تازا ترين
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

انسانيت کي ڌوڏيندڙ واقعو ۽ قانون لڄائيندڙ پوليس

هر ڏوهه مذمت جوڳو آهي ۽ هر ڪڌو ڪم نفرت جهڙو آهي پر ڪي ڏوهه انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي وجهندا آهن ،سماج کي ڌوڏي ڇڏيندا آهن ۽ هر ماڻهو ڄڻ ته سڪتي ۾ وٺجي ويندو آهي،اهڙو ئي هڪ واقعو لاهور ڀرسان پيش آيو آهي جنهن ملڪ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هر ماڻهو تي هڪجهڙو خوف ۽ دهشت طاري ڪري ڇڏي آهي،ماڻهو انهي واقعي، سانحي جو ٻڌي ان جي خوف مان نڪرڻ ۽ پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ان واقعي متعلق پوليس آفيسر جي هڪ بيان انهن جي پريشاني ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو .
پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ڀرسان ملڪ جي اهم شاهراهه موٽر وي تي هڪ عورت کي جوابدارن سندس ٽن ٻارن جي سامهون لڄالٽ جو نشانو بڻايو آهي .عورت پنهنجي ٽن ٻارن سان گڏ موٽر وي تي وڃي رهي هئي ته گاڏي جو پيٽرول ختم ٿيڻ سبب هن موٽر وي پوليس کي ڪال ڪئي جتان کيس ڪو ريسپانس نه مليو ته هن پنهنجي گهر واري کي ڪال ڪري ان جو گاڏي ۾ ئي انتظار ڪري رهي هئي ته ڪجهه جوابدارن اچي سندس گاڏي جا شيشا ٽوڙي سندس ٻارڙن آڏو ئي ان جي لڄالٽ ڪئي،اهڙي خوفناڪ واقعي جي ڳالهه ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سي سي پي او اهڙيون ڳالهيون ڪيون جن کي ٻڌي واردات جي ڳالهه ٻڌڻ وانگر ماڻهو وري سڪتي ۾ وٺجي ويا ،سي سي پي او صاحب واردات ، جوابدارن ۽ پوليس جي ڪردار تي ڳالهائڻ بدران فرمائي رهيو هو ته اها عورت رات جي وقت بنا ڊرائيور جي موٽر وي تي ڇو وئي؟جيڪڏهن وڃڻو ئي هيو ته جي ٽي روڊ تان ڇو نه وئي ۽ نڪرڻ کان اڳ گاڏي جو پيٽرول ڇو نه چڪاس ڪيائين؟هن واقعي ۽ انهي کانپوءِ پوليس آفيسر جي ڳالهين پوليس جي ڪردار ۽ ذميواري تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن،پهريون سوال ته انهي موٽر وي پوليس بابت آهي جنهن جي اهم ذميواري ئي موٽر وي تي ٿيندڙ هر غير قانوني سرگرمي تي نظر رکڻ يا مسافرن سان ڪا ايمرجنسي جي صورت ۾ انهن جي مدد لاءِ پهچڻ آهي. جنهن لاءِ گاڏين کان عام رستن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٽول ٽيڪس به اوڳاڙيو وڃي ٿو ته موٽر وي پوليس کي روايتي پوليس کان وڌيڪ سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون پر هن واقعي کانپوءِ ظاهر ٿيو آهي ته موٽر وي پوليس جيڪا پنهنجي فرض نڀائڻ جي حوالي سان عام پوليس کان بهتر سمجهي ويندي هئي اها به روايتي پوليس وانگر حد جي تڪرار ۾ ڦاسي ماڻهن مدد ڪرڻ لاءِ نه ٿي پهچي.پوليس جي ڪردار تي روايتي طور تنقيد ٿيندي رهي آهي پر هن واقعي کان پوءِ ذميوار پوليس آفيسر سي سي پي او لاهور جون ڳالهيون نه رڳو ڇرڪائيندڙ پر ڊيڄاريندڙ آهن جنهن سڄي سماج کي هڪڙي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،ڇا هاڻي هر ماڻهو کي نڪرڻ وقت اهو سوچڻو پوندو ته ڪهڙي رستي سان نڪرڻ گهرجي ،ڇا اهو به سوچڻو پوندو ته رات جي وقت نڪرڻ معنيٰ خطري کي دعوت ڏيڻ،ڇا ڪا عورت پنهنجي ٻارن سان گڏجي ڪٿي ڪنهن ڪم سانگي ڪنهن مائٽن سان ملڻ يا گهمڻ لاءِ نه ٿي نڪري سگهي اهو به اهڙي رستي تي جيڪو ملڪ جي سڀني رستن کان وڌيڪ محفوظ سمجهيو وڃي ٿو .رياست ۽ پوليس جنهن جي ذميواري ئي ماڻهن جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ آهي اها پاڻ ئي جوابدارن ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ بدران ماڻهن کي رڳو گهرن ۾ ويهڻ جون صلاحون ڏيڻ لاءِ آهي ڇا ؟ هن واقعي ۽ سي سي پي او جي ڳالهين پوليس جي رويئي بابت عام ماڻهن جي ڳالهين کي سو سيڪڙو درست ثابت ڪيو آهي ته پوليس نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي ۽ پوليس عوام دوست هجڻ بدران انهن جي اهنجن ۾ اضافي جو سبب ۽ ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي .اسان سمجهون ٿا ته سي سي پي او جي اهڙي بيان کان پوءِ کيس وڌيڪ انهي عهدي تي رهڻ جو ڪو جواز نه ٿو بچي ۽ ملڪ ۾ پوليس نظام ۾ بنيادي سڌارن جي ضرورت آهي جيئن عوام بنا خوف جي پنهنجي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ گهمي ڦري سگهي.سي سي پي او جي اهڙي بيان نه رڳو قانون پر انسانيت کي ئي لڄائي ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *