تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

اي منهنجي ڌرتي جا نوجوان!

اي منهنجي ڌرتي جا نوجوان! ڇا توکي خبر آهي ته تون منهنجي وطن جي آبادي جو 68 سيڪڙو آهين؟ يعني ملڪ جي ڪل آدمشماري جي هرهڪ سئو آدم ۾ تون سڀني کان وڌيڪ انگ ۾ آهين. تنهنجي افرادي سگهه منهنجي قوم جي طاقت جو توانائي گهر آهي، جنهن منجهان بي انتها روشني جا ڪرڻا عالم انسانيت جي ايندڙ مستقبل کي روشن ڪري سگهن ٿا! تنهنجو ڳڀرو رت انبن جي ٻور جي سڳنڌ جيئن هڳاءُ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ رُت جي لذيذ ميوي جي آمد جو ڏس ڏئي رهيو آهي. تنهنجي 18 ورهين کان 30 ورهين جي جواني ۾ ڪي اکيون آس رکي ويٺيون آهن ته تون ڪنهن جو ور ٿيندين، ڪنهن جي ڪلهي جو سهارو بڻجندين، پر منهنجي لاءِ ۽ هن قوم جي لاءِ انهي کان وڌيڪ هڪ آس ۽ اميد آهين ته تنهنجي صلاحيتن جي ٻل تي هي ڌرتي گلزار بڻجندي، جنهن جي خوشحالي جو تون ضامن ٿيندين! تنهنجي قابليت جي ٻل تي هن ڌرتي تان غلامي جا طوق ٽٽندا ۽ آزادي جا گيت سرنهن جي ڦلار بڻجي هن ڌرتيءَ تي جهومندا، پر آئون هي ڇا ٿو ڏسان، تنهنجي جيون ۾ ڪا جستجو ڪونهي، ڪو سپنو ڪا آرزو ڪونهي جيڪا توکي آڪاش جي بلندين تي پهچائي سگهي. تنهنجي اها عمر جنهن ۾ ڪائنات جي رازن کي فاش ڪرڻ ۽ آڪاش جي بلندين کي ڇهي پنهنجي قابليت جي ڌاڪ ويهارڻ جا سپنا هجڻ گهرجن، انهي عمر ۾ تنهنجو اڪثر وقت ته فيس بوڪ، ٽڪ ٽاڪ انسٽاگرام ۽ ٽوئيٽر تي چند گهڙين جي واهه واهه ۽ شعبدي بازي ۾ گذري رهيو آهي!
اي منهجي اڄ جي ٽيڪ ايج جا نوجوان! تو وٽ هر قسم جو جديد گيجٽ ته آهي، پر تنهنجي هٿ ۾ ڪو فلسفي جو ڪتاب ڪونهي جنهن سان تون ڪائنات ۽ زندگيءَ جي گوناگون رازن جي فلسفي کي سمجهي سگهين. معاشي ۽ معاشرتي علمن کي سمجهي سگهين.تنهنجي هٿ ۾ ڪو شاعري جو مجموعو ڪونهي جنهن سان تون ڪائنات ۽ زندگي جي حسناڪين، نزاڪتن ۽ نفاستن کي سمجهي سگهين! تنهنجي آڏو زندگي هڪ لمحي جي خوشي جو اهڙو منظر آهي جيڪو اينڊرائڊ فون جي اسڪرين تي روشن ٿي ٽڙي پوندو ۽ خوشين جا ترانا وڄائي تنهنجي چهري تي مسڪراهٽن جون سمليز وکيري ويندو..تنهنجي لاءِ گوگل هر مسئلي جو حل آهي جنهن تي ڪجهه به لکي سرچ ڪندين ته سيڪنڊن ۾ هر مشڪل کان مشڪل سوال جو جواب به ملي ويندو، پر ڇا توکي گوگل اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته تنهنجو، تنهنجي ڌرتي جو، تنهنجي قوم جو ۽ تنهنجي قومي وجود جو مستقبل ڇا آهي؟ پر ها گوگل توکي اها معلومات ضرور ڏئي سگهي ٿو ته جن قومن پنهنجي تقدير بدلائي انهن جي تاريخ ڇا آهي ۽ جيڪي قومون ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪري معاشي طور سگهاريون ٿي دنيا تي حڪمراني ڪري رهيون آهن انهن اها منزل ڪيئن ماڻي، پر ڇا تنهنجي آڱر گوگل تي انهي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ کوجنا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي؟
افسوس جو تنهنجي جيون جي هر ڏينهن جي ابتدا فون جي اسڪرين تي ڪنهن جي ميسيج کي ڏسندي ٿئي ٿي ۽ هر ڏينهن جو اختتام ڪنهن کي واٽس ايپ يا ميسينجر تي ڪو ميسيج ڏيندي، پر ڪڏهن تو اهو سوچيو آهي ته هر ڏينهن جو اڀرندڙ سج تنهنجي لاءِ ڪهڙو نياپو کڻي آيو ۽ هر رات جو آسمان ۾ ٽٽندڙ تارا تنهنجي خواهشن جو انتظار ڪندي ڪهڙي ڏسا ۾ ڪري پيا؟ تو ڪڏهن ڪنهن ڪرندڙ تاري کي ڏسي ڪا وش ڪا آشا ڪئي، ڪڏهن تو اڀرندڙ سج جي ڪرڻن کي ڏسي ڪائنات جي ڪنهن نئين ڏينهن جي ابتدا جو مظهر پسيو آهي؟ اي منهنجا نوجوان! تنهجي دم سان هن ڌرتي جو آئيندو آهي.ايندڙ وقت ۾ تنهنجي صلاحيتن سان توکي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳواڻي ڪرڻي آهي.توکي جديد دور جي هر علم ۾ مهارت حاصل ڪرڻي آهي، جنهن سان ايندڙ وقت جي مشيني دور جي انهن مشينن جو آقا بڻجي سگهين. اڄ تو وٽ هر اها سهولت موجود آهي جيڪا توکي دنيا سان لمحن ۾ ڳنڍي ڇڏي ٿي. جديد علمن جي حاصلات لاءِ، تنهنجي معلومات ۾ واڌ لاءِ ۽ ڄاڻ جي اضافي لاءِ دنيا جون يونيورسٽيز ۽ ڪتب خانا تنهنجي لاءِ تنهنجي هٿ جي تريءَ تي موجود آهن، پر تنهنجو ڌيان انهي طرف ڪونهي.تنهنجي معلومات جا وسيلا تنهنجي ڏاهپ جا دشمن بڻجي پيا آهن! جي تون اهو سمجهي وٺين ته تون ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪونه پيو ڪرين، پر توکي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهي آهي ته شايد تنهنجو ان کي استعمال ڪرڻ جو انداز بدلجي پوي. تون ٽيڪنالاجي مان ڄاڻ حاصل ڪرڻ بجاءِ انهن جي ڊيٽا بئنڪ آهين، جنهن کي ٽيڪنالاجي جا ماهر پنهنجي مارڪيٽنگ جي ٽول طور استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن نموني ٽيڪنالاجي کي تون استعمال ڪري رهيو آهين، اها تنهنجي ڏاهپ جي دشمن آهي، ڏاهپ ته سوچڻ سان ملندي آهي ۽ سوچ ته وسيلن جي اڻهوند ۾ جنم وٺندي آهي.تو وٽ ته اڻهوندن جا انبار آهن. وسيلن جي هوندي بک آهي ۽ سڀني نعمتن هوندي بي انتها محروميون آهن. اي منهنجا نوجوان!توکي سوچڻو پوندو ته توکي پنهنجي قابليت لاءِ ڪهڙا امتحان پاس ڪرڻا آهن ۽ ڪهڙين مشڪلاتن کي پار ڪرڻو آهي؟ اي منهجا نوجوان! تنهنجي سوچڻ جي اميد تي اسين نااميد نه ٿيا آهيون اسان کي يقين آهي ته تنهنجي صلاحيتن جي دم تي هڪ نه هڪ ڏينهن هي سماج ڪو نئون ڪر موڙيندو، ايئن هڪ نئين سفر جي ابتدا ٿي پوندي.
اي منهنجا نوجوان!توکي اهو نه وسارڻ گهرجي ته تنهنجي ملڪ ۽ قوم جا اڄوڪا اڪثر ليڊر نااهل به آهن ته ناڪاره به، اهي بي ايمان به آهن ته بدڪار به ،انهن منجهان ڪا اميد نه رکجانءَ.اهي توکي ۽ تنهنجي صلاحيتن کي پنهنجي ذاتي خصيص مفادن جي بدلي قرباني جو ٻڪرو ڪندا يا گهٽي ماري ڇڏيندا. توکي پنهنجي رهنمائي پاڻ ڪرڻي آهي، توکي پنهنجا رول ماڊل پاڻ تلاش ڪرڻا آهن اهڙا رول ماڊل جن قومن جي تقدير بدلائڻ خاطر پنهنجي خواهشن کي قربان ڪري ڇڏيو. اهڙا رول ماڊل جن پنهنجي صلاحيتن، ارادن ۽ قابليت جي وسيلي دنيا جي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا. تنهنجي زندگي شارٽ ڪٽ جي اصولن کان آجي ۽ پنهنجي قابليت جي ٻل تي بيٺل هجڻ گهرجي. اي منهنجا نوجوان!توکي ذات جي دائري مان نڪري ڪائنات جي وحدت ۾ پاڻ کي سموئي عالم انسانيت جي رهنمائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ڪرڻي پوندي. جي اڄ به تو اهو نه ڄاتو ته هن ڪائنات ۾ اچڻ جو تنهنجو ڪارج ڪهڙو آهي ته پوءِ تنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي ڪا شناخت ڪونه رهندي بلڪل ائين جئين اڄ يونان، روم، مصر ۽ موهن جي دڙي جي آثارن کي ڏسي انهن کي ماضي جي شاهڪارن طور تاريخ ۾ ته ياد ڪيو وڃي ٿو، پر انهن قومن جو اڄ جي جديد دور ۾ ڪٿي ڪو اثر رسوخ ڪونهي. ماضي جي انهن شاهڪارن جو ڪٿي ڪو ذڪر ته آهي، پر يقين رک ته جي تو پنهنجي صلاحيتن کي موجودھ دور جي گهربل تقاضائن تي پورو نه لاٿو ته تنهنجو ته ڪٿي ڪو ايندڙ وقت ۾ ڪو شمار ئي نه رهندو. اي منهجا نوجوان! تنهنجي دم سان هاڻ هردم آهي جي تون انهي سستي ۽ نااهلي جي ڌٻڻ مان نه نڪتين ته پوءِ تون پنهنجو پاڻ کي به ڪڏهن معاف نه ڪري سگهندين.

Bookmark the permalink.

4 Responses to اي منهنجي ڌرتي جا نوجوان!

  1. انجينيئر سرفراز پنهور says:

    تمام تمام بهترين ۽ اتساهيئدڙ ڪالم ،
    اميد ت نوجوان ان کي پڙهي لاڀ حاصل ڪندا .سجاڳي ۽ جستجو لاء هي هڪ لکڻي سٺا اثر چڏيندي.

  2. ڪمال جي لکڻي، شل مون سميت پاڻ جيڏا هڙئي نوجوان سمجهه پرائن ته فردي مفادن بدران اجتماعي مفادن يعني سڄي سماج جي ڀلي لاءِ پتوڙڻو پوندو. نيولبرل ازم جي هن دور نوجوان طبقو ته ڇا پر هر عمر واري ماڻهو کي رڳو فردي مفادن واري دائري ۾ اهڙو ته قيدي بڻائي ڇڏيو آهي، جو ان ناڪاري اثر عوام دوست سوچ پٺتي پئجي رهي آهي.

  3. Beenish Talpur says:

    it gave me goosebumps after reading!

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *