تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

اينٽي ڪرپشن ۾ ڊيپوٽيشن ڪوٽا کان وڌيڪ مقرريون…!

سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ مقررين ۽ بدلين کان وٺي ترقين وارا معاملا رڳو بااثر ڪامورن جي لاءِ مسئلو بڻيل ناهن، پر هر ملازمن توڙي آفيسر جي لاءِ مقرري ۽ بدلي ڪرائڻ کان ويندي سينارٽي باوجود ترقي وٺڻ وڏو مسئلو بڻيل آهي. پر سنڌ سرڪار جو هڪ کاتو اهڙو به آهي جنهن جا پنهنجا ڪامورا “ڊيپوٽيشني آفيسرن” جي ماتحت ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن! اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ هر عهدي لاءِ مجموعي طور تي مقررين ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا پي ايس ايس ۽ پوليس آفيسرن لاءِ مختص ٿيل آهي ۽ 50 سيڪڙو تائين جي ڪوٽا کاتي جي آفيسرن لاءِ آهي. ڄاڻايل ڪوٽا ۾ واڌڪ ڪري 60 سيڪڙو تائين کاتي جي ڪامورن ۽ 40 سيڪڙو کاتي لاءِ ڊيپوٽيشن جي ڪوٽا رکي وئي هئي پر ان تي پهرين ڏينهن کان عمل نه ٿي سگھيو. بهرحال جيڪا 50-50 سيڪڙو واري ڪوٽا مختص ٿيل آهي ان جو پورو حصو به اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن کي نه پيو ملي. اينٽي ڪرپشن واحد کاتو آهي جنهن جا ڪامورا ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل ڪامورن جي ماتحت ڪم ڪن ٿا، هن وقت جيڪڏهن صوبي ۾ اينٽي ڪرپشن جي زونن ۾ مقرر ٿيل ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي 12 پوسٽن مان 7 پوسٽن تي ڊيپوٽيشن جي ڪوٽا وارا ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيل آهن، اينٽي ڪرپشن ڊائريڪوٽريٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر (هيڊ ڪوارٽر ) هڪ اهم پوسٽ آهي پر اتي ڊيپوٽيشن جي ڪوٽا تي پي ايس ايس آفيسر خادم راڄپر کي ويهاريو ويو آهي، ذريعن موجب ته ڄاڻايل ڊپٽي ڊائريڪٽر هيڊ ڪوارٽر خادم راڄپر ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ جو به وهنوار هلائي رهيو آهي! سکر زون ۾ ڊي ڊي منير کهڙو، سائوٿ ضلعي ۾ ڊي ڊي طارق چانڊيو، ايسٽ ۾ ڊي ڊي لال ڏنو منگي، حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل ڊي ڊي امداد علي شاھ، لاڙڪاڻي جو ڊي ڊي ستار ڀٽو ۽ ويسٽ ضلعي ۾ صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن اڪرام الله ڌاريجو جو ڀاءُ ظفر الله ڌاريجو ڊيپوٽيشن جي ڪوٽا تي اهم عهدن تي ويٺل آهن. هن وقت اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن جو تعداد به ڪل 6 آهن جن مان هڪ آفيسر نورالله شيخ کي پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويهاريو ويو آهي، جڏهن ته رفيق ميمڻ کي ڊائريڪٽر آفيس ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ رزاق راهپوٽو کي ڊي ڊي هيڊ ڪوارٽر ون جي سائيڊ پوسٽن تي ويهاريو ويو آهي. باقي ميرپور خاص، نوابشاھه ۽ ڄامشورو ۾ مقرر ٿيل ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن کاتي جا آهن.
اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر اسٽبلشمينٽ سميت انڪوائريز جي 3 ڊائريڪٽرن جي پوسٽن تي به ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيل آفيسرن کي ويهاريو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته 18 گريڊ کان مٿي اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن جون ڪيئي سالن کان وٺي ترقيون به نه پيون ٿين، ان ڪري اينٽي ڪرپشن کاتي جا ڪامورا ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان ئي رٽائرڊ ٿي وڃن ٿا. کاتي جي اهم ۽ بااختيار عهدن تي ڊيپوٽيشن وارا آفيسر مقرر هجڻ سبب هو پنهنجي لابي کي مضبوط ڪن ٿا ۽ اينٽي ڪرپشن کاتي جا جيڪي آفيسر جيڪڏهن پوسٽنگ تي ويٺل هجن ٿا ته کين انڪوائريون ڏيڻ بجاءِ پاسيرو ئي ويهاريو وڃي ٿو ۽ انهن تي ڪنهن قسم جو ڀروسو به ناهي رکيو ويندو. جنهن ڪري اينٽي ڪرپشن جي آفيسرن ۾ احساس محرومي پيدا ٿي وئي آهي.
سنڌ حڪومت کي گھرجي ته اينٽي ڪرپشن کاتي جي انتظامي پوسٽ ۾ نئين سر اهڙي جوڙجڪ ڪئي وڃي جنهن سان کاتي جي آفيسرن مان محرومي جو احساس ختم ٿئي. ۽ عملي طور انتظامي پوسٽون هلائڻ جو ننڍي گريڊ وارن ڊيپوٽيشن آفيسرن کان اختيار به واپس ورتو وڃي. اينٽي ڪرپشن کاتي جي آفيسرن جي ترقين جي لاءِ به رولز ٺاهيا وڃن جيئن کاتي جا ڪامورا به ڊائريڪٽر جي عهدي تائين پهچي سگھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *