تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ايڏا سور سھي ننڊ نه ڪجي ناکئا

مان ڪنھن جي ان خيال سان بلڪل سھمت آھيان  ته  جيڪو شخص وقت سان گڏ پنھنجو ذھن تبديل نه ٿو ڪري ان جو دنيا لاءِ زنده يا مرده هجڻ ڪو به مطلب نه ٿو  رکي. بي واجبي سھڻ کان مزاحمت ڪرڻ ھر لحاظ کان هڪ بھتر عمل آھي، مزاحمت ڪجي اهو سوچڻ کان سواءِ ته ان جي نتيجي ۾ سوڀ ملندي يا نه! سقراط چيو هو ته جيڪڏهن انسان بنجڻ جي تمنا رکو ٿا ته پنھنجو پاڻ کي سڃاڻو. دراصل انسان جڏھن پنھنجي  دماغ کي ڊگھي موڪل ڏئي ان مان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏيندو آھي ته ٻيا ان ماڻھو کي استعمال ڪرڻ لڳندا آھن.سھپ جي به هڪ سيما هوندي آھي صرف سھندو رھڻ ئي اسان جو مقدر ناهي،سھپ جي حوالي سان هڪ قصو ياد ٿو اچي.
هڪ  جھوني بابي پھرين زال جي هوندي شوق مان هڪ نوجوان خوبصورت مريدياڻي سان ٻي  شادي ڪئي. ڪجھه ڏينھن ته چاھه جا گذري ويا. گڏوگڏ  آھستي آھستي جھوني بابي جي آمدني گھٽجڻ ۽ خرچ وڌڻ لڳا. نيٺ جڏھن  سندس هٿ بلڪل تنگ ٿي ويو ته هن سوچي ورتو ته ٻنھي زالن مان ڪنھن به هڪ کي پاڻ وٽ رکندو ۽ ٻئي کي طلاق ڏئي ڇڏيندوپر هن لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو هو ته ڪهڙي زال کي پاڻ وٽ رکي ۽ ڪھڙي زال کي ڇڏي ڏئي!؟  ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سندس وڏي زال هئي جنھن پنھنجي جواني جو سج هن جي گھر ۾ لاھي ڇڏيو هو، هر ڏک سک ۾ سندس ساٿ ڏنو هو جڏھن ته ٻئي طرف سندس ننڍي عمر واري زال هئي جنھن جي ادائن تي موهجي هن موٽ کاڌل وهي ۾ مٿي تي موڙ ٻڌا هيا.اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ھن هڪ ترڪيب سوچي، هن ڪنھن هنڌان هٿ پير هڻي ڏھه ھزار هٿ ڪيا ۽ ٻنھي زالن کي پنج پنج هزار ڏئي ڪجھه ڏينھن لاءِ ٻاهر هليو ويو.ڪجھه ڏينھن کان پوءِ واپس اچي ٻنھي زالن کان رپورٽ ورتائين سندس وڏي زال تمام  سليقي ڪفايت شعاري ۽ سمجھداري سان ايترا ڏينھن خرچ به ڪيو ۽ ڪجھه پئسا بچايا به. جڏھن  ته سندس ٻي نوجوان ۽ خوبصورت زال انھن ڏينھن ۾ اهي پنج هزار ته  خرچ ڪري ڇڏيا هيا پر ويتر پاڙي مان ڪجھه قرض به کنيو ھئائين جھوني بابي اهو چئي وڏي زال کي الڳ ڪري سندس ذميواري مان آجو ٿي ويو ته هوءَ سمجھدار ۽ سليقي واري آھي پنھنجو بار کڻي ويندي پاڻھي گذارو ڪري ويندي. ساڳي حالت حڪمران عوام سان ڪري رهيا آھن  عوام جو صبر ۽ برداشت  ئي عوام جا دشمن آھن. حڪمران سمجھن ٿا  ته ماڻھن لاءِ ڪيتري به مھانگائي ڪجي بيروزگاري هجي ٽئڪسن جو ڪيترو به وزن وڌو وڃي جيئڻ ڪيترو به مشڪل ڪيو وڃي پر ماڻھو ماٺ ۾ گذارو ڪري ويندا. ان ڪري حڪمران ماڻھن کان لاتعلق بڻيل آھي حڪمران طبقو عوام  کي سندس برداشت ۽ گذارو ڪري وڃڻ جي عادت جي  ڪري آءِ ايم ايف کي ئي خوش رکڻ واريون پاليسيون جوڙيندو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آھي ته حڪمرانن ۽ عوام جي وچ ۾ ھميشه ڀرجي نه سگھندڙ وڇوٽي آھي.
ندا فاضلي جو شعر آھي ته
يه فاصله جو
تيري اور ميري درميان هي
يه هر اڪ زماني ڪي داستان هي
حڪمرانن کي به عوام کان لاتعلق ٿئي زمانا ٿيا آھن، ماڻھو هر ڀيري اها اميد ڪندا آھن ته نئين خڪومت عوام ۽ حڪمرانن  جي وچ جا ويڇا ويڙهي ٻنھي وچ ۾ ويجھڙائپ پيدا ڪندي پر اڄ تائين ڪابه حڪومت انھن وڇوٽين کي ويڙھڻ چاھيو ئي ناهي.
عمران حڪومت به پنھنجي غريب دشمن پاليسين سبب پراڻين حڪومتن جا رڪارڊ تيزي سان ٽوڙي رهي آھي. ڪپتان رانديگر آھي کيس خبر آھي ته رڪارڊ ٺھندا ئي ٽٽڻ لاءِ آھن. جيتوڻيڪ هو به وڏن واعدن سان حڪومت ۾ آيو پر عوام سان ڪيل هڪ به واعدو هن وفا نه ڪيو آھي.  ڇاڪاڻ ته هو اهو به ڄاڻي ٿو ته واعدا صرف ڪيا ويندا آھن اهي پاڙيا ناهن ويندا.
عمران خان به ملڪي خزانو لٽيندڙن جو احتساب ڪري عوام جي پائي پائي وصول ڪرڻ واري وچن سان ووٽ وٺي اقتدار۾ آيو پر ٻن سالن ۾ ئي هن ڪابه وصولي ڪرڻ بدران ابتو غريب عوام کي مهانگائي ۽ ٻيا بحران ڏنا.
افسوس جوڳي حيرت ان ڳالھه تي آھي ته حڪومت جي مڙني غريب دشمن پاليسين تي سڀ خاموش آھن ڪٿان ڪا رڙ نه ٿي اڀري. ڪو آواز نه ٿو اوچو ٿئي، ڪو احتجاج ڪونه ٿو ڪري.
رات سي ڪيا گلا ڪرين اختر
ذهن صديون ڪي نيند سوتي هين
ستل ذھن سڀ ستم سرهائي سان سھي رهيا آھن. هڪ آفريڪي شاعر جي نظم جون ڪجھه سٽون آھن ته
انھن ماڻھن کي ڳوليو
جيڪي تالا کولي سگھندا آھن
نه ته ايندڙ ڏھن سالن کي
گذري ويل ڏھ سال کائي ويندا´
اهڙن ئي جوڌن جي  کوٽ جو ذڪر ڪندي حبيب جالب به چيو هو ته
ڪوئي تو پرچم لي ڪر گريبان ڪا نڪلي جالب
چارون طرف سناٽا هي ديواني ياد آتي هين
سوشل ميڊيا توڙي ڪچھرين ۾ ويھي رڳو لفاظي ڪرڻ وارن عملي طور تي ڪنھن به ظلم ناانصافي خلاف هڪ وک به نه وجھندڙن سان ئي جھڙوڪ حبيب جالب هيئن به مخاطب ٿيو هو ته
فقط باتين انڌيرون ڪي
فقط قصي اجالون ڪي
چراغ آرزو لي ڪر
نان تم نڪلي نان هم نڪلي
ڪنھن به معجزي جو انتظار ڪرڻ اجايو آھي، معجزا هاڻي ناهن ٿيندا وتائي فقير جيان کنگھڻ کڙڪڻ کان سواءِ ڪجھه به ٿيڻو ناهي.
ناانصافين تي فقط نڪ کي موڙو ڏئي سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي مباحثا ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. عوام کي هر ظلم ۽ زيادتي خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي.
هڪ  شاعر  اي  سي ڪمالو پنھنجي وطن جي ماڻھن ۾ جوش اڀارڻ لاءِ شعر چيو هو ته ماڻھن کي يقين ڏياريو ته خواب حقيقت بڻجي سگھن ٿا. هڪ اھڙي ئي يقين جي هن قوم کي به ضرورت آھي ته خواب بلڪل حقيقت بڻجي سگھن ٿا پوءِ ڀلي اهي کليل اکين سان ئي ڇونه ڏٺا ويا هجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *