تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

امڪاني برسات ۽ سرڪاري اپاءُ

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته سڀاڻي کان تيز برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو جيڪو پهريان 2 ڏينهن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميپورخاص ڊويزنن ۾ هوندو جنهن بعد اهي برساتون سنڌ جي اترين علائقن ۾ پونديون. برسات قدرتي نعمت آهي، برساتن جو پوڻ لازمي آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي جي کوٽ سميت سنڌ جا اڪثر وارياسا ۽ جابلو علائقا برساتي پاڻي تي ئي آباد ٿين ٿا، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان کان وٺي ناري تائين ڪروڙين ماڻهن جو گذر سفر برساتن تي آهي مينهن پوندا آهن ته تڏهن ئي فصلن پوکبا آهن، گاهه ڦٽندا آهن، ماڻهن سان گڏ مال جو به چارو ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ برسات کي رحمت تصور ڪيو ويندو آهي پر اسان وٽ اها رحمت سرڪاري بد انتظامي سبب زحمت بڻجي ويندي آهي نديون نالا اٿلي گهرن تائين پهچندا آهن، گٽر پلٽبا آهن، واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳندا آهن برساتي نقصان کان بچائڻ لاءِ4 فنڊ ڄڻ ته رکيا ئي ان لاءِ ويندا آهن ته جيئن ڪامورا هڙپ ڪري سگهن. اسان وٽ يونين ڪائونسل کان وٺي ميونسپل پارٽي ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن تائين سمورا ادارا هر ڇهين مهيني سرڪار کي اهو خط لکي التجا ڪندا آهن ته ملازم وڌيڪ آهن انهن کي پگهار نه ٿا ڏئي سگهون ان ڪري فنڊ وڌايا وڃن. جڳ جهان کي خبر آهي ته ميونسپل ادارن ۽ انهن جي ملازمن جو ڪم ڪهڙو هجي ٿو، يقينن هي ادارا نه اسپتالون آهن نه .ئي انهن جا ملازم ڪي ڊاڪٽر آهن جو ماڻهن جو علاج ڪن، هنن ادارن جي ڊيوٽي ۾ شامل آهي ته گٽر نالا صاف هجن، نيڪاسي جو نظام بهتر هجي، صفائي سٿرائي هجي ۽ انهن ادارن جي ملازمن جي به اها ڊيوٽي آهي ته هو هونهن ته سال جا 12 ئي مهينا معمول جون ڊيوٽيون ڪن پر برساتن ۽ هنگامي حالتن ۾ سندن ذميواريون وڌي وڃن ٿيون، اسان وٽ صورتحال اها آهي جو برسات جي ڏينهن ۾ خبرون اچڻ شروع ٿينديون آهن ته ميونسپل عملو خود گٽرن ۾ پٿر وجهندي پڪڙبو آهي اهڙي ريت آبپاشي کاتو سڄي سال واهن ۽ شاخن جا بند مضبوط ڪرڻ بدران فنڊ اچڻ جي انتظار ۾ رهندو آهي ۽ برساتن جي ڏينهن ۾ وري هٿرادو گهارا هڻائڻ جا پڻ اطلاع ايندا آهن. ادارن جي ان بدانتظامي ۽ سستي جي ڪري ماڻهو برساتن جي ڏينهن ۾ ڪنهن تفريحي ماڳ تي وڃڻ ۽ خوش ٿي برسات جو مزو وٺڻ بدران گهرن مان پاڻي اپائيندي، گٽرن جا هول کوليندي، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جا گهارا بند ڪندي گذاريندا آهن. هي برساتون ڀلي ٿوريون ئي پون پر نقصانڪار ان ڪري ٿين ٿيون جو ادارا پنهنجي ذميواري پوري نه ٿا ڪن سنڌ ۾ ميونسپل جو هڪڙو مڪمل نظام آهي ان نظام کي ڪرپشن جي ڌٻڻ مان ڪڍي ڪم لائق بڻائجي ته هي برساتون تباهي آڻڻ بدران سک ۽ خوشحالي آڻي سگهن ٿيون. گذريل 2 هفتا اڳ جيڪا برسات پئي هئي اڃا تائين سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اهو برساتي پاڻي بيٺل آهي ۽ نيڪال ناهي ٿي سگهيو. مٿان وري هي جيڪڏهن نئون برساتي سلسلو شروع ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڳوٺن ته ڇا پر شهرن ۾ به ٻوڏ جا منظر هوندا. سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي بعد حيدرآباد ۽ ميرپوخاص جي دوري تي نڪتل آهي، وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب اهي گڏجاڻيون برساتن جي نقصان کان بچڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، ”پنهنجي اخبار “ سمجهي ٿي ته سنڌ سرڪار کي ڪراچي شهر سان گڏوگڏ سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ به برسات کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن برساتي پاڻي صرف ڪراچي جي گجر نالي ۾ گڏ نه ٿو ٿئي پر واهي پانڌي کان وٺي اوٻاوڙي تائين، شاهپور چاڪر کان وٺي ٽنڊي باغي تائين، سجاول کان سانگهڙ تائين سنڌ جي سمورن شهرن ۾ گٽر نالا اهڙي ريت پلٽي گهرن ۾ داخل ٿين ٿا جهڙي ريت ڪراچي جو گجر نالو پلٽي ٿو، انڪري سنڌ سرڪار کي سڄي سنڌ کي هڪڙي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي. امڪاني برسات جي تباهي کان بچڻ لاءِ ترت جوڳا اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن اها برسات زحمت بڻجڻ بدران رحمت بڻجي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *