تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

اهڙي گهرجي ڪو نه جمهوريت

قومي اسيمبلي ملڪ خداد جو قانون ساز هڪ معتبر ادارو آهي ساڳي طرح سنڌ اسيمبلي ۾ به حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ جيڪا مهذب طريقي سان ڪاروائي ٿي رهي آهي اها ڏسندي ئي شرم کان ڪنڌ جهڪي ٿا وڃن. افسوس ٿو ٿئي ته اسان جن نمائندن کي عوام ۽ ملڪ جي مسئلن تي ڳالهائڻ لاءِ چونڊي موڪليو آهي اهي اتي انهن مسئلن تي ڳالهائڻ بدران هڪ ٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ پورا آهن ۽ هڪٻئي کي نالائق ،نااهل چئي غير پارلياماني ٻولي ڳالهائين ٿا. اسان جا ڪي دوست جڏهن هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندي گار گند تي لهي ايندا آهن ته چڱا کين جهليندي چوندا آهن ته بابا غير پارلياماني ٻولي نه ڳالهايو پر هتان جا پارليامينٽيرين پاڻ اها گندي زبان استعمال ڪن ته پوءِ انهن کي سرويچ سجاولي جو اهو شعر ئي چئي سگهجي ٿو ته
لوڌ وزيرن جي جنهن ۾،
ناهي تن کي ڪو به لغام
اهڙي گهرجي ڪو نه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪو نه نظام
تنهنجو منهنجو ڪو به مسئلو
حل نه ڪن جنهن ۾ حڪام
اهڙي گهرجي ڪو نه جمهوريت
اهڙو گهرجي ڪو نه نظام
مراد سعيد، امداد پتافي، تيمور ٽالپر ،حليم عادل شيخ اهڙا ٻيا به گهڻا مشهور آهن جيڪي اسيمبلي جي فلور تي بدزباني جي ڪري نالو ڪڍائي چڪا آهن پر هڪ لائق ۽ عزت وارو نالو سائين ميران محمد شاھ جو ڏوهٽو سائين نويد قمر به ان لسٽ ۾ پنهنجو نالو لکرايو آهي پر وري به امن پسندي جو ثبوت ڏيندي ڪو به خطرناڪ هٿيار استعمال نه ڪيو اٿس. پنهنجي رحمدلي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي “ڪوٽ” کي هٿيار طور ڪتب آندو اٿس اهو ڄڻ سڀني پارليامينٽيرين لاءِ امن جو پيغام آهي انهي ۾ ٻئي فائدا آهن ته خون خرابو به نه ٿيو ته وري ٻئي پاسي دشمن تي به داٻو ويهاري ڇڏيو ته وري نقصان به ڪو نه ٿيو. واھ سائين واھ اوهانجي عقل کي سلام آهي جو اسيمبلي ۾ نئون ٽرينڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو اٿئو ۽ ٻين جذباتي ميمبرن کي صلاح آهي ته سائين نويد جي امن جي راھه تي هلن ته گهڻي نقصان ۽ خواري کان بچي پوندا. جيئن اڳ امداد پتافي نصرت سحر عباسي سان بد تميزي ڪئي ۽ پوءِ وري اسيمبلي جي فلور تي خواري جو کارو کڻي ساڳي عورت کان معافيون وٺي کيس گندي پارائي جان آجي ڪرائي.
بس هاڻي اڳتي ڇا لکجي ملڪ جو ليکو لٿو پيو آهي آخر ۾ سرويچ جو هي نظم سڄي سسٽم جي عڪاسي لاءِ ڪافي آهي
وزرا وفاق وارا پاڍيل پٽاڙ ۾
گورنر گتل ڏسون پيا گند ۽ گپاڙ ۾
هرهڪ اسيمبلي آ جوڳي جي جهاڙ ۾
وڏڙا وزير چارئي چسڪي چٻاڙ ۾
ننڍڙا وزير وسڪي ۽ ٻوٽين جي ٻاڙ ۾
ميمبر مشير ورڪر سودي سٽاڙ ۾
ڪرسين تي ويٺلن کي ڪليون ڪياڙ ۾
بيوروڪريٽ هر هڪ بدليل بگاڙ ۾
ناهي ذرو به ويساھه ڌڻ کي ڌراڙ ۾
ليڊر عمل کان آري الجهيل اناڙ ۾
خالي ٿيو خزانو خرچي کٻاڙ ۾
جڪڙي جمهور ڇڏيا ماڻهو منجهاڙ ۾
پيرن جا هٿ ڏاڍا پٽڪي پڳاڙ ۾
فتنو فسوڙ ڪيڏو مرشد مواڙ ۾
آمر اڃان به آهن اڳرا آکاڙ ۾
بيمار ليکڪن جو درمل دٻاڙ ۾
لڄ لٽ نياڻين جي لکيل نراڙ ۾
باقي عوام آ سا لٽجي لتاڙ ۾
مسڪين محب ماڻهو بک ۽ اگهاڙ ۾
هاري ۽ مزور سارا ڄرڪن جي ڄاڙ ۾
ٿڙڪن پيا اڄ به ٿريا ٿوهر جي پاڙ ۾
وانگي وري ڏسان پيو ويرين جي واڙ ۾
پارن اندر پسو پيا پلجن پراڙ ۾
اسحاق ، ڄام ، مظفر ، هڪڙي سلهاڙ ۾
ايڏي نه شوخ شاعري گهرجي حڪام کي
سرويچ يار ٻڌبين ڌاڙي جي آڙ ۾

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *