تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

انگريزن جي سنڌ ريلوي کان چيني ML-1 تائين

سنڌو جي کاٻي ڪپ تي ڪراچي کان پشاور ريلوي جي مين لائين جنهنکي ML-1 چون ٿا، تنهنکي جديد ڊبل لائين ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري چين ۽ پاڪستان جي سمورين اختيارين ڏئي ڇڏي آهي ۽ اميد آهي ته 1872 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين جنهن۾ 55 ڪلوميٽر ٽئڪسيلا- حويليان سيڪشن به شامل آهي، تي ڪم ايندڙ سال جنوري کان شروع ٿي ويندو.هن وقت ڪراچي کان لاهور ڊبل ريلوي لائين آهي جنهنکي پشاور تائين وڌائي اپگريڊ ڪيو ويندو جنهن سان ريل گاڏي جي رفتار جيڪا هن وقت وڌ کان وڌ 110 ۽ ڪٿي ڪٿي 65 ڪلوميٽر في ڪلاڪ به آهي تيز ٿي 160 ڪلوميٽرن تي پهچي ويندي.
ان منصوبي جي MOU تي جولاءِ 2013 ۾ تڏهوڪي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ بيجنگ ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون ۽ انتي 9 ارب ڊالر خرچ جي ڪٿ هئي جنهنکي هاڻي گهٽائي 6.8 ارب ڊالرن تائين محدود ڪيو ويو آهي.مڪمل منصوبي تي جيڪو 2025ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي 13 ارب ڊالر خرچ جو ڪاٿو آهي جنهن۾ ريلوي اسٽيشنن کي مسافرن کي جديد سهوليتن موجب وسيع ڪرڻ،سڄي لائين تي انجڻن کي بجلي تي هلائڻ لاءِ  132 KV جون 57 گرڊ اسٽيشنون ٺاهڻ، ڪراچي کان ڪوٽڙي مسافر گاڏين لاءِ بلڪل نئين ڊبل ريلوي لائين وڇائڻ شامل آهن. جڏهن ته 160 سال پراڻي روٽ تي موجوده ڊبل لائين ڪياماڙي آئل ٽرمينل، ڪراچي پورٽ، پپري پورٽ، ريلوي مارشلنگ يارڊ، ڌاٻيجي ۾ نئين ٺهندڙ صنعتي زون ۽ ڀرپاسي جي صنعتن جي ڪچي مال، پئداوار ۽ ڳري مشينري جي تيز چرپر جي اهميت سبب فقط مال گاڏين لاءِ ڪتب آندي ويندي جن جي رفتار کي 120 ڪلوميٽر تائين وڌايو ويندو. ان منصوبي تحت نوابشاهه کان روهڙي تائين 183 ڪلوميٽر موجوده پٽڙي کي به مڪمل طور تبديل ڪيو ويندو.
 ان منصوبي ۾ 90 سيڪڙو چيني قرض ۽ 10 سيڪڙو پاڪستاني موڙي شامل آهي.فيزيبلٽي رپورٽ ۾ 3 سيڪڙووياج جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ سيڙپ تي سالياني صافي منافعي جو اندازو 6.3سيڪڙو لڳايو ويو آهي. قرض تقريبا 15 سالن ۾ واپس ڪرڻو آهي. منصوبي جي شرطن تحت ان منصوبي جو ٺيڪو مقابلي وسيلي فقط چيني ڪمپنين کي ئي ڏنو ويندو جيڪي ان منصوبي جي انجنيئرنگ، منصوبه بندي ۽ اڏاوت ڪنديون. اندازو آهي ته ان منصوبي تحت 174,000 ماڻهو روزگار سان لڳي سگهندا. 300 انجڻون، مشينون، سامان، هنر ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان منتقل ٿي سگهندي. مسافرن کي سستي محفوظ ،ماحول دوست سفر جي سهوليت ملي سگهندي جن جو تعداد منصوبي مڪمل ٿيڻ وقت 11 ڪروڙ مسافر ساليانو تي پهچندو جيڪو هن وقت 5 ڪروڙ آهي. ان منصوبي هيٺ حويليان ۾ خشڪ بندر ٺاهڻ جي رٿا پڻ شامل آهي ۽ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ڇهين گڏيل سهڪاري ڪميٽي JCCان رٿا کي سيپيڪ جو اسٽريٽيجڪ منصوبو قرار ڏنو آهي. ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندڙ ان منصوبي سان ان لائين تي روزانو هاڻوڪين 34 بجاءِ 171 ريل گاڏيون هلي سگهنديون ڇوته انتي ڪو ڦاٽڪ نه هوندو. هن وقت ان لائين تي 747 ڦاٽڪ آهن جنمان 252 تي ڪوبه ڦاٽڪ وارو ناهي جهنڪري ڪيترائي موتمار حادثا ٿيند رهندا آهن. انڪري منصوبي هيٺ 727 نيون پليون ٺاهيون وينديون ۽ 196 پراڻين پلين کي نئون ڪيو ويندو. انکانسواءِ ٻه سرنگهون به ٺاهيون وينديون جنجي ڊيگھه 3 ڪلوميٽر هوندي. اهڙي طرح پلين جي هيٺان ۽ مٿان، اليڪٽرانڪ سگنلن ذريعي مواصلات جي خودڪار سرشتي جي مدد سان ٻنهي پاسي خاردار ڪٽهڙن وچ۾ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اها ريل 196 اسٽيشنن تان مائي ڀاڳي جي مشهور لوڪ گيت وانگر،“ تارن مان ترندي، لوڙهن مان لڙهندي، ڪوهيارل ڪوهيارل ڪندي” پنهنجي منزل تي پهچندي. مشهور انگريز شاعر ورڊس ورٿ جنهنکي قدرتي حسن جو عاشق شاعر سڏين ٿا، تنهن ريل جي مخالفت ۾ اپيلون ڪيون هيون ڇوته سندس چواڻي ان سان مال ۾ ٽاهه پوندو ۽ شور ۽ دونهين سبب قدرتي سونهن جو جوڀن جهڪو ٿي ويندو. عوام ريل جي اهو چئي مخالفت ڪئي هئي ته ڊگهو وقت ڦاٽڪ بند ٿيڻ سبب سندن شهرن ڏانهن ويندڙ کير رستي ۾ ئي خراب ٿي ويندو پر ورڊس ورٿ جي ابتڙ هڪ ٻيو انگريز شاعر اسٽيونسن جيڪو ريل جو مداح هو تنهنجو نظم اسانکي قمبر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو ويو تنهن۾ شاعر ريل جي تعريف ڪندي لکيو هو ته؛
اها پرين ۽ ڏانئڻين کان به تيز،
اک ڇنڀ ۾ سيٽيون وڄائيندي،
گذرندڙ اسٽيشنن جا عڪس چٽيندي،
گهرن۽ لوڙهن، پلين ۽ کڏن کي پوئتي ڇڏيندي،
رڍن جي ڌڻن ۽ گهوڙن جي وچ منجهان،
ماٿرين ۽ ميدانن جا نظارا ڪرائيندي،
جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن لشڪر جيان،
ايئن ڪڙڪندي پئي هلي،
ڄڻ هجي تيز مينهن ۾ ڪا وڄ!
جتي جتي انگريز ويو اتي ساڻ ريل کڻي ويو جن اتان جي سماج کي تبديل ڪيو’ خاص طور وقت جي پابندي ۽ گورننس ۾ انقلاب اچي ويو.اڄ کان ڏيڍ صدي کان به مٿي 1861ع ۾ هاڻوڪي پاڪستان ۾ سڀ کان پهريائين سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي 173 ڪلو ميٽر ڊگهي پٽڙي هڪ خانگي ڪمپني سنڌ ريلوي پاران ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي جنهن جي منظوري ايسٽ انڊيا ڪمپني ڏني هئي.انجو مقصد اهو هو ته سمنڊ تان سامان جيڪو سنڌو درياءِ وسيلي پهريائين جهرڪ جي بندر وسيلي آگبوٽن تي رکي نيو ويندو هو ۽ جنهنجي ڪوٽڙي پهچڻ ۾ هفتي کان به وڌيڪ وقت لڳندو هو ۽ رستي ۾ اڌ کان مٿي سامان ڪيٽين،برسات ۽ ٻوڏن سبب ضائع ٿي ويندو هو تنهن کي بچائجي .ريلوي اچڻ سان اهو وقت گهٽجي پنجن ڪلاڪن 5 تي پهتو.سڀ کان پهريائين ڪياماڙي ۽ هاڻوڪي ڪينٽ اسٽيشن وچ۾ جنهنکي سنڌ جي ڪمشنر جي نالي پويان فريئر روڊ اسٽيشن سڏيو ويندوهو ، ريل هلائي وئي جنهن کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو ڪهي آيا. کين اعتبار ئي نه پئي آيو ته ٻاڦ تي ايڏي طاقتور ريل هلي سگهي ٿي ۽ انکي جن ۽ شيطاني طاقت سڏڻ لڳا.
ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءَ ڪري پل نه هئڻ سبب پهريائين ڪوٽڙي کان دادو ۽ لاڙڪاڻي وسيلي سکر تائين سنڌو ندي جي ساڄي پاسي هڪ ٻي ڪمپني انڊس ويلي ريلوي 1873ع ۾ پٽڙي وڇائڻ شروع ڪئي جيڪا حبيب ڪوٽ رستي سکر تائين ڇهن سالن ۾ ٺهي پوري ٿي پر وري سکر کان روهڙي پهريائين سامان ۽ پوءِ ريل جا گاڏا ٻيڙن تي چاڙهي ٽپايا ويندا هئا ڇوته هتي به سنڌو درياءَ تي پل نه هئي انڪري لنڊن جي يارڊ ۾ اسٽيل جي پل ٺاهي ٺاهي 1887ع ۾ سرزمين تي هڻڻ شروع ڪئي وئي ۽ 25 مارچ 1889ع تي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لينسڊائون ان پل جو افتتاح ڪيو جنهن جي نالي تي اڄ به پل قائم آهي .3,000 ٽن وزني اها ان وقت دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي گرڊر پل هئي جنهن تي 2,696,000 رپيا خرچ آيو ۽ چار مزدور شهيد ٿيا.
ڪوٽڙي واري پل ڪوٽڙي ۽ حيدرباد وچ۾ سنڌو درياءِ مٿان پهريون دفعو ڊسمبر 1894ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي۽ 25مئي 1900ع ۾ ان کي کوليو ويو .جنهن سان سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي به ريل هلڻ شروع ٿي.
جنوري 1880ع ۾ انگريزن سنڌ ريلوي، پنجاب ريلوي ۽ دهلي ريلوي کي پاڻ۾ ضم ڪري انکي سرڪاري ملڪيت ۾ وٺي انجو نالو نارٿ ويسٽرن ريلويNWR رکيو. پاڪستان ٺهڻ بعد اوڀر پاڪستان ۾ انجو نالو PER ۽ هاڻوڪي يا اولھه پاڪستان ۾ انجو نالو PWR رکيو ويو پر بعد ۾ 1974ع ۾ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ بعد انجو نالو پاڪستان ريلوي يا PR رکيو ويو.شروع ۾ ان ۾ فرسٽ، سيڪنڊ يا انٽر ۽ ٿرڊ ڪلاس هوندا هيا پر آڪٽوبر 1973ع ۾ يهودين جي روزي واري يوم ڪپور تي اسرائيل تي مصر شام جي حملي سبب سئز ڪينال بند ٿيڻ سبب تيل جو عالمي بحران شروع ٿيو انڪري عالمي منڊي ۾ تيل راتو رات 3 ڊالرن مان وڌي 12 ڊالر في بيرل تي پهتو.ڀٽو صاحب هوشيار ماڻهو هو انڪري ڪراين وڌائڻ بجاءِ اعلان ڪيائين ته هو چاهي ٿو ته عوام جو معيار زندگي وڌي ۽ عوام ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر نه ڪري انڪري ٿرڊ ڪلاس جو نالو سيڪنڊ،انٽر جو فرسٽ ۽ فرسٽ جو سليپر ڪلاس رکيو ويو .ايئن ڏهائي سسٽم جي نالي ۾ پئٽرول گيلن بجاءِ لٽر ۾ وڪرو شروع ڪيو ويو.
آڪٽوبر 2016 ع ۾ مونکي چين گهمڻ جو موقعو مليو. بيجنگ ويجهو دنيا جو هڪ عجوبو عظيم چيني ڀت جيڪا چنڊ تان به نظر اچي ٿي ، ڏسي سوچيوسين ته بيجنگ کان اڳين منزل شنگهائي ريل جو سفر ڪجي. مفاصلو تقريبا ڪراچي-پشاور برابر هو پر تيز رفتار ريل سبب انجو ڪرايو جهاز برابر هو حالانڪه اسان ايڪنامي ڪلاس ۾ سفر ڪيو جڏهن ته ان ئي ريل ۾ فرسٽ ۽ بزنس ڪلاس به هئا. فرسٽ ڪلاس ته بلڪل خالي هو جڏهن ته بزنس ۾ ڪجهه مسافر سفر ڪري رهيا هئا. ريل 303 ڪلوميٽر جي رفتار سان ڊوڙندي اسانکي پنجن ڪلاڪن ۾ پنهنجي منزل تي پهچايو. رستي ۾ ان هڪ هڪ منٽ جا پنج اسٽاپ به ڪيا جتي مسافر لٿا ۽ چڙهيا .ريلوي اسٽيشنون ڪنهن ايئرپورٽ جو ڏيک ڏئي رهيون هيون. ريل جي سفر مان اهو فائدو ٿيو ته رستي ۾ شهرن جي رنگ روپ، ليزر تي سڌين زرعي زمينن ۽ ماڻهن جي زندگي کي ڏسڻ جو به موقعو مليو. عام طور ريلوي سٽيشنن ويجهو شهر جي صاف ڀتين تي چيني ۾ تصويري تاريخ به لکيل هوندي هئي ۽ ڪٿي ڪٿي ڦاٽڪ به نظر آيا پر 200 ميل في ڪلاڪ رفتار سان هلندڙ ان ريل ۾ ڪو شور، دز يا لوڏ بلڪل به نه هئي.
سنڌ سرڪار ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ML-1 جي هن عظيم منصوبي ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن تي نظر رکي عوام کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ۽ چيني سفارتڪارن سان رابطو رکي انهن جي تعاون سان سنڌ جي عوام لاءِ روزگار ۽ خوشحالي جي موقعن مان وقت سر فائدو وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *