تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ايف پي بند جي حالت ۽ ٻوڏ جا لامارا

منهنجي ڄاڻ موجب تاريخي طور ٻوڏ کان آيل بچاءُ بند ايف پي بند(Flood Protection Bund )انگريزن جي دور ۾ 1932ع ۾جوڙيو ويو هو ،تڏهن بئراج نڪتا ۽ بئراج آبپاشي نظام پڻ جڙيو هو. بئراج ايراضي ۾ ڳوٺن ۽ ان وقت ۾ ٿيندڙ فصلن کي برساتي نئين جي پاڻي لوڙهڻ ۽ ٻوڙڻ شروع ڪيو. تڏهوڪي زماني ۾ گاج آبپاشي نظام پڻ جڙيو ۽ گاج اريگيش ڊويزن به هئي جنهن جي جوهي شهر ۾ الڳ آفيس پڻ هوندي هئي ۽ گاج ڪناري گاج ايريگيشن بنگلا به ان جي انتظام هيٺ هوندا هئا جيڪي اڄ ڀڙڀانگ ۽ ڀينگ لڳا پيا آهن. گاج ايريگيشن نظام جو عملو گاج نئين جي پاڻي کي مانيٽر ڪندو هو ۽ تير ڀت جي مرمت ۽ سار سنڀال به ڪندو هو. انگريز سرڪار طرفان گاج نئين کي تير ڀت (Diversion Bund) جي وسيلي نئين سول يا شول جي وهڪري ۾ موڙيو ويو ۽ نئين گاج جو اصل وهڪرو سڪ نئين سڏجڻ شروع ٿيو ڇاڪاڻ ته نئين گاج جو اصل اوڀر طرف وهڪرو بند اچڻ سبب سڪي ويو ۽ شول نئين جي وهڪري ۾ وهڻ لڳي.
ٻوڏ کان بچاءُ بند ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي تعلقي قبو سعيد خان جي علائقي چکي کان شروع ٿئي ٿو ۽ دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي حدن ۾ منڇر سان ملي ٿو. برساتي نئيون ڪاڇي ۾ سڪار جون آمين آهن پر جڏهن اهي بند ٽوڙي وھڻ لڳن ٿيون ته انهن جو پاڻي آفت جي صورت اختيار ڪري آس پاس جا ڳوٺ ٻوڙي بچاءُ بند سان ٽڪرائجي منڇر ڍنڍ ڏانهن وھڻ شروع ڪندو آهي ۽ منڇر به موج ۾ اچي ويندي آهي. سو به تڏهن ممڪن هوندو آهي جڏهن بچاءُ بند مضبوط هوندو آهي. ٻي صورت ۾ بئراج ايريا وارن ڳوٺن ۽ شهرن جي ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ ٿي ويندو آهي. ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو آهي.
کيرٿر جابلو سلسلي منجهان شهدادڪوٽ کان دادو تائين وهندڙ کوڙ نئيون ڪاڇي واري ميداني علائقي ۾ پون ٿيون. انهن نئين جو رخ اولھه کان اوڀر طرف آهي. انهن سمورين نئين جا نالا ياد ناهن پر انهن نئين ۾ سيتا نئين، سائين نئين، مزناڻي نئين، سالاري نئين، دلان نئين، کُڙٻي نئين، مکي نئين، گاج نئين، سول نئين، تَڪي نئين، سوري نئين، نلي نئين،ڪڪڙاني نئين، طوق قاسم نئين، هليلي نئين،کنڌاني نئين،انگئي نئين، نئيگ نئين اهم آهن
انهن مذڪوره نئين ۾ وري تاريخ ۽ تهذيبي طور سيتا نئين، مزناڻي نئين ،سالاري نئين ، گاج نئين، نلي نئين ۽ ڪڪڙاني نئين وڌيڪ اهم آهن. انهن نئيُن جي ڍورن ويجهو پٿرن ۽ جبلن تي قديم چٽسالي ملي آهي. نئين گاج ۽ نئين نلي ته انهي قديم چٽسالي ۾ شاهوڪار آهن. انهن نئيُن وٽ پٿرن تي ٿيل قديم چٽسالي سنڌ جو اهم تهذيبي ۽ تاريخي ورثو آهي. پٿرن تي قديم چٽسالي جو سبب انهن نئيُن جي پيٽ ۾ يا انهن ڀرسان ٻارهوئي وهندڙ پاڻي جا ڪيترائي چشما به آهن ته برسات جو پاڻي به وڏن ڍورن ۾ تلاءُ جي صورت ۾ ڪيترن ئي مهينن تائين بيٺل هوندو آهي. گاج نئين ته قديم تهذيب جو گهوارو آهي. گاج بلوچستان جي ضلعي خضدار مان وهندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ توڙي بلوچستان ۾ گاج ڪناري قديم بستيون آباد هيون. گاج جي ٻنهي ڪنارن تي قديم قلعن ۽ دڙن جا آثار موجود آھن. گاج سڀني نئيُن ۾ اهم آهي جيڪا جوهي تعلقي واري ڪاڇي جي علائقي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جنهن تي اندر جبلن ۾ مڏ آبپاشي نظام وسيلي آبادي ڪئي ويندي آهي ۽ اهو آبپاشي نظام به نهايت قديم آهي.
گاج جو وهڪرو بلوچستان جي قلات ڊويزن جي ضلعي خضدار جي علائقي ڪرخ کان به اتر ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ پوءِ موڙ کائي اوڀر طرف وھڻ لڳي ٿو. ضلعي خضدار جي 2 نئيُن ڪوشڪ ۽ سمان تنگ جو وهڪرو سڌو ڪولاچي نئين ۾ پوي ٿو. باغبان واريون نئيون وري کٽان نئين ۾ پون ٿيون جيڪا پڻ ڪولاچي نئين ۾ پوي ٿي. سڀ نئيون ڪولاچي نئين جي وهڪري ذريعي ڪرخ واري علائقي مان وهي نڪرندڙ گاج نئين ۾ ملن ٿيون. جت ڪولاچي ۽ گاج نئين ملن ٿيون ان ماڳ کي گاج-ڪولاچي سڏجي ٿو. اهي سڀ نئيون درياھه آهن. جڏهن گاج اتان نڪري ٿي ته سنڌو درياھ بڻجي وڌندي آهي. ڪرخ وٽ ڊيم آهي جيڪو هن سال بارشن ۾ ٽٽي گاج جي وهڪري ۾ پيو آهي. خضدار ۾ جڏهن بارشون شديد پونديون آهن تڏهن گاج خطرناڪ حد کي ڇهندي آهي ۽ سنڌ ۾ داخل ٿي تباهي مچائيندي آهي. 1984ع ۾ به بارشن ۾ اهڙوئي پاڻي هو پر بچاءُ بند مضبوط هئڻ سبب وهڪرو سلامتي سان منڇر ۾ پيو ۽ منڇر موج ۾ آئي. ان سال مان ڳوٺ علي مراد شاهاڻي جي اسڪول ۾ پوسٽنگ هئڻ سبب ڦاسي ويو هوس ۽ شاھه حسڻ کان ٻيڙي ذريعي بوبڪ ۽ پوءِ جوهي آيو هوس. 1995ع خضدار جي علائقي ۾ شديد بارش پئي ته گاج نئين درياھه ٿي اٿلي جوهي تعلقي کي جاني ۽ مالي نقصان رسايو هو. اٽڪل 25 سال بعد وري هيل گاج خطرناڪ انداز ۾ وهي آئي آهي. 1995ع ۾ سنڌ خاص طور جوهيءُ ۾ مينهن ڦڙي ڪانه پئي هئي پر هن سال سنڌ ۾ به مينهن پيو ۽ ٻيون نئيون به تارو تار وهيون جنهنڪري پاڻي جو دٻاءُ نئيُن ۾ وڌيو ته اٿلي وھڻ لڳيون ته پاڻي بچاءُ بند اچي لڳو. بچاءُ بند جي خاطر خواھه مرمت نه ٿي جنهن ڪري ٽٽي بئراج ايريا ۾ ڪاهي پيو آهي. ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي، روڊ لوڙهي چڪو آهي. منهنجي يادگيري ۾ 1976ع ۾ ٻوڏ بچاءُ بند لوڙهيو هو ۽ جوهي ۽ دادو تعلقا متاثر ٿيا هئا. 2007ع ۾ به وري ساڳي درياهي وهڪري جي ٻوڏ آئي جنهن جو پاڻي قمبر شهدادڪوٽ کان دادو تائين بچاءُ بند ڏئي منڇر ۾ پيو. تڏهن بچاءُ بند دٻاءُ برداشت ڪري ويو هو. 2010ع واري مها ٻوڏ جوهي تعلقي ۾ ڪاڇي ۾ بچاءُ بند سان نيڪال ڪرڻ بجاءِ جوهي بئراج منجهان نيڪال ڪيو ويو جنهن ۾ خيرپورناٿن غرق ٿيو ۽ جوهي بئراج کي ڪٽ ڏئي جوهيءُ تعلقي کي به لوڙهيو ويو. جوهي شهر ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت بچايو.
نقصان جو ڪارڻ بي ڌياني چئجي يا لاپرواهي چئجي جو ٻوڏ کان بچاءُ واري بند جي مرمت نه ٿي سگهي آهي. جيڪڏهن شهدادڪوٽ کان منڇر تائين بچاءُ بند کي چڱي ريت مضبوط ڪيو وچي ته ٻوڏن جا اهڙا خطرا پيدا نه ٿيندا. پاڻي آساني سان منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ڇنڊجي ويندو. جيستائين بچاءُ بند مضبوط نه ڪيو ويندو تيستائين ٻوڏن جي آفت شهدادڪوٽ کان ڇني تائين لامارا ڏيندي رهندي. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *