ايوان ۾ پيش ڪري اهو ايوان ۽ ايوان ذريعي عوام کي محسوس ڪرايو ته هي ذاتي فائدي لاءِ قانونسازي کي عالمي شرط پورا ڪرڻ لاء ٿيندڙ قانون سازي کي مشروط ڪري رهيا آھن.
ان سلسلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ته “اسان اپوزيشن کي چيو ته ايف اي ٽي ايف قانون بابت وقت مقرر آهي پر مخالف ڌر چيو ته پيڪيج ڊيل ٿيندي، نيب قانون تي به گڏ ڳالهيون ٿينديون، نيب قانون کانسواءِ ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون، مخالف ڌر نيب قانون ۾ 35 ترميمون تجويز ڪيون آهن جن کي رد ڪيو آهي، اپوزيشن جي ترميمن سان احتساب جو ادارو بي معنيٰ ٿي ويندو، نيب قانون مان مني لانڊرنگ جو معاملو ختم ٿي ويندو، ان ترميم سان ايف اي ٽي ايف ۾ ڦاسڻ جو خدشو آهي، ڇو ته ايف اي ٽي ايف ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جو معاملو اهم جز آهي. هن چيو ته اپوزيشن تجويز ڏني ته نيب صرف هڪ ارب کان وڌيڪ ڪرپشن تي ڪارروائي ڪري، ان کان هڪ رپيو به گهٽ هجي ته ڪارروائي نه ڪري، اها به تجويز ڏني وئي ته نيب کان سزا يافتا شخص جي اسيمبلي رڪنيت تان نا اهليت اپيلن جي فيصلن تائين نه ٿئي، اپوزيشن تجويز ڏني ته 5 سال پراڻو ڪيس جيترو به ڀيانڪ هجي نيب جي زمري ۾ نه اچي، اهڙين تجويزن کي اسان مڃڻ لاءِ تيار ناهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پ پ ۽ نواز ليگ چاهي ٿي ته احتساب جو قانون 16 نومبر 1999ع کان لاڳو ٿئي يعني گذريل 14 سالن جو عرصو حذف ڪيو وڃي ۽ نيب جي زمري ۾ ايندڙ ڪيس ختم ٿي وڃن، جنهن لاءِ اسان تيار ناهيون، هن چيو ته نيب کان سزا آيل شخص جيڪڏهن سرڪاري عهدو رکندو هوندو ته اهو قانون موجب گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن لاءِ نا اهل قرار ٿي ويندو پر اپوزيشن پارٽين جو خيال آهي ته اهو مدو 5 سال هجڻ گهرجي، هن چيو ته اپوزيشن 5 سال پراڻا ڪيس نيب جي زمري ۾ شامل نه ڪرڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته اپوزيشن تجويز ڏني ته سزا ٿيڻ تائين ڪنهن کي گرفتار نه ڪيو وڃي، پر ڪيترائي ماڻهو چور دروازي کان ملڪ مان فرار ٿي ويندا آهن.، هڪ ايس ايچ او ٻڪري جي چوري تي هڪ عام ماڻهو کي گرفتار ڪري سگهي ٿو پر اربين رپين جي چوري تي نيب ڪنهن کي گرفتار نه ڪري اها تعجب جي ڳالهه آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن قومي اسيمبلي ۾ اربع ڏينهن ن ليگ جي خواجا آصف, راجا پرويز اشرف تقرير ڪئي جنهن ۾ شاهه محمود قريشي پاران بيان ڪيل نيب قانون ۾ مخالف ڌر جي ترميمن مان ڪنهن هڪ ترميم لاءِ به انهن ايئن نه چيو ته اها ترميم اسان تجويز نه ڪئي آھي مطلب ته شاهه محمود پاران مخالف ڌر جي سامهون آندل ترميمون واقعي انهن تجويز ڪيون آھن خواجا آصف جو چوڻ هو ته اهي ڳالهيون رازداري جي حيثيت ۾ ٿيون، رازداري ظاهر ڪئي وئي ان ڪري هاڻ اڳتي حڪومت سان ڳالهين جو حصو نه ٿيندا سين. خير مخالف ڌر جي مخالفت باوجود ايف اي ٽي ايف بابت ٻئي بل حڪومت منظور ڪرائي ورتا آھن هاڻ صدر جي صحيح بعد اهي بل قانون ٿي ويندا پر انهن بلن جي منظوري مخالف ڌر ۾ اهڙي وقت ۾ ڏار به وجهي ڇڏيا آھن جڏهن مخالف ڌر جي اي پي سي عيد بعد ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي پر ڪالهه مولانه فضل الرحمان جي ڀا مولانا عطاءَ الرحمان پ پ ۽ ن ليگ تي حڪومت جي مدد ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته هاڻي سينيٽ ۾ جي يو آءِ ٻنهي پارٽين سان گڏ مخالف ڌر جو ڪردار ادا نه ڪندي. اهي ڳالهيون ٻڌائن پيون ته حڪومت خلاف مخالف ڌر جي صف بندي ٿيڻ ناممڪن ڀلي نه هجي پر مشڪل ضرور آھي حڪومت خلاف مخالف ڌر جي هڪ ٿيڻ اڳيان نه رڳو رڪاوٽون اچي سگهن ٿيون پر مخالف ڌر کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ڪاوڏي تڪليف ۽ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت به نه پوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *